ھر نئون ايندڙ ڏينھن سنڌ ۾ قيامت کان گھٽ نھ آھي. ڏھاڙي لاشا کڄن ٿا ، ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون کالي ٿين ٿيون ، معصوم گلن جھڙن ٻارڙن جون اغواھون لڄالٽون ۽ تزليل جا واقعا پيش اچن ٿا. ڪيترن ئي ٻارڙن کي رھڙي نھوڙي گٽرن ، نالن يا ڪچري جي ڍيرن تي اڇلايو وڃي ٿو ۽ ڏھاڙي والدين جي اميدن جا ڏئيا بيدردي سان اجھايا وڃن ٿا
سورن جي ماريل سنڌ ۾، روز ھڪ نئون دردناڪ ڪيس سامھون اچي ٿو . معصوم نياڻين کي حوس ۽ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻائي، زندگي ۽ موت جي ڪشمش م اڇلايو وڃي ٿو. مھينو کن اڳ ۾ سنڌ ۾ لڳاتار ٽن ضلعن ۾ معصوم نياڻين سان لڄالٽ جا واقعا پيش آيا، نھ رڳو ايترو پر انھن معصوم نياڻين کي قتل پڻ ڪيو ويو
انھن مان جھلوري جي معصوم آمنه ڪنڊراڻيءَ جو واقعو هر حساس دل کي جھوري وڌو! ھن نينگر کي اسڪول ويندي اغوا ڪري بيدرديءَ سان حوس جو نشانو بڻايو ويو، بکيو رکيو ويو ۽ آخر ڳلو دٻائي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري واھ ۾ اڇلايو ويو! پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق، آمنه سان نه صرف جسماني زيادتي ٿي پر کيس اذيت سان قتل ڪيو ويو. ايتري وحشت ۽ درندگي انسانيت جي تاريخ لاءِ بدنما داغ آهي! سوال اهو آهي ته ڇا انھن وحشي بگڙن کي سزا ملي؟؟
اهو ڪو ھڪ ڪيس نھ آھي ، ساڳئي ريت گذريل ڪجھھ ڏينھن ۾رتيديري مان معصوم پنجن ورھيه جي حسنين جو تشدد ٿيل لاش مليو ، ڇهه سال اڳ 9 ورهين جي خديجا کوکر کي پڻ لڄالٽ جو نشانو بڻائي، پاڻي ۾ ٻوڙي ماريو ويو
ڇا دنيا جي ڪنھن بھ جمھوري ملڪ ۾، ٻارن سان ذيادتي جا واقعا پيش ايندا آھن؟ ڇا قاتل پوليس، حڪمران ۽ عدالتن کان ڏاڍا آھن؟ رياستي ادارن جي خاموشي سنڌ جي غريب ۽ مظلوم عوام لاءِ ڏکوئندڙ آھي! اها خاموشيءَ وڏو الميو آهي، ھڪ غريب مظلوم عوام لاءِ
اسان جو سماج حڪمرانن جي لاقانونين ۽ مفادپرستي واري سياست کان مڪمل بيزار ٿي چڪو آهي، عام ماڻھو انتھائي بک ۽ بيروزگاري واري زندگي بسر ڪري ٿو. حڪومت روزگار تھ نھ ٿي ڏي، پر عام ماڻھو جي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ بھ ناڪام نظر اچي ٿي
ساڳي طرح ، پوليس ڪسٽڊي ۾ استاد ڄام عزيز جکرو کي انسانيت کان ڪريل تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ، هڪ معزز استاد، (جيڪو شاگردن لاءِ روشنيءَ جو مينار ھجي ٿو) ان کي انسانيت کان ڪريل تشدد سان ماريو ويو، ۽ لاش کي لاوارث قرار ڏيئي اسپتال ۾ ڦٽو ڪيو ويو ، ان کان علاوه فاطمه ڦرڙو ، شھيد ڊاڪٽرشاھنواز ڪنڀر ، سانگھڙ جا شھيد، شھيد نظيران برھماڻي ، مورو جي شھيدن سميت غني امان چانڍيو ۽ سرمد ميراڻي جي جبري گمشندگي جا ڪيس سڀني جي سامھون آھن
اڻ ڳڻيا ڪيس آھن جيڪي رياستي ادارن ۽ حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آھن. انهن سڀني ڪيسن مان هڪ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، نھ ڪي حڪمران عوام جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ تيار آھن، نھ ڪي عدالتن ۾ ويٺل اھي جج صاحب جيڪي سالن تائين ڪيس ٻڌندا رهن ٿا، اھو ئي سبب آھي جو انھن ڪيسن جا ڪي نتيجا نھ نڪري سگھيا آھن
جيڪڏهن اسٽيٽ جي ذميواري شهرين جي جان ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ آهي ، ته پوءِ آمنه ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز جي قاتلن کي اڃا تائين ڇا سزائون مليون آھن؟؟
رياست ۽ حڪومت لاءِ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، ڇا حڪومت وٽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط قانوني فريم ورڪ آھي؟ ڇا پوليس تي ڪنهن به ظلم لاءِ سڌو احتسابي نظام آھي؟ ڇا جنسي ڏوهن جي تحقيقات لاءِ تربيت يافته عملو آھي؟ ڇا استادن ۽ مظلوم خاندانن لاءِ ڪو انصاف جو خاص ٽريبيونل آهي؟ سڀني سوالن جو ھڪ ئي جواب نظر اچي ٿو، تھ نھ
انھن سڀني مسئلن جو حل ، عدالتي سڌارا ، جنسي ڏوهن ۽ پوليس تشدد جي ڪيسن لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وڃن، پوليس ۾ احتساب ، چيڪ ان بيلنس ۽ پوليس تشدد واري ڪيس ۾ آزاد جاچ ڪميشن ھجڻ نھايت ضروري آھي. جنهن ۾ شهري نمائندگي لازمي هجي. شاهدي ۽ تحفظ ، متاثرين ۽ شاهدن لاءِ قانوني ۽ نفسياتي تحفظ جو نظام، تعليم ۽ سماجي آگاهي، اسڪولن ۽ ميڊيا ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ جنسي شعور ۽ انساني احترام تي مستقل سرڪاري طور آگاھي مھم ھلائڻ نھايت ضروري آھي. ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ رياست پاڻ مدعي بڻجي، جيئن متاثر ڌر تي دٻاءُ نه پوي
معصوم آمنه ڪنڊراڻي ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز جکرو جھڙن بيگناھھ انسانن جي قاتلن کي ڦاھي تي لٽڪائي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، ته جئين وري ڪو درندو ڏوھ ڪرڻ جي ھمت نه ڪري! ۔