DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
روسي انقلاب جي باني لينن لکيو هو ته، ”هي تاريخ جو هڪ معمولي قدم آھي، پر هي عظيم قدم آھي!“
هن غيرمعمولي قدم بابت اڳم به لکيو ويو ۽ هن وقت به لکجي رهيو آھي،  پر  هن وقت سموري سرمائيدار دنيا ۽ سائنسدان هن انقلاب بابت هر ياد ۽ تصور گم ۽ ختم ڪرڻ چاهين ٿا، سندن  خوف آھي ته هن انقلاب جون حاصلاتون ۽ اهو سمورو منظر وري عوام اڳيان آيو ته هڪ دفعو وري تاريخ جي اسٽيج تي پورهيت طبقو نروار ٿي ايندو  ۽ کين شڪست ٿيندي، انڪري اھي چالبازين کان  نھ ٿا مڙن ۽ عوام لاءِ اھڙو تھ ڏکيو ماحول پيا جوڙين جو عوام سک جو ساھھ نھ کڻي سگھي ۽ ھميشھ پنھنجن پريشانين ۾ اوجھل رھي.  سرمائيدار طبقي ۾ اهو  خوف ضرور آھي، جيڪو هوريان ھوريان  وڌي رهيو آھي.
سرمائيدار طبقو،  جمهوريت جي منهن تي جيڪا دانگي ملي رهيو آھي،  آمريڪا سميت يورپي قومون پڻ ساڳي جنون ۾ آھن، جنگ جنگ جو  جنون  هر طرف لامارا ڏئي رهيو آھي،  چين، روس آمريڪا وچم سرد جنگ ڪنهن وقت به گرم ٿي سگهي ٿي.  ڇا امن ٿيو آھي؟  امن تھ ڪٿي به ناهي!!
هن وقت به انقلاب بابت اهي غلط مفروضا موجود آھن ته لينن ۽ بالشويڪ پارٽي غير جمهوري طريقي اقتدار تي قبضو ڪيو هو، اها آمريت هئي وغيرهه پر اهو لڪايو وڃي ٿو ته، اھو انقلاب مڪمل طرح جمهوري ۽ تاريخ جو پرامن انقلاب هو، جنهن جي  تاريخي حقيقت موجب، فقط اھي ماڻھو قتل ٿيا، جيڪي عوام دشمن ھئا ۽ ھارين توڙي مزدورن هي تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو.
هيٺ عوام مان چونڊجي آيل، جمهوري سوويتن يا پنچائتن ۾ بالشويڪ پارٽي جي اڪثريت هئي، انهن سڀني سوويتن منشويڪن جي انهي ڳالهه کي رد ڪيو ته روس ۾ جمهوريت قائم ٿي وڃي، ان کان پوءِ سوشلزم جي تعمير ڪجي،  پر ڪامريڊ لينن ۽ سندس پارٽي اهو سمجهي ورتو هو ته اقتدار  زارشاهي ۽ حڪمران طبقي جي هٿن مان نڪري، عوام جي چونڊيل پنچائتن سوويتس وٽ اچي چڪو آھي ۽ عوام جو مجموعي ارادو انقلاب طرف راغب آھي، عوام پراڻي رياست ۽ انجي حڪمران طبقن جي اقتدار کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
ڪامريڊ لينن اخبار ”عوام“ جو ارادو  ربوچايامسل ۾ لکيو ته اسان عوام جو مجموعي ارادو تشڪيل ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪو انقلاب آڻڻ آھي. عوام سندس فرمان ۽  انهيءَ ارادي کي پنهنجو ڪري، ان کي عملي صورت ڏني.
امن، ماني، زمين اهي عام پاپولر نعرا هئا، جن جي بنياد تي عوام جو ارادو تشڪيل ڏنو ويو . زمين ڪارخانا ۽ ٻيا ڪل پيداواري ذريعا عوام جي ملڪيت قرار ڏنا ويا.
تاريخ جي باسعادت گهڙي هئي، جو انقلاب جي هيڊ ڪوارٽر  سمولني جنهن جي حفاظت انقلاب جا سڀ کان وفادار جٿا هاري ۽ ملاح  ڪري رهيا هئا،  فرمان جاري ٿي رهيا هئا، فرمان زمين سڀ کان پاپولر فرمان هو، جنهن سان فوري طور بالشويڪن کي ٻھراڙي جي هاري جي مڪمل حمايت ملي. 
روسي انقلاب تاريخ ساز واقعو  هو،  جنهن انسانيت جي اعليٰ قدرن کي بحال ڪيو، سموري دنيا جي مظلوم قومن جي مجبور غريب طبقن کي آزادي جي راهه ڏيکاري.
روسي انقلاب جو فڪري محرڪ مارڪسزم هو،  مارڪسزم دنيا کي هڪ نئين اک سان ڏٺو. 
مارڪسزم جو چوڻ آھي ته، ”هن سموري انساني سماج جي خرابي جي جڙ طبقاتي نظام آھي، جيستائين طبقاتي نظام هوندو  دنيا ۾ ڪٿي به پرامن سماج جو قيام ناممڪن آھي.“
طبقاتي سماج جو عروج سرماياداري نظام ۽ ان جي سامراجيت آھي جنهن ۾ دنيا جا ڪل وسيلا ۽ دولت فقط چند هٿن ۾ سڪڙجي محدود ٿي وڃي ٿي،  دولت جو ارتڪاز يا جمع ٿيڻ هن وقت ايتري وڏي پئماني تي ٿي چڪو آھي،  جو ست ارب انسانن جي اڪثريت وٽ ھن وقت ٻه ويلا ماني ناهي، پر دنيا جي فقط چند سئو ماڻھن وٽ ايتري دولت آھي، جو هو اسان جهڙا ملڪ به سموري جا سمورا خريد ڪري سگهن ٿا، بلڪه ملٽي ۽ ٽرانس نيشنل ڪمپنين وسيلي خريد به ڪري رهيا آھن  ھنن آءِ ايم ايف ورلڊ بينڪ جهڙا ادارا ٺاهي، ڳرن وياجن ۽ شرطن تي قرض ڏئي،  ٽين دنيا جي ملڪن خطن ۽ کنڊن کي غلام بنائي ڇڏيو آھي.
اڄ انهن غريب ملڪن ۾ ڳرا ٽيڪس بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ به انهن سرمائيدار سامراجي ملڪن جي چوڻ تي ڪئي ويندي آھي. تهذيبن وچم جنگ، مذھبن وچم جنگ جا ڪوڙا نظريا گهڙي جنگي جنون پيدا ڪري، انهن غريب ملڪن ۾ جنگ پکيڙي ويندي آھي. عراق، شام. لبيا ۽ افغانستان ان جو مثال آھن.
ماڻھو هڪ طرف بکن ۾ پاهه آھن ته، ٻئي طرف ڪروڙين اربين کربين رپين جا جديد هٿيار ٺاهيا وڃن ٿا،  ماڻھن کي هن جديد سائنسي دور ۾ به روزگار،  صحت، تعليم ۽ امن ناهي ملي سگھيو.  جنگين سبب هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻھو بي گهر آھن،  هن وقت وري افغانستان ۾ جنگ ڇڙڻ واري آھي، جنهن جي ڪري هي سمورو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو.  هي سڀ انهي عالمي سرماياداري نظام جون برڪتون آھن.
انهي ڪري ڪافي سال اڳ، مارڪس اينگلس ۽ لينن چيو هو ته، ”سرماياداري سامراجي نظام قائم رهيو ته دنيا ۾ فقط بربريت هوندي.“
اسان پهرين ٻين عالمي جنگ، سرد جنگ ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين  جنگ جاري آھي.
پورهيتن جي هن عالمي انقلاب سامراجي والار جي ستر سال روڪٿام ڪئي،  پر  ان جي 1991۾ عارضي ناڪامي وري سرمائي جي شديد استحصال ۽ جنگي جنون کي عروج تائين پهچائي ڇڏيو آھي.
ڀلي روسي انقلاب ختم ٿي چڪو هجي، پر هن طبقاتي سرماياداري سامراجي نظام جو لکين ڪروڙين انسانن کي اجرتي غلامي جو شڪار ڪرڻ کين بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور ڪرڻ، وري اهڙي پورهيت انقلاب جي افاديت کي اجاگر ڪري ٿو، جهڙو روس ۾ آيو.
هن وقت يقينن ان جي نوعيت ٻي هوندي، پر هڪ بهتر ظلم استحصال کان آزاد سماج ڏانهن هڪ ٻي وک ضرور هوندي،  غير طبقاتي سماج ئي انسانيت جي اعليٰ ترين منزل آھي، پورهيتن جو سوشلسٽ انقلاب  ان طرف وڏي پيش قدمي هوندو، سوشلزم  ڪميونزم ئي ايشيا ۽ ٻين سماجن جي ڪروڙين مجبور انسانن جو ضرور سهارو بنبو!

***