موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
دنيا جي باشعور ملڪن جا حڪمران، پنهنجي تهذيبي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب سان سلهاڙيل ماڳ مڪانن  جي بچاءَ  لاءِ اهم اپاءُ وٺندا آهن، پنهنجي سڄي ڄمار ملڪ جي اثاثن جي بچاءُ  لاءِ صرف ڪندا آهن۔  ڇاڪاڻ ته ساڻن اهو احساس هوندو آهي ته سندس  جياپو  تهذيبي ورثي سان ئي جڙيل آهي۔
اسان وٽ پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ آهي، هتان جي حڪمرانن کي فقط پنهنجي ذاتي انا ۽ ذاتي ملڪيت سان سروڪار رهيو آهي۔ ان لاءِ ڪي به اثاثا اهمت نه ٿا رکن۔
هونءَ ته تاريخي ماڳ مڪان تقريبن سموري پاڪستان ۾ ڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، پر  خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ حڪومت جي نااهلي جي سبب ماڳ مڪانن جي حالت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته، هتي ڪجھھ سالن ۾ فقط آثارن جي ڪا هڪ خاص علامت ئي بچي سگهندي!  جنهن مطابق صدين کان پوءِ  فقط ڪتابن ۾ ڄاڻائي سگهبو ته هتي ڪو ڦلاڻي نالي سان تاريخي ماڳ هو
مان ويجهي تاريخ جو مثال ڏيان ته اوڻويھين صدين ۽ ويهين صدي جي وچ ۾، جيڪي مڪان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ھيٺ ھوندا ھئا، جن تي غريب غربو اچي  ٻھ پل آرامي ٿيندو ھو، ھاڻ اھي  مڪان بھ مڪمل تباھھ ٿي چڪا آھن.   انهن مان خاص” مائي نيسٽ“ بنگلو، جنهن کي سنڌ جي ثقافت جي نالي سان ويجهي تاريخ ۾ باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سنڌ جي ثقافت جي عشق ۾  ٺهرايو هو، جيڪو جيڪو ھينئر مڪمل طور کنڊر بڻجي چڪو آھي. ماضي ۾، ھن بنگلي  کي  سنڌ جوثقافتي ورثو سمجھيو ويندو ھو.    بنگلي ۾ سنڌ جي  ثقافتي سونھن، سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪچھري  جا رنگ سمايل هوندا هئا۔ هي بنگلو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بمبئي جي مشهور (سر شاھنوارز ڀٽي جي)  بنگلي کان متاثر ٿي ٺهرايو هو۔
مائي نيسٽ سنڌ جي ھڪ شهڪار عمارت طور ياد ڪئي ويندي آهي۔ ان جي موجوده حالت مان ظاهر آهي ته حڪمران طبقو گهري ننڊ ۾ ستل آهي.  ھون بھ پاڪستان ۾ بچيل ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان جيڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آهن،  انهن لاءِ  ڪاش! ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن! پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اوقاف کاتو ۽ ثقافت کاتو جنهن جو ڪم ئي تاريخي ماڳن مڪانن جي سنڀال ڪرڻ، انهن جي مينٽيننس ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، پر  انهن ادارن جي ھاڻ  ڪا خاص دلچسپي نظر نه ٿي اچي
ساڳئي طرح هڪ ٻيو بنگلو جيڪو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو آهي، جنهن کي پڻ تاريخي حيثيت حاصل آهي، اهو  بنگلو پڻ حڪومت جي نااهلي سبب کنڊر بڻجندو پيو وڃي۔ ايڏي خوبصورت عمارت هوريان هوريان ميسارڻ لڳي آهي۔  ھي عمارت انتھائي خوبصورت آھي، جنھن جي اندر طرحين طرحين جي نقشڪاري ۽ ڪمال جي ڊزائين رکي ويئي آھي. جنھن کي اڄ  جو مصور ڏسي بھ حيران ٿيو وڃي
مڪاني ماڻهن جي غير زمينداري جي حد اها آهي جو هيڏي وڏي ثقافتي خوبصورت عمارت ۾ چوپايو مال ٻڌن ٿا۔ ان کان وڌيڪ قومي اثاثن جي توهين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي

آئون سنڌ حڪومت جي   ثقافت جي وزير، ۽ اوقاف کاتي جي وزير کي اپيل ڪريان ٿي، ته سنڌ جي اهڙن خوبصورت ماڳ مڪانن جي بچاءٌ  لاءِ، فوري طور اپاءُ  ورتا وڃن ته جئين سنڌ جي تاريخ کي تباھي کان بچاءِ  سگهجي!