ڪو وقت ھو، هي شهر "روشنين جو شهر" سڏبو هو، پر اڄ ھن روشنين جي شھر کي لاتعداد مسئلا درپيش آھن. هي شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو اقتصادي مرڪز آهي، پر ان جي باوجود بنيادي سهولتن جي کوٽ ھتان جي ماڻھن جي زندگيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي
اهم مسئلا
اسٽريٽ ڪرائيم: اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ چوري، ڦر، ٻارن جي اغوا جا واقعا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري شهرين ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس وڌيو آهي
بنيادي ڍانچو
شهر ۾ رستن جي خراب حالت، پاڻي نيڪال جو غير فعال نظام ۽ گند جا ڍير عام آهن. ٽٽل روڊن جي ڪري ڏيھاڙي حادثا ٿين ٿا
ٽرانسپورٽ: شهر جي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ ڪيتريون ئي خرابيون آهن، جن ۾ ٽريفڪ جو جام ٿيڻ، پراڻن گاڏين جي مينٽيننس جو نھ ھئڻ ، ڊرائيورن جي اجائي تڪڙ۽ تيز رفتار ۾ گاڏي ھلائڻ روڊ حادثن ۾ شامل آهن. ڪراچي ۾ هر روز ٽريفڪ جام سبب وڏو اقتصادي نقصان ٿئي ٿو
بنيادي سهولتون: شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾
خاص طور تي ڪچين آبادين ۾، بجلي تھ نھ ھئڻ جي برابر آھي، جتي ڏينھن ۾ فقط چار ڪلاڪ بجلي آھي، ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي قلت، صفائي جو خراب نظام ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب عوام تمام گھڻو پريشان آھي
اُميد
انهن مسئلن جي باوجود، ڪراچي ۾ بهتري جي اُميد اڃا موجود آهي. حڪومت ۽ شهرين جي گڏيل ڪوششن سان شهر جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، انفراسٽريڪچر ۾ بهتري، ۽ انتظامي سڌارن ذريعي شهر جي حالت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو
نتيجو
ڪراچي سنڌ جي شھھ رڳ آھي، جنھن کي شاندار ماضي ۽ تاريخ آھي. اڪثر سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان پڻ ھن شھر سان تعلق رکن ٿا، جھڙوڪ: مورڙو مير بحر، موکي متارن جو داستان، ڪلمتن، برفتن ۽ جوکين جي تاريخ جا قصا پڻ شامل آھن
ڪراچي ڪو اڄ جو آباد ٿيل شھر ڪونھي، ھن کي تاريخي لحاظ سان گڏوگڏ روشن مستقبل جي تناظر ۾ ڏسڻ نھايت ضروري آھي. ھاڻ جتي مسئلا درپيش آهن، اتي حل به موجود آهن. جيڪڏهن حڪومت، ادارن ۽ شهرين طرفان گڏيل ڪوششون ورتيون وڃن ته هي شهر ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي سگهي ٿو.