DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، پر جن شخصيتن پنهنجي فڪر، فن ۽ انسان دوستيءَ وسيلي دنيا جي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو، انهن مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار سڀ کان روشن نالو آهي. لطيف سرڪار رڳو سنڌ جو شاعر نه، پر عالمي ليول جو اهڙو  مفڪر آهي، جنهن جو پيغام وقت، نسل، مذهب، ٻولي ۽ سرحدن کان مٿانهون آهي. سندس شاعري انسانيت، محبت، امن، سچائي، حوصلي ۽ روحانيت جي اهڙي ترجمان آهي، جيڪا هر دؤر جي انسان جي دل کي ڇهندي رهي ٿي. عالمي شاعر اهو هوندو آهي، جنهن جو پيغام ڪنهن هڪ خطي تائين محدود نه هجي، پر سڄي انسانيت لاءِ هجي. شاهه لطيف جو ڪلام اهڙي ئي آفاقي سوچ جو آئينو آهي. هن مارئي، سسئي، سهڻي، مومل، نوريءَ ۽ ٻين ڪردارن وسيلي صرف سنڌي سماج جون ڪهاڻيون بيان نه ڪيون، پر انسان جي اندر جي جدوجهد، وفاداري، آزادي، عشق، قرباني ۽ اميد کي امر بڻايو. اهو ئي سبب آهي جو سندس رسالو پڙهندڙ کي پنهنجي زندگيءَ جو عڪس محسوس ٿئي ٿو.
لطيف سرڪار جي عظمت جو هڪ وڏو سبب سندس انسان دوست فڪر آهي. هن انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ، نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ سچ جي راهه اختيار ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس شاعري ۾ ڪنهن به قسم جي تعصب، تنگ نظري يا نفرت جي جاءِ ناهي. اهو ئي عالمي ادب جو بنيادي وصف آهي ته اهو انسان کي انسان سان جوڙي لطيف جي شاعري ۾ فطرت سان عشق پڻ نمايان آهي. ٿر جا ريگستان، سنڌو درياهه، جبل، وڻ، پکي، مينهن، هوا ۽ ڌرتي سندس ڪلام ۾ صرف منظرنگاري ناهن، پر اهي انسان جي روحاني سفر جا استعارا بڻجي وڃن ٿا. دنيا جا وڏا شاعر به فطرت کي اهڙي گهراين سان بيان ڪندا رهيا آهن، ۽ شاهه لطيف انهيءَ روايت جو هڪ بي مثال نمائندو نظر اچي ٿو. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهي جملي خوبيون بدرجي اتم موجود آهن جيڪي هڪ  عالمي ليول جي بهترين شاعر ۾ موجود هجڻ گهرجن۔ . شاهه لطيف تصوف کي به نهايت سادي ۽ عام فهم انداز ۾ پيش ڪيو. سندس نظر ۾ خدا تائين پهچڻ جو رستو انسانيت جي خدمت، عاجزي، محبت ۽ سچائيءَ مان گذري ٿو. اهو پيغام رومي، سعدي، حافظ ۽ ٻين عالمي صوفي شاعرن جي فڪر سان هم آهنگ محسوس ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري لطيف جو نالو دنيا جي وڏن روحاني شاعرن جي صف ۾ وڏي عزت سان ورتو وڃي ٿو. لطيف سرڪار جي شاعري جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته هر دؤر جو پڙهندڙ ان مان پنهنجي زماني جا سوال ۽ انهن جا جواب ڳولي سگهي ٿو. اڄ جڏهن دنيا جنگين، بيچيني، ماديت، ماحولياتي بحران ۽ اخلاقي زوال سان منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن لطيف جو پيغام وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو. سندس سڏ محبت، برداشت، اتحاد ۽ اميد ڏانهن آهي، جيڪو اڄ جي عالمي سماج جي وڏي ضرورت آهي.
اسان جو فرض آهي ته شاهه لطيف کي صرف رسمن تائين محدود نه رکون، پر سندس فڪر کي تحقيق، ترجمن، بين الاقوامي سيمينارن ۽ جديد ڊجيٽل ذريعن وسيلي دنيا تائين پهچايون. جڏهن لطيف جو پيغام مختلف ٻولين ۾ پڙهيو ويندو، تڏهن دنيا وڌيڪ چٽي نموني محسوس ڪندي ته سنڌ جي هن عظيم شاعر جو مقام واقعي عالمي آهي.
حاصلِ مقصد اهو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار صرف سنڌ جي سڃاڻپ نه، پر سڄي انسانيت جو قيمتي ادبي ۽ روحاني سرمايو آهي. سندس شاعري وقت جي قيد کان آزاد آهي، سندس فڪر سرحدن کان مٿانهون آهي، ۽ سندس پيغام هر دل لاءِ آهي. اهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
لطيف سرڪار جو نالو دنيا جي عظيم شاعرن جي فهرست ۾ هميشه عزت، احترام ۽ محبت سان روشن رهندو. لطيف سائين جي 282 ھون عرس جي مناسبت سان سڄي سنڌ کي لک لک وڌايون ھجن، ڊجيٽل سنڌ ميگزين سٿ پاران لطيف سائين کي خراج عقيدت پيش ڪجي ٿي!

***