موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content

سنڌي ۽ پنجابي ھڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار آھن ـ ٻيڙي ڀنور ۾ ڦاٿل آھي ۽ ملاح ٻيڙي جو ونجھھ ھلائڻ بجاءِ ٻيڙي جي سيني ۾ سوراخ پيو ڪري!
  پنجابين جيڪڏھن عقل کان ڪم نھ ورتو ۽ طاقت جي تڪبر ۽ غرور ۾ اچي، پنھنجن ننڍڙن خسيس مفادن خاطر سنڌ جو جاگرافيائي ورھاڱو ڪندا تھ پوءِ پنجابي سنڌين جي ڀاءُ مان بدلجي دشمن ٿي پوندا ۽ سنڌي مجبور ٿي پوندا تھ دشمن جي دشمن سان ٺاھ ڪن، ڇاڪاڻ تھ انھن جو دشمن ڏاڍو طاقتور آھي .
اچو تھ سٽ سلجھائيون:
اسان کي اي ايف يو ۾ ٽريننگ دوران پروجيڪٽ 25- پڙھايو ويندو آھي.  جڏھن سال اڳ آمريڪا ۾ چونڊون پئي ٿيون تھ، ٽرمپ پنھنجي چونڊ مھم ۾ چونڊ منشور طور پروجيڪٽ 25- جو بار بار پئي ذڪر ڪيو ھو ۽ انھن پنجويھن منصوبن کي زور سان ھاءِ لائيٽ پئي ڪيو، جن تي ھو امڪاني طور صدر بڻجي عمل ڪرڻ وارو ھو.
ڪجھھ وقت کان پاڪستاني اسٽبلشمينٽ جي پاور ڪاريڊورس ۾  سرڪاري دانشور توڙي ڪجھھ خاص خاص قسم جا صحافي   پاڪستان ۾ بھ ڪنھن پورجيڪٽ - 25  جون ڳالھيون اشارن (ڪناين) پر ڏاڍي معني خيز انداز سان ڪري رھيا آھن.  وڏي رٿابندي سان ليڪ ڪيل پروجيڪٽ جا ڪجھھ نقطا جئين تھ سنڌ ۽ اسان سنڌين جي وجود ۽ قومي مفاد سان سڌيءَ طرح جڙيل آھن، ان ڪري اسان سنڌين کي سوير کان سيءُ اچي ورايو آھي. واڳ ڌڻين کان ڪو سڌي ريت پڇي ٿو تھ اھي ٺھھ پھھ وراڻي ڏين ٿا تھ سازشي ٿيورين ڏي ڌيان نھ ڏيو، پر جئين تھ  اسان جي اسٽبلشمينٽ جو سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن ڏانھن رويو ھميشھ ماٽيلي ماءُ وارو رھيو آھي، ان ڪري سنڌ جي سڄاڻ ۽ باخبر حلقن جا ڪن  اڀا ٿي ويا آھن.
ستاويھين آئيني ترميم جا چرچا  تھ سرعام ٿين پيا. ان ترميم کان اڳ عمران خان جي پارٽي جي ڪافي اڳواڻن کي ڳريون سزائون ڏنيون ويون آھن. عمران خان سان اڃا تائين  وفادار رھندڙن مان ڪن کي اسيمبلين جي سيٽ تان ناھل قرار ڏنو ويو.  مرتضي جتوئي  موري ۾ صحافين  کي خبر ڏيندي ٻڌايو ھو تھ، گھڻن کي نااھل قرار ڏنو ويندو ۽ فارورڊ بلاڪ ٺاھيندا.
سوال آھي تھ،  فارورڊ بلاڪ ٺھرائڻ جون تياريون ڇا لاءِ ڪيون  پيون وڃن ؟؟
جيڪڏھن معاملو فقط عمران خان ۽ فوج جو آھي تھ ان سان جو نھ ربيع نھ خريف.  اھو پنجاب جي اندر جو جھيڙو آھي، جيڪو ڏاڍو ٿيندو  پاڻ ان سان گڏ ھونداسين، پر جيڪڏھن عمران خان انڊ آھي ۽ ڪم سنڌين جو لاھڻو آھي تھ پوءِ سنڌي ضرور ھٿ پير ھڻندا.
خبرون خابرون جي زبانن تان اسلام آباد پنڊي ۽ پوءِ ڪراچي کان ٿينديون جيسيتائين حيدرآباد پھچن ٿيون، تيسين ڪافي شڪل مٽائي چڪيون ھجن ٿيون، پر جيڪي خبرون اسان کي حيدرآباد تائين پڄن ٿيون، انھن ۾ جيڪڏھن نوي سيڪڙو وڌاءُ ۽ افواھ ھجي ۽ صرف ڏھ يا پنج سيڪڙو بھ حقيقت ھجي تھ، اسين سنڌي برباد ٿي وينداسين. اچو تھ ستاويھين ترميم يا پروجيڪيٽ 25- جي ڪجھھ امڪاني نقطن جو ذڪر ڪريون، جن جون خبرون ڄاڻي واڻي اسان تائين پھچايون پيون وڃن تھ، جئين سنڌين جو امڪاني ردعمل ڄاڻي سگھجي!
1. چيو  پيو وڃي تھ، ڏھن سالن لاءِ نئين متعارف ڪرايل پراجيڪٽ ۾، فيلڊ مارشل صدر پاڪستان بھ ٿيڻ وڃي پيو . فيلڊ مارشل، جيڪڏھن صدر بھ ٿيندو تھ ظاھر آھي وردي تھ ان جي کل آھي، ان ڪري اھو لاھيندو ڪونھ.  معني آئين ۾ باوردي صدر بڻايو ويندو، ۽ ظاھر آھي اھو صدر ڪو حڪومت جي ڪيل ڪرتوتن گناھن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آڱوٺو ھڻڻ تھ ڪونھ ايندو، يعني صدر بااختيار باڪمال ھوندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تھ صدر عملي طور تي ۽ آئيني طور تي، رياست جي سربراھھ سان گڏ حڪومت جو سربراھھ بھ ھوندو ۽ وزيراعظم سندس سيڪريٽري يا ايلچي جا فرائض انجام ڏيندو.
جنرل عاصم منير جو چيف آف آرمي  ٿيڻ، ان کان پوءِ وري فيلڊ مارشل ٿيڻ مان بھ ڍو نھ ٿيو آھي ۽ ھو باوردي صدر ٿيڻ چاھي ٿو تھ اسان سنڌين جون اکيون