موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content

سنڌي ملڪ دشمن ناھن، انڪري غني امان چانڊيو جھڙن نوجوان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بجاءِ انھن جي ڪروڌ تي ڪن ڌريو!!
ملڪي اسٽبليشمينٽ ھميشھ سنڌين کي ملڪ دشمن  جي خاني ۾ رکيو آھي، پر انھن مان ڪن ٿورڙن ۽ عقلمندن جو خيال رھيو آھي تھ، سنڌ پاڪستان جي بقا جو آخري  مورچو ثابت ٿيندو.
آئون، جڏھن لکندو آھيان تھ ھن وقت پاڪستان جو ٽٽڻ سنڌين جي مفاد ۾ نھ آھي تھ منھنجا انتھاپنسد قومپرست دوست مونکي طعنو ڏيندا آھن تھ آئون اسٽبليشمينٽ جي موقف جي تائيد پيو ڪيان، پر ائين ھرگز نھ آھي. منھنجي خاندان کي گذريل چاليھھ، پنجيتاليھھ سالن کان جيڪي رت جون مانيون کارايون اٿن، سي آئون ئي ڄاڻان ٿو!
مان تاريخ جو ادنيٰ شاگرد آھيان، مون پنھنجي سڄي ڄمار ۾ اھو سکيو آھي تھ وقت سان گڏ ماڻھوءَ کي سکڻ گھرجي ۽ وقت سان گڏ تبديل پڻ ٿيڻ گھرجي ان ۾ ڪا بھ برائي ناھي، بلڪھ زندھ رھڻ (Survive) توڙي ڪاميابي لاءِ وقت جي تقاضا مطابق تبديل ٿيڻ لازم ٿيو پوي.
ان ڪائناتي سچ جي باوجود آئون جيئي سنڌ ۾ رھيو ھجان يا صحافت ۾ ، منھنجو ھميشھ اھو سوچيل سمجھيل موقف رھيو آھي تھ اڄ جي حالتن ۾ پاڪستان جو ٽٽڻ سنڌين جي مفاد ۾ ناھي. ھڪڙي پاسي مھاجر فتنو، سنڌين جي مستقبل خاص طور تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي نڙيءَ ۾ اٽڪيل اھو ڪنڊو آھي، جنھن کي سنڌي نھ تھ، ڳيھي سگھن ٿا ۽ نھ وري اوڳاڇي!!
پنجابين پنوعاقل ڇانوڻي ھندستان سان جنگ لاءِ ناھي ٺاھي، ھن خطي ۾ ڪنھن بھ امڪاني طور بنيادي وڏي جاگرافيائي ڀڃ ڊاھھ جي نتيجي ۾ اھي سنڌ جي ان حصي کي ڳڙڪائي ويندا. ٻي پاسي سنڌين جو رت ۽ ڀت سمجھيا ويندڙ  بلوچ آھن. اسان سنڌي جيوپاليٽيڪس جي ميدان ۾ ايترا تھ سادا آھيون، جو اسان جو عام ماڻھو ڏھاڪن کان ائين سوچندو پيو اچي تھ اسان سنڌي پنھنجي بلوچ ڀائرن سان گڏجي پنھنجا بنيادي ۽ ڪائناتي حق حاصل ڪنداسين، توڙي جو بلوچ آزادي پسندن جا کليل نعرا اسين ھر روز پنھنجي گنھگار ڪنن سان ٻڌون ٿا تھ:” جنگ کنان جنگ کنان، دادو مورو دنگ کنان“
مون کي ڪابھ حيرت ڪانھ ٿي، جو ”سائين جي ايم سيد“ سان ڪيل پنھنجي ڪچھرين متعلق شايع ڪيل اديب انقلابي پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تھ، ”بلوچن سان اتحاد جي حوالي سان سائين جي ايم سيد ڏکاري لھجي ۾ چيو:” مون بلوچ قومپرست اڳواڻ غوث بخش بزنجي کي گڏيل اتحاد لاءِ چيو تھ ھن وراڻيو، اسان بلوچ ھاڻوڪي بلوچستان ۽ سنڌ، پنجاب  ۽ خيبر پختونخواھ (اڳوڻو سرحد صوبو) جي علائقن تي مشتمل آزاد بلوچستان ٺاھينداسين.“
ان موضوع تي سڀ کان بھترين ۽ مسند تحقيق Research مشھور آمريڪي ليکڪ، صحافي ۽ دانشور سلپگ ھيريسن ڪئي آھي. ھن ان موضوع تي ڪيل پنھنجي ڳوڙھي تحقيق ھن پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب
Baloch Nationalism: In the Shadow of     Afganistan”  ۾ تفصيل سان بيان ڪئي آھي. ان حد تائين جو سردار عطاءُ اللھ مينگل جھڙو سنڌين ڏانھن سڀ کان وڌيڪ نرم رويو رکندڙ بلوچ اڳواڻ بھ چوي ٿو تھ:”بلوچن جي سنڌ جي ڪافي علائقن تي دعويٰ آھي، جن مان گھڻن جي مان حمايت نٿوڪريان، پر جيڪب آباد کي بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ جو مان ڀي حمايتي آھيان...“
مون ان موضوع تي پنھنجي شايع ٿيل ڪتاب ”پاڪستان رياست جي امڪاني ڀڃ ڊاھھ ۽ سنڌين ۽ بلوچن جو مستقبل“ ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آھي.
ھي تھ فقط ننڍڙو حوالو آھي سنڌين جي حقن جي تحريڪ جي راھھ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجھا ۽ اتحادي سمجھياويندڙ بلوچن جي تحريڪ جو. پنجابين، مھاجرن ۽ پٺاڻن جي مفادن ۽ انھن جي حڪمت عملين ۽ طور طريقن جو تھ ذڪر ئي الڳ آھي. انڪري ئي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان سنڌي منجھيا پيا آھن.

سنڌين جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪھڙو آھي؟

   آئون ڪافي ڀيرا اڳ ۾ بھ لکي چڪو آھيان تھ اسان سنڌي تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آھيون، جتي اسان سنڌ، بلوچستان ۽ سرائڪستان  تي مشتمل گڏجي فيڊريشن/ ڪانفيڊريشن  قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون، يا وري ھاڻوڪي سنڌ جي جاگرافي بھ بچائي نھ سگھنداسون، ڇاڪاڻ تھ وچ اوڀر کان اٿندڙ جاگرافيائي تبديلينءِ جو طوفان پاڪستان، افغانستان، ايران سميت سڄي وچ ايشيا تائين ھر روز پوري طاقت ۽ بيرحميءَ سان ڌوڪيندو پيو اچي. جيوپاليٽيڪس ڏاڍي بيرحم ۽ زھر قاتل آھي، سڀني ڪمزورن کي ڳڙڪائي ويندي!!
سنڌين جي لاءِ لاتعداد موقعن ۽ گڏوگڏ لاتعداد خطرن واريInteresting times  ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي مسئلو اھو آھي، جو وٽن زيرڪ، ڏاھي ۽ بھادر قيادت نھ آھي. بدقسمتيءَ سان باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي، رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ عظيم ڏاھي رسول بخش پليجو وغيرھ ھڪ صدي اڳ ۾ پيدا ٿي، پنھنجو وارو وڄائي ويا. انھن جي عظمتن جا بلند بانگ ترانا ڳائن جي باوجود، مٿن جائز تنقيد ٺھي ٿي تھ، انھن پنھنجي پٺيان ڪابھ قابل ذڪر فخر قيادت ورثي ۾ ناھي ڇڏي!
اڄ جي سنڌ جي اڳواڻي مجموعي طور تي غدار جاگيرداري ۽ موقعي پرست بزدل وچولي طبقي جي ھٿن ۾ آھي. انڪري جاگرافيائي تبديلن جي اٿندڙ  ان اَجھل طوفان کي سمجھڻ، سنڀالڻ ۽ ان جو رخ مشت پاسي موڙڻ ان قيادت جي نيت توڙي صلاحيت کان ھزارين دفعا وڌيڪ طاقتور آھي. انڪري انھن جي آسري سنڌي عظيم سنڌ(سنڌين، بلوچن، سرائڪين جي ڪنفيڊريشن) جوڙڻ جو تاريخي موقعو ھٿان وڃائي ڇڏيندي، نھ صرف ايترو پر ان قيادت جي آسري تھ سنڌ پنھنجي ھاڻوڪي جاگرافيائي وحدت بھ برقرار نھ رکي سگھندي. بلوچن ۽ مھاجرن جي ڪجھھ انتھاپسند دانشورن پاران ڪجھھ امڪاني طور مستقبل جي سنڌ جي جاگرافيءَکي سنڌ جي ھاڻوڪن ٻن ٽن ضلعن خيرپور ۽ نوابشاھھ تي مشتمل ڏيکاريو ويو آھي.
 
سنڌين کي ڇاڪرڻ گھرجي؟؟
سائين جي ايم سيد جي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پھريائين سنڌ جي صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجن پنھنجن پارٽين اندر پنھنجون صفون درست ڪرڻ گھرجن.
صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي پنھنجي قيادت کان سوال ڪرڻ گھرجي: انھن جي ڪرڻ جي نيت نھ آھي،  يا وٽن صلاحيت ناھي؟؟ 
ٻنھي صورتن ۾ صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي قيادت تبديل ڪرڻ گھرجي. 
مجموعي طور تي سڄي سنڌ جي شعور کي پڪ سان سمجھڻ گھرجي تھ سنڌ جي پنجاھھ سالن جي ماضيءَ جي سياسي پارٽين ۽ انھن جي قيادتن پنھنجو ڀرپور  وڌ ۾ وڌ ڪرادر ادا ڪري، ھاڻي اھي تاريخ جو ورق بڻجي چڪيون آھن. اھي پنھنجي عمر پوري ڪري چڪيون آھن، انڪري ھاڻي سنڌ جي مجموعي طور تي شعور کي پنھنجي ڪک مان نئين سياسي پارٽين ۽ سياسي تحريڪن کي جنم ڏيڻ گھرجي.
سنڌ جي صالح سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ھر گھڙي تبديل ٿيندڙ جيوپاليٽيڪس تي ڪنھن شڪاري چيتي واري نظر رکڻ گھرجي. اھو ڪئين چوندا آھن تھ:”لمحن جي خطا صدين جي سزا ڀوڳيندي آھي.“
سنڌين کي پنھنجي سياسي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي سياسي سگھھ سياسي پارٽي ۾ تبديل ڪرڻ گھرجي. چيني ڪميونسٽ پارٽي جھڙي سياسي پارٽي کپي، جيڪا قومي، طبقاتي غلاميءَ جو خاتمو ڪري عظيم خوشحال ۽ سکي ستابي سنڌ جو صدين جو سپنو ساڀيان ڪري سگھي.