DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
عشق  جو سفر ڪندڙ اهو عاشق ئي ڄاڻي ٿو،  جيڪو  جبل جيڏو سفر جھاڳي ٿو !  اھو سفر سڻائو ڪونهي ، هر وک تي ڪنڊا  ۽  پير پٿون  ڪندڙ پٿر وڇايل هجن  ته هڪ عاشق جو ڪهڙو حال هوندو، پر محبوب  ۽ معشوق کي ماڻڻ  ۽ سندس مک تي مرڪ ڏسڻ لاءِ عاشق اهي سڀ تڪليفون ڏک جهولي ۾ ڀري هلندو رھي ٿو . عاشق کي اھا به خبر آهي ته معشوق وٽ ڪو قياس ڪونهي ۽ کيس نه ملڻ  جي ميار ڏيندي بھ انهي آس ۾ هوندو آهي ته هڪ ڏينهن ضرور معشوق سان ميلاپ ٿيندو  ۽ پوءِ راھ ۾ آيل سڀ دک درد لھي ويندا.  عشق جا ڪيئي رنگ روپ، پر مجازي عشق ڏاڪو آھي، حقيقي عشق جو.                                             
عمران جيلاني  انهيءَ  رمز عشق  کي  ”تقي شاھ جو ڪلام“  ۾  قلمبند ڪري هڪ شاھڪار ڪتاب جو  سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي.  پنهنجن وڏڙن جي ورثي کي سانڍڻ  ۽  سندن خدمتن کي عالم آڏو آشڪار ڪرڻ اسانجو فرض به آهي ته وري ايندڙ ٽهي کي سندن ڪيل خدمتن جو ڏس ڏيڻ بھ آهي .
جڏھن تھ  اسان وٽ بزرگن  ۽ مزارن کي فقط عقيدت جو جبو پارائي لوڪ آڏو نروار ڪيو ويندو آھي،  پر حقيقت ۾ سندن ڪردار ڪهاڻي کي ڪٺو ڪري پيش ڪرڻ، هڪ همٿ ڀريو ۽ محنت طلب ڪم آهي ۽ اهو ڪم، عمران جيلاني ڪري ڏيکاريو آهي.
پاڻ به هڪ سٺي ذميوار  انجنيئر سان گڏ  شاعر ، نثرنگار  ۽ ادبي سنگت جو جاکوڙي ڪردار رهيو آهي.  سائين تقي شاھ  سندس خاندان جو بزرگ ۽ شهر واسين جي عقيدت جو مرڪز رھيو آهي. عمران جيلاني انهي عڪس کي،  انهي اولڙي کي،  نثر  ۽ نظم جو روپ ڏيئي، ڪتاب ۾ قيد ڪري هڪ چٽي  تصوير ٺاهي، لوڪ آڏو  ظاهر ڪئي اٿائين. سائين تقي شاھ   جي هٿ لکڻي/ قلمي نسخي کي  مني صدي کان  سنڀالي سانڍي رکڻ ،  وري پڙهي  ڪمپيوٽر تي ڪاپي ڪرڻ کان وٺي سندس جنم ڀومي جي ڪهول ڪهاڻي کان، ڪرت ڪهاڻي جي سفر تائين مواد گڏ ڪرڻ ،  ڪتابن  جي ڳولا، حوالا، ماڻهن کان ڳالهيون ٻڌي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري لکڻ تائين واري سفر ۾ عشق ئي ته آهي جنهن  ”عاشق تقي شاھ “ کي ڳولي لوڪ اڳيان هڪ انسان دوست، صوفي،  خدمت گذار، امن پسند،  سماج سڌارڪ،  حلال روزي جو متلاشي  ۽  واهڙ وسندين کان ويندي عالم اڪابر جي اڱڻ تان ٿيندو،  مڪي مديني جي چائنٺ چمي، ايران، عراق، شام  ڪربلا جي ڪونڌرن جي آستانن  جون ڪهاڻيون جهولي ۾ ڀري اچي،  باڊهه  جي تقي شاھ  جي هن محلي کي آباد ڪيو.
" عاشق تقي شاھ " جي اڱڻ اچو،       
ڏاڍيون خوشيون مان  ڪيان،        
سر  سارو  گھوري  گهمايان،          
پير  پرين   تنھنجا   چمان !          
سائين تقي شاھ  پنهنجي فرض کي نڀائيندي سکر (سکين ماڻهن جو  شهر )  ماڻهن  واري سکر  شهر  کان شيرل باڊاهي جي  بيوس باڊهه  جي ماڳ تي پهتو. هي سفر ظاهري ۾ سندس فرض ۾ شامل هيو،  ليڪن باطني طور سندس عشق جو سفر هو.
  هن ڪتاب ۾ ڏنل سندس هٿ لکڻي جو هڪ ورق آهي، جيڪو انھي ڳالھھ کي هٿي ٿو ڏيئي ته سندس علم ادب سان گهڻو لڳاءُ هو.  ادب ۾ انهن ڏينهن ۾  پابند شاعري جو راڄ هوندو هو. ان وقت هن شاعر  خوب پڙهي  ۽ ڪڙهي پوءِ ويهي لفظن جي معيار کي ڄاڻي اکرِ  عاشق جي اڌمن کي ڪاغذ تي اوتيو.
