DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌي جديد ادب ۾ ڪي اهڙا تخليقڪار پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي خاموش مزاج، داخلي ڪرب ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن کي اهڙي سچائيءَ سان اظهاريندا آهن، جو سندن شاعري رڳو لفظن جي ترتيب نہھ رهندي آهي، پر هڪ مڪمل احساساتي دنيا بڻجي ويندي آهي. علي صفدر بہھ اهڙن ئي حساس، درد رکندڙ ۽ فڪري طور سگهارن شاعرن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي مختصر مگر بامقصد ادبي زندگيءَ ۾ سنڌي ادب کي اهم تخليقي ورثو ڏنو. علي صفدر جو اصل نالو صفدر علي ولد بشير احمد چانڊيو هو، جڏهن تہ ادبي دنيا ۾ هو "علي صفدر" جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هن پهرين مارچ 1983ع تي ڳوٺ جمال خان چانڊيو، تعلقي قنبر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد بشير "بيوس" چانڊيو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہھ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باگو ديرو قنبر ۽ انٽر گورنمينٽ شاھ لطيف ڪاليج قنبر مان پاس ڪيائين. غربت ۽ مالي مشڪلاتن سبب وڌيڪ تعليم حاصل نہھ ڪري سگهيو، پر علم، ادب ۽ تخليق سان سندس عشق ڪڏهن بہھ گهٽ نہھ ٿيو. روزگار جي حوالي سان هن محنت مزدوري ڪئي، ڪجهہ عرصو سعودي عرب ۾ رهيو، پر سندس اندر جو شاعر ۽ تخليقڪار هر حال ۾ زنده رهيو. وطن واپس اچڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن 2001ع ڌاري پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جمال خان چانڊيو جو بنياد وڌو. ٻارن لاءِ ادبي ۽ سماجي تنظيم قائم ڪري نوجوانن ۾ ادب ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيائين.
علي صفدر گهڻ رخي ادبي شخصيت جو مالڪ هو. هن غزل، گيت، وائي، بيت، نظم، ناول ۽ ڪهاڻي سميت مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو. سندس ادبي استاد سرمد چانڊيو هو، جنهن جي فڪري اثرن سندس تخليق ۾ گهري ڇاپ ڇڏي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾  "هوا کي ننڊ ناهي"، "مڌ جا رهيل رنگ"، "ماڻهو هڪ جهنگل آهي"، "اي واءَ اسٽوڊيو" ۽ "مٽيءَ جو ڀڻڪو" شامل آهن، جڏهن تہھ سندس گهڻو مواد اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي.
محدود وسيلن، غربت ۽ محرومين باوجود هن ادب کي پنهنجي زندگيءَ جو مرڪز بڻايو. سندس زندگي مسلسل جدوجهد، درد ۽ سماجي اڻبرابريءَ سان ڀرپور رهي، پر انهن حالتن سندس تخليقي سگھھ کي وڌيڪ سگهارو بڻايو. سندس شاعري جديد سنڌي شاعريءَ جي انهن اهم آوازن مان آهي، جنهن ۾ داخلي ڪرب، سماجي احساس، وجودي اداسي ۽ طبقاتي سچايون گهري علامتي انداز ۾ ظاهر ٿين ٿيون. سندس شاعريءَ ۾ فڪري پختگيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي سادگي ۽ جذبن جي سچائي ملي ٿي. هو ڏکين لفظن بدران روزمره ٻوليءَ کي شاعراڻو وقار ڏئي ٿو، جنهن سبب سندس شاعري سڌي ريت پڙهندڙن جي دل تي اثر ڇڏي ٿي.
علي صفدر جي شاعريءَ جو بنيادي حوالو درد ۽ محرومي آهي. سندس مشهور نظم "ڏاڏا! توکي عيد مبارڪ" ۾ بک، غربت ۽ سماجي بدحاليءَ جي جيڪا تصوير ملي ٿي، اها فقط هڪ گهر جي ڪهاڻي نہ، پر پوري سماج جي معاشي ۽ نفسياتي ٽٽڻ جي علامت آهي:
"سيدو سود تہ ڪونھي گهر ۾
ڪجھ موجود تہ ڪونھي گهر ۾".
هن وٽ درد فقط موضوع ناهي، پر ڀوڳيل حقيقت آهي. سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو تہ شاعر زندگيءَ جي تلخين کي پنهنجي وجود ۾ ساڙي لفظن ۾ تبديل ڪيو آهي.
سندس شاعريءَ ۾ وجودي اداسي هڪ مستقل احساس طور موجود آهي. هو لکي ٿو:
"آنءُ جو پنهنجي فطرت جو نانءُ اداسي چونڊيو هو،
هوري هوري پوءِ ڏٺم سارو جڳ اداسي آ".
اهي سٽون علي صفدر جي داخلي دنيا جو گهرو اظهار آهن، جتي اداسي فقط ذاتي ڪيفيت نٿي رهي، پر سڄي سماج جي اجتماعي نفسيات بڻجي وڃي ٿي.
علي صفدر جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري پڻ انتهائي سگهاري آهي. "بادل"، "چنڊ"، "جهنگل"، "اوٿر"، "سارنگ"، "تقديرون"، "واهڙ ويرون" ۽ "پنڌ ڪندڙ تحريرون" جهڙيون علامتون سندس شاعريءَ کي گهڻ معنويت عطا ڪن ٿيون. مثال طور:
"سارا خواب ويو ڳڙڪائي
هڪ بکيارو اوٿر آيو". هتي "اوٿر" وقت جي بي رحم حالتن، بک ۽ استحصالي نظام جي علامت بڻجي سامهون اچي ٿو.
سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان عشق، پورهيت طبقي سان همدردي ۽ انسان دوستيءَ جو احساس نمايان نظر اچي ٿو:
"اسان کي پرک ناهي ڪا، اسان جي دل جڏي آهي,
الائي غم وڏو آهي، الائي ڌرتي وڏي آهي!".
هي شعر فقط داخلي احساس نہھ  پر ڌرتيءَ سان وابستگي ۽ اجتماعي درد جو اظهار پڻ آهي.
علي صفدر جي نظم "خوش آمديد" ۾ سماجي ۽ سياسي شعور وڏي شدت سان ظاهر ٿئي ٿو. هن نظم ۾ شاعر جديد سرمائيداري، سياحتي استحصال ۽ انساني منافقت تي طنز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن جي واپار ٿيڻ واري صورتحال کي بي نقاب ڪندي چيو آهي تھ:
"حاضرن حضور ۾ ڇا ڇا ڪندئو خريد؟".
سندس شاعريءَ جي هڪ وڏي خوبي اها بہھ آهي تہھ هن جديد احساس کي لوڪ رنگ سان ڳنڍيو آهي. سندس ٻوليءَ ۾ ڳوٺاڻو احساس، داخلي موسيقي ۽ فڪري گهرائي گڏيل صورت ۾ موجود آهن. سندس غزلن ۾ محبت، اداسي، وڇوڙو ۽ وجودي بيچيني ملي ٿي، جڏهن تہ نظمن ۾ سماجي شعور، احتجاج ۽ داخلي ڪرب نمايان نظر اچن ٿا.
علي صفدر 23 جون 2026ع تي ڊگهي بيماريءَ کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڊائو اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ٽوپي ٽڪري، ڪاڇي جي درٻ واري قبرستان ۾ پنهنجي ادبي استاد سرمد چانڊيو جي آخري آرامگاھ ڀرسان دفنايو ويو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آهي، پر سندس شاعري، ناول ۽ فڪر کيس هميشہ زنده رکندو!

***