دنيا جي باشعور ملڪن جا حڪمران، پنهنجي تهذيبي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب سان سلهاڙيل ماڳ مڪانن جي بچاءَ لاءِ اهم اپاءُ وٺندا آهن، پنهنجي سڄي ڄمار ملڪ جي اثاثن جي بچاءُ لاءِ صرف ڪندا آهن۔ ڇاڪاڻ ته ساڻن اهو احساس هوندو آهي ته سندس جياپو تهذيبي ورثي سان ئي جڙيل آهي۔
اسان وٽ پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ آهي، هتان جي حڪمرانن کي فقط پنهنجي ذاتي انا ۽ ذاتي ملڪيت سان سروڪار رهيو آهي۔ ان لاءِ ڪي به اثاثا اهمت نه ٿا رکن۔
هونءَ ته تاريخي ماڳ مڪان تقريبن سموري پاڪستان ۾ ڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، پر خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ حڪومت جي نااهلي جي سبب ماڳ مڪانن جي حالت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته، هتي ڪجھھ سالن ۾ فقط آثارن جي ڪا هڪ خاص علامت ئي بچي سگهندي! جنهن مطابق صدين کان پوءِ فقط ڪتابن ۾ ڄاڻائي سگهبو ته هتي ڪو ڦلاڻي نالي سان تاريخي ماڳ هو
مان ويجهي تاريخ جو مثال ڏيان ته اوڻويھين صدين ۽ ويهين صدي جي وچ ۾، جيڪي مڪان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ھيٺ ھوندا ھئا، جن تي غريب غربو اچي ٻھ پل آرامي ٿيندو ھو، ھاڻ اھي مڪان بھ مڪمل تباھھ ٿي چڪا آھن. انهن مان خاص” مائي نيسٽ“ بنگلو، جنهن کي سنڌ جي ثقافت جي نالي سان ويجهي تاريخ ۾ باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سنڌ جي ثقافت جي عشق ۾ ٺهرايو هو، جيڪو جيڪو ھينئر مڪمل طور کنڊر بڻجي چڪو آھي. ماضي ۾، ھن بنگلي کي سنڌ جوثقافتي ورثو سمجھيو ويندو ھو. بنگلي ۾ سنڌ جي ثقافتي سونھن، سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪچھري جا رنگ سمايل هوندا هئا۔ هي بنگلو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بمبئي جي مشهور (سر شاھنوارز ڀٽي جي) بنگلي کان متاثر ٿي ٺهرايو هو۔
مائي نيسٽ سنڌ جي ھڪ شهڪار عمارت طور ياد ڪئي ويندي آهي۔ ان جي موجوده حالت مان ظاهر آهي ته حڪمران طبقو گهري ننڊ ۾ ستل آهي. ھون بھ پاڪستان ۾ بچيل ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان جيڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آهن، انهن لاءِ ڪاش! ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن! پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اوقاف کاتو ۽ ثقافت کاتو جنهن جو ڪم ئي تاريخي ماڳن مڪانن جي سنڀال ڪرڻ، انهن جي مينٽيننس ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، پر انهن ادارن جي ھاڻ ڪا خاص دلچسپي نظر نه ٿي اچي
ساڳئي طرح هڪ ٻيو بنگلو جيڪو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو آهي، جنهن کي پڻ تاريخي حيثيت حاصل آهي، اهو بنگلو پڻ حڪومت جي نااهلي سبب کنڊر بڻجندو پيو وڃي۔ ايڏي خوبصورت عمارت هوريان هوريان ميسارڻ لڳي آهي۔ ھي عمارت انتھائي خوبصورت آھي، جنھن جي اندر طرحين طرحين جي نقشڪاري ۽ ڪمال جي ڊزائين رکي ويئي آھي. جنھن کي اڄ جو مصور ڏسي بھ حيران ٿيو وڃي
مڪاني ماڻهن جي غير زمينداري جي حد اها آهي جو هيڏي وڏي ثقافتي خوبصورت عمارت ۾ چوپايو مال ٻڌن ٿا۔ ان کان وڌيڪ قومي اثاثن جي توهين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي
آئون سنڌ حڪومت جي ثقافت جي وزير، ۽ اوقاف کاتي جي وزير کي اپيل ڪريان ٿي، ته سنڌ جي اهڙن خوبصورت ماڳ مڪانن جي بچاءٌ لاءِ، فوري طور اپاءُ ورتا وڃن ته جئين سنڌ جي تاريخ کي تباھي کان بچاءِ سگهجي!