  سائين تقي شاھھ ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، سندس سھڙيندڙ عمران جيلاني  ڪتاب ۾ انهن صنفن (ڪافي، غزل  نما ڪافي، نظم نما ڪافي،  وائي  نما ڪافي، ڏوهيڙو، مداح، منظوم  نظم،  سھھ اکري  / ٽيھھ اکري ) جي سمجهاڻي  ۽ وصفون  ڏئي پڙهندڙ لاءِ وڌيڪ آساني ڪئي آهي.   
وڇوڙو، جدائي،  فراق هڪ آفاقي الميو ۽ هر انسان جو موضوع رهيو آهي. انسان لاءِ وڇوڙو  هڪ درد ناڪ پھر هوندوآهي، ڀلا هڪ شاعر ڪٿي ٿو انهي ساعت مان صحيح سلامت نڪري سگهي  ۽ انهي خوف کي ته  هي  نفيس عاشق شاعر  هيئن ٿو بيان ڪري:                                   
" عاشق تقي شاھ " عشق آ اڻانگو ،           
عاشقن لاهي ڇڏيو  آسر تئون سانگو ،        
نينھن ڪيو آ مان کي نانگو ،                  
ڪر   مان  کي نه دلبر  ڌار!                    
سندس شاعري ۾ هن عاشق تقي شاھ رح کي عشق جي اڙانگن پيچرن واري پنڌ جي پروڙ آهي، پر  منزل، معرفت  ۽ معشوق جي  نھ ملڻ جي خوف کي هر هر ورجائيندو رهي ٿو،  پر اميد آس سندس روحاني آستاني کي آسيس ڏيندي رهي ٿي.
نيڻن ناهي ننڊ آرام، 
من اچي ڪو پرينءَ جو پيغام،
من پاڙين پرينءَ پنهنجو انجام، 
دم دم دلبر ڏي ويٺو نهاريان!
سندس شاعري پڙهندي ڪٿي ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ هن عاشق شاعر جو معشوق  هتي ڪٿي، درياھ جي ڪنهن ڪنڌي  لڳ ڪنهن شهر ۾، ڪنهن اڻڄاڻ گهٽي جو رهواسي آهي ۽ شايد ورهاڱي واري ويل،  وڃڻ جون وايون پيو ڪري  ۽ عاشق کيس منٿ ميڙ پيو ڪري ته  تون  نه  وڃ ! مون  کي  پاڻ کان جدا نه ڪر  ...!!  ۽ هاڻي ته معشوق به وڇوڙي جي خوف واري ڪيفيت کان، کيس خط لکڻ ڇڏي ڏنا آھن!  
وساري ڪين ويهن، پرين پرديس نه وڃن، 
هتڙي شال هجن، اڱڻ منهنجي پيا اچن. 
ڪونه لکو ٿا خط ڪو پرينءَ مان ڏي،
جيڪر اچان مان هيڪر اوهان ڏي، 
هڪ  واري  وڃ  منهنڙو  ڏيکاري، 
دم دم  دلڙي توکي ٿي سنڀاري! 
يا
عاشقن جي دل ديواني ڪري،
وڃي  ويٺي  آهين  ٿي نماڻي،
باقي عمر آهي الائي ڪيتري، 
وڃي  ٿي   رات  وهاڻي! 
۽ جڏهن رات وهامڻ لڳندي آهي ته هڪ سماع واري ڪيفيت ڪائنات ۾ روح اوتڻ لاءِ آتي هوندي آهي  ۽ پوءِ ڀلا هن سماع جي ساعتن کان سائين عاشق تقي شاھ رح ڪٿي ٿو دور رهي سگهي!  اهائي ته ويل ھوندي آھي، مستن جي مستي جي، عاشقن جي عاشقي جي! سڀ دنيا جا رنگ ڪچا ۽ روحاني راھ  جا رستا پڪا  ۽ چٽا ٿي پوندا آهن. مستي ۾ جهومڻ  ڀلي لوڪ کي نه وڻي، پر هن مستن ۽ عاشقن جي معشوق سان ملڻ واري گهڙي هوندي آهي. هن ئي آستاني تي سندس حياتي ۾ سماع واريون ساعتون سلجڻ لڳيون  ۽ هن عاشق، انسان دوست  ۽ صوفياڻي رنگ ۾ رچيل  سائين تقي شاهه جي اھا ڳالھھ ته جنهن ۾  مذهبي ڪٽر پڻي کان آجي سنڌ، محبت سندي ماڳ واري سنڌ وارو عڪس اڄ به لوڪ اڳيان عيان آهي ته، ” مان فقير سيد آهيان،  منهنجي توهان ٻنهي ڌرين کي هدايت آهي ته، جهيڙن کان پاسو ڪيو، امن سان رهو، پيار ۽ محبت سان رهڻ ۾ محبوب ريجھي ٿو  ۽ راضي ٿئي ٿو، ويڙهاند  ۽ نفرت ۾ ڪجهه ناهي رکيو. تڪبر  ۽ وڏائي ڇڏي، جي هيڪڙائيءَ کي سمجھو  ۽ رب کي ياد ڪيو.“
سدا مارن کي ويٺي ٿي ساريان،   
نيڻن مئون نير ويٺي ٿي هاريان . 
جوڳياڻي ٿي جانب گهر گهر ووڙيندس،
جبل ٽڪر مان ڏونگر ڏوريندس ،

ڳولي لهنديس مارن کي جيءَ  پئي جهوريان!!