ڪجھھ ڏينھن اڳ شڪارپور جي ڀرسان مھر برادري سان تعلق رکندڙ ھڪ نوجوان کي شاديءَ جي ھڪ ڏينھن اڳ قتل ڪيو ويو، مھر برادري جي ماڻھن جي چوڻ مطابق، اھو قتل جتوئي برادريءَ جي ماڻھن ڪيو. قتل ڪرڻ وارن گھوٽ کي مارڻ جو انتخاب ان لاءِ ئي ڪيو ھوندو تھ ان جي وارثن کي شديد غم ۽ درد پھچايو وڃي! انکان اڳ ٻنھي برادرين جي ماڻھن ڳولھي ڳولھي ھڪٻئي جا ڳڀرو انڪري پئي قتل ڪيا آھن تھ، جئين ٻي برادريءَ جي ماڻھن کي شديد درد ۽ تڪليف پھچائي سگھجي!!
ذاتين ۽ برادرين جا جھيڙا انھن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ قتل ڪا نئين ڳالھھ نھ آھي ۽ نھ وري ان تي ڪي ٻھ رايا آھن تھ انھن تنازعن ۽ تڪرارن ۾ اڪثر بيگناھھ ئي ماريا ويندا آھن ڇاڪاڻ تھ اصل مجرم ۽ قاتل ھٿياربند ھئڻ سبب پنھنجو دفاع ڪرڻ ۾ اڪثر ڪامياب ويندا آھن، پر برادرين جا شريف ۽ غيرھٿياربند ماڻھو مخالف برادريءَ جي غضب جو شڪار بڻجندا آھن ۽ بدلي جي باھھ ۾ انگ پوري ڪرڻ جو سبب بڻبا آھن.
بدلي جي ان جاھلاڻي طور طريقي کان سنڌ جو ھر ماڻھو ڀلي ڀت آگاھھ آھي، پر مھر_جتوئي تڪرار جي تازي لھر وڌيڪ سنسني خيز ۽ ڇرڪائيندڙ آھي، اڳ ائين ٿيندو رھيو آھي تھ مھرن ۽ جتوئين جي جھڙي ۾ملوث مخصوص ڳوٺن يا وڌ ۾ وڌ مخصوص پاڙن جي ماڻھن کي ڳولھي ڳولھي نشانو بڻايو ويندو ھو، پر تازو ڪن طالع آزمائن مخصوص ڳوٺن ۽ مخصوص پاڙن کي نشانو بڻائڻ بجاءِ پور ي برادري جي ماڻھن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آھي. شڪارپور جي آس پاس ۽ ڪچي جي زمينن تي وڙھندڙ جتوئين ۽ مھرن جي ھڪ ٻن ڳوٺن ۽ پاڙن واري تنازعي کي سڄي شڪارپور ضلعي جي جتوئين ۽ مھرن تائين ڦھلائڻ کانپوءِ پنوعاقل، گھوٽڪي تان جو سکر شھر تائين ان تنازعي کي ڦھلائڻ جي ڀرپور شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سازش يا جھالت؟؟!!
شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئين ۽ مھرن جو ڪچي جي زمين تي قبضي جي ڪوشش يا ھڪٻئي جي چوري چڪاري جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تنازعن جي ڊگھي تاريخ آھي، پر اھو خونخوار تنازعو اڪثر شڪارپور جي ڪچي تائين محدود رھندو آيو آھي، پر تنازعي جي تازي لھر کي غور سان ڏسڻ سان ائين محسوس پيو ٿئي تھ ڄڻ ڪي لڪيل ھٿ، ھٿ وٺي ان باھھ کي ڪچي جي ننڍڙي تنازعي مان سنڌ جي ٻن وڏين برادرين تائين پھچائڻ جي ايجنڊا رکندا ھجن. پنوعاقل جي ٻاھران پڪي تي وڃي جتوئي برادريءَ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جي ڳوٺ ”دڦر جتوئي“ تي حملو ڪري قتل عام ڪرڻ، جن جو ڪڏھن بھ ڪنھن اھڙي تنازعي سان ڏور ڏور تائين واسطو نھ رھيو آھي، اھڙن ڪيترن ئي واقعن سڄي سنڌ کي حيران ۽ پريشان ڪيو آھي، جن مان لڪل ھٿن ۽ طالع آزمائن جي ارادن جو اندازو لڳائڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ آھي.
ذاتين جا جھيڙا ۽ لااينڊ آڊر جو مسئلو!!
ذاتين جا جھيڙا بنيادي طور تي لااينڊ آڊر جو مسئلو آھن. ھڪ برادريءَ جي چند چورن جي برادريءَ جي ڪنھن ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي مينھن چوري ڪئي، ڀاڳيا اُٿي پيا چورن فائرنگ ڪئي، ڀاڳيو مري پيو. بلڪل سادو امن امان جو مسئلو آھي. پوليس کي چورن ۽ قاتلن خلاف ايف آءِ آر ڪري انھن کي گرفتار ڪري، قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻو آھي، اھا رياست جي ذميواري سان گڏ مسئلي جو منطقي حل پڻ آھي. پر پوليس واقعي جي اصل مجرمن کي پڪڙڻ جي تڪليف بجاءِ چور ۽ قاتل ڌر جي، برادريءَ جي ماڻھن کي پڪڙي اچي ٿاڻي ۾ بند ڪري ٿي، پوليس اھو سڀڪجھھ ٻن سبب ڪري، ڪري ٿي. ھڪ تھ ڪرپشن پئسا ڪمائڻ لاءِ، جيڪو اسان جي رياستي ادارن جو اولين ترجيحي ڪم آھي. ٻيو تھ مجرمن کي ڳولھي پڪڙڻ جو خفو نھ ڪرڻ، ھٿياربند مجرمن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي ھمٿ نھ رکڻ.
لااينڊ آڊر جي ھڪ سادي جرم کي پوليس ھٿ وٺي برادريءَ جو تنازعو بڻائي ٿي، ڇاڪاڻ اھا مجرم جي برادريءَ سان تعلق رکندڙ بيگناھن کي پڪڙي انھن کي ڪيسن جا ڀوَ ڏئي انھن کان روڪڙا روڙي ٿي.
جرڳا مجرمن جي پناھھ گاھ:
پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا جرم جي ھڪ سادي واردات کي برادريءَ جو تنازعو ھٿ وٺي بڻائن ٿا تھ جئين اھي ماڻھو کان روڪڙا روڙي سگھن، ساڳيو ڪم جرڳا بھ ڪن ٿا. برادرين جا چور ۽ لچا لنگا جڏھن قتل ۽ ٻيا جرم ڪن ٿا تھ پوءِ مخالف برادريءَ جي غيض ۽ غضب کان بچڻ لاءِ وڏي شاطراڻي طريقي سان تنازعي جي دائري کي سڄي برادريءَ تائين ڦھلائڻ جي شعوري ڪوشش ڪن ٿا. اھي وڏي مڪاريِءَ سان مخالف برادريءَ جي انھن ڳوٺن ۽ ماڻھن کي نشانو بڻائين ٿا. جن جو جھيڙي سان ڪو تعلق ئي ناھي ھوندو. ان طريقي سان اھي تنازعي کي ڦھلائي ٻنھي برادرين جي بيگناھھ ماڻھن کي تنازعي ۾ ٽريپ Trape ڪري وٺن ٿا. ھاڻي ٻنھن برادرين جا بيگناھھ ماڻھو اچي تنازعي ۾ ڦاسن ٿا. ٻي پاسي پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا ڪرپٽ ۽ نااھل ھئڻ سبب اصل مجرمن کي پڪڙي سزا ڏيارڻ بجاءِ جرڳن لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪن ٿا. ۽ جرڳو تھ اصل مجرمن کي ڳولي سزا ڏيڻ جو اختيار ئي نھ رکندو آھي، انڪري ٻنھي برادرين جا خون خونن ۾ پاڙي، باقي بچيل خونن ۽ ٻين نقصانن جو ڪاٿو لڳائي، ڏنڊ ڏوھھ رکي في الحال ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪرڻ جا اعلان ڪن ٿا، جڏھن تھ جرڳائي سردارن سميت ھرڪو ڄاڻي ٿو، جئين تھ مجرم ۽ قاتلن کي تھ ڪا بھ سزا ناھي ملي ۽ ظاھر آھي جنھن جو پيءُ، ڀاءُ قتل ٿئي ٿو تھ ان جو اندر ٺرڻ بجاءِ سڙي ٿو ۽ ھو وقتي طور تي جرڳي جي فيصلي کي قبول ڪن ٿا، پر دلئون نھ ٿا مڃين ۽ جرڳي مان نڪرندي ئي پلاند وٺڻ جي پلان تي غور ڪرڻ شروع ڪن ٿا.
نتيجي ۾ چور، قاتل، پوليس ۽ جرڳائي سردار ملي ڪري، جرم جي ھڪ سادي واردات کي برادري جي جھيڙي ۾ تبديل ڪن ٿا، جنھن ۾ مٿي بيان ڪيل ٽئي ڌريونBeneficiary ھجن ٿيون ۽ خساري ۾ برادرين جا ويچارا بيگناھھ ماڻھو ھجن ٿا.
حل ڇا آھي؟؟!!
مٿي واضح لکي آيو آھيان تھ، مجرم پوليس رياستي ادارن ۽ جرڳائي سردار ھڪ جرم جي سادي واردات کي برادري، قبيلائي جھيڙي ۾ ھٿ وٺي تبديل ڪري ڇڏي ٿي. جنھن ۾ ٽنھي ڌرين جو مالي فائدو مقصود ھجي ٿو. اھو سادو مسئلو آھي، جنھن کي پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا جيڪڏھن ڪرپشن کان پاڻ کي پاڪ صاف ڪن ۽ مجرمن، ڏوھارين سان مھاڏي اٽڪائڻ جي حڪمت عملي اپنائن ۽ بيگناھن ۽ زيادتي ٿيندڙ کي انصاف مھيا ڪن، تھ اھو مسئلو بنھھ ئي آرام سان حل ٿي سگھي ٿو. پر ون ملين ڊالر جو سوال آھي تھ پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا سنڌ ۾ برادرين ۽ قبيلن جي جھيڙن سميت مجموعي طور تي لااينڊ آرڊر جي مسئلي کي حل ڪرڻ چاھي بھ ٿي يا نھ؟؟؟!!