اڄ جو نوجوان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيو آھي جتي هڪ طرف تيز رفتار بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، ميڊيا، ۽ گلوبل ڪلچر آهي، ته ٻي طرف اندروني طور تي بي چيني، ذھني انتشار ۽ اڻپوري هجڻ جو احساس ملي ٿو. انڪري نوجوان بي مقصديت جو شڪار آهن.
بلوغت کان ويهن سالن تائين وارو دور طبعي تبديليءَ جو حساس وقت هوندو آهي، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ جسماني مشق، راندين ۽ کليل فضا ۾ سرگرمين جي خاص اهميت هوندي آهي، ڇو ته اهي نه رڳو جسم کي صحتمند رکين ٿيون پر ذهني ۽ جذباتي توازن به برقرار رکن ٿيون، جڏهن ته اڄڪلهه سمهڻ جاڳڻ جي نظام ۾ بي ترتيبي، فاسٽ فوڊ جي گهڻي استعمال ۽ غير فطري زندگيءَ جي انداز سبب نوجوانن جي مزاج ۾ بيچيني ۽ جارحيت وڌي رهي آهي.
نوجواني اهڙو ئي وقت آهي، جڏهن نفسياتي طور تي فرد پاڻ کي سڃاڻڻ جي مرحلي مان گذري ٿو. جيڪڏهن خاندان، ۽ تعليمي نظام نوجوانن جي مثبت انداز ۾ ذھني تربيت نه ٿا ڪن ته نوجوان گمراهي، احساس ڪمتري، يا خودپسنديءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اڄ جو نوجوان عام طور تي سوشل ميڊيا تي پنهنجو "سڃاڻپ ڪارڊ" تخليق ڪري ٿو، جنهن ۾ ظاهري خوبصورتي، فيشن، ۽ “ريليشن شپ اسٽيٽس” اهميت رکن ٿا. هن جديد دنيا جي اثر هيٺ، نوجوان پنهنجي حقيقي وجود کان ڌار ڏسجي پيو.
هڪ پيڙهي اهڙي هئي، جنهن محنت، تڪليفن ۽ جدوجهد سان پنهنجو مقام ٺاهيو. انهن جو سمورو ڌيان پنهنجي اولاد لاءِ بهتر زندگي مهيا ڪرڻ تي هو، جنهن جا نتيجا به ظاهر ٿيا. سندن ٻارن کي سهڻو، محفوظ ۽ آسودو وقت مليو. انهن والدين جو خواب هو ته سندن ٻار به ساڳي جذبي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌن، پر اڪثر حالتن ۾ ائين نه ٿيو.انهيءَ ناڪامي جا گهڻا سبب ٿي سگهن ٿا: والدين جا جهڳڙا، گهر جي فضاءَ ۾ بيچيني، شخصي تڪرار،جنريشن گيپ، خانداني اڻبڻت، ۽ جذباتي لاتعلقي. نوجوان جيڪي به ڏسندا، ٻڌندا ۽ محسوس ڪندا رهيا، تن تجربن جي بنياد تي سندن شخصيت جي تعمير ٿيندي وئي. والدين جي اميدن ۽ سندن عملن ۾ جو تضاد هو، ان جي عڪاسي سندن ٻارن جي رويي ۾ سامهون آئي.
ڪڏهن ڪڏهن نوجوان انهن سڀني مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلاتن جي باوجود به هڪ مثبت سوچ اختيار ڪندي، پنهنجين ڪوششن سان ڪاميابيون حاصل ڪن ٿا. سندن اندر هڪ ڄاڻ، پختگي ۽ عزم جنم وٺي ٿو، جيڪو زندگي جي ڏکن کي اڳتي وڌڻ جو ذريعو بڻائي ٿو. اهڙا نوجوان مشڪلاتن کي طاقت بڻائي، پنهنجو رستو پاڻ ٺاهين ٿا ۽ ٻين لاءِ به اميدن جو مينار بڻجن ٿا.
پر مجموعي طور تي، گهڻا نوجوان اهڙي سگهہ نه رکي سگهيا. گهر جي بيچيني، والدين جي ويڌن ۽ ماحول جي منفي ڌارا سندن ذهنن کي منتشر ڪري وڌو. نتيجي ۾، اڪثر نوجوان سنئين واٽ تان ڀٽڪي ويا، تعليم، مقصد ۽ ذميواري کان پري ٿي ويا. سندن اندر جي مونجهارن، بي رخيءَ ۽ ماحول جي منفي اثرن سندن ذھني واڌ ويجھھ کي روڪي ڇڏيو.
اھوئي سبب آھي ته نوجوانن جو وقت اڄڪلهہ گهڻو ڪري بي مقصد گهمڻ، گيمز وڊيوز ڏسڻ، سوشل ميڊيا يا غيرضروري دوستين ۾ گذرندو آهي. هي فقط “منهنجي مرضي” جو اظهار ناهي، پر دراصل هڪ نفسياتي فرار آهي. هڪ اهڙي ذهني حالت جنهن ۾ نوجوان پنهنجي دٻاءَ، ناڪامي، يا بي مقصديت کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن سرگرمين جو انتخاب ڪندو آهي، جيڪي ٿوري دير لاءِ مزو ڏين، پر ڊگهي عرصي لاءِ فائديمند نه ھجن.اڄ جي نوجوان وٽ ڪو “زندگيءَ جو روڊ ميپ” موجود ناهي. هو اڪثر ڪنهن خواب جي پٺيان نه ٿو هلي، بلڪه فقط ٻين جي لائف اسٽائل کان متاثر ٿي، پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن ڪو نوجوان چوندو آهي ته "تعليم سان ڇا ٿو ٿئي؟ نوڪري ته وري به سفارش سان ملي ٿي"، ته ان جو مطلب رڳو تعليم کان انڪار ناهي، پر اعتماد جو بحران پڻ نظر اچي ٿو. اسان وٽ ۽ گهڻن ترقي پذير ملڪن ۾ تعليم جو نظام اهڙو آهي، جيڪو تخليقيت، تنقيدي سوچ، ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ بدران فقط يادگيريءَ تي مدار رکي ٿو. نتيجي طور نوجوانن کي پڙهائي ۾ گهٽ دلچسپي محسوس ٿئي ٿي.
نفسياتي طور تي پڻ، جيڪڏهن گهر ۾ دٻاءُ، شخصي مقابلي جي فضا، يا محبت جي کوٽ هجي ته نوجوان تعليم کان توجهه هٽائي ٻين سرگرمين ۾ پناھ وٺندو آهي. خاص طور تي، جيڪڏهن والدين تعليم کي صرف گريڊز ۽ سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهن ته پوءِ نوجوانن لاءِ پڙهائيءَ جو مقصد ختم ٿي وڃي ٿو.
اڄڪلهه نوجوان ويجهن رشتن کان وڌيڪ دوستن سان وقت گذارڻ کي ترجيح ڏين پيا پر اڪثر دوستيون صرف وقت
گذارڻ، مطلب، يا خودپسنديءَ تي ٻڌل هجن ته اهي نوجوان لاءِ نفسياتي نقصان جو سبب بڻجن ٿيون.
گرل فرينڊ جو تصور به اڄڪلهه گهڻو وڌي ويو آهي. نوجوان اڪثر ان تعلق کي ”ڪاميابيءَ جي علامت“ سمجهن ٿا. پر هي به جديديت جو اثر آهي، جتي هر نوجوان ”پيار ۾ هجڻ“ کي هڪ ٽرينڊ سمجهي ٿو. ڪيترن نوجوانن لاءِ گرل فرينڊ هجڻ، اصل ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ ۽ اڪيلائپ کان نجات حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. جيڪڏهن نوجوان پاڻ کان مطمئن نه آهي ته هو ٻئي مان محبت جي توقع رکندو، ان اميد سان ته ٻيو شخص کيس سمجهندو.
نوجوانن لاءِ پندرنهن کان پنجويهن سالن جو دور انتهائي اهم هوندو آهي، جنهن ۾ هو عملي سوچ، مقصد جي اهميت ۽ مستقبل جو لائحه عمل جوڙيندا آهن، پر جتي ٻاهرين دنيا ۾ ارڙهن ورهين جو نوجوان پڙهائي سان گڏ ڪم ڪري پنهنجو بار پاڻ کڻي عملي سکيا حاصل ڪري ٿو، اتي اسان وٽ اڪثر نوجوان والدين تي ڀاڙين ٿا، جنهن سبب پاڻ ڀرائي پيدا نه ٿي سگهندي ۽ هو سک ۽ سهولت سان گڏ جادوئي قارون جو خزانو به گهرڻ لڳن ٿا۔.
نوجوانن جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ سماجي تبديليون پڻ ڏسڻيون پونديون. هڪ ته اڄ اڪثر گهرن ۾ والدين ۽ ٻار گڏ گهٽ ويھن ٿا، منطقي گفتگو جي گنجائش نه آهي، ۽ موبائل هر فرد جي دنيا بڻجي ويو آهي.
ٻيو ته ميڊيا نوجوانن کي جيڪي آدرش ڏيکاري ٿي . جيئن ته امير زندگي، جڳ مشهور ٿيڻ، يا سٺي جسماني خوبصورتي وغيره . جيڪي تصور حقيقت جي ڀيٽ ۾ بيحد مختلف هوندا آهن. نوجوان ان اميد سان جيئندا آهن ته هو به ڪڏهن نه ڪڏهن ان دنيا تائين پهچندا، پر جڏهن اهو ممڪن نه ٿو ٿئي ته اهي مايوسي، ڇڪتاڻ، بري صحبت يا عادتن جو شڪار ٿين ٿا.
تعليم کي جذبي ۽ مقصد سان ڳنڍڻو پوندو. نصاب ۾ جذباتي ذهانت، نفسياتي تربيتي موضوع، ۽ شخصيت جي واڌاري لاءِ عنصر شامل ڪرڻ گهرجن.
والدين کي دوستن وانگر نوجوانن سان لاڳاپو رکڻ گهرجي، جتي صرف حڪم نه هجن، پر گفتگو ۽ سمجهه ڀريو رويو هجي.سماج کي نوجوانن لاءِ صحت مند سرگرميون مهيا ڪرڻ گهرجن، جيئن ته آرٽ، راند، فلاحي ڪم، ۽ تنقيدي بحث مباحثا، ته جيئن هو پنهنجي توانائي صحيح رخ ڏانهن موڙي سگهن. ذاتي سڃاڻپ تي ڪم ڪرڻ جي تربيت گهرجي، ته جيئن نوجوان بناوٽي شخصيت جوڙڻ بدران پنهنجي حقيقي نفسياتي قوتن کي سڃاڻي سگهن.
نوجوان اڄ هڪ اهڙي دؤر مان گذري رهيا آهن جتي ، سماجي دٻاءُ، ۽ غيرحقيقي اميدون کين اصل زندگيءَ کان ڌار ڪري ڇڏين ٿيون . اھي رويا جھڙوڪہ وقت جو زيان، تعليم کان انڪار، بي مقصد دوستيون ۽ گرل فرينڊ جي ضرورت ان بحران جا علامتي مظاهرا آهن. هن صورتحال کي فقط نصيحتن سان نه، پر سمجهداريءَ، جذباتي مدد، ۽ سماجي لاڳاپن جي بحاليءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هر نوجوان جي اندر هڪ امڪاني تخليق، هڪ روشني، ۽ هڪ انقلاب ساھ کڻي ٿو ـ سوال صرف ان کي جاڳائڻ جو آهي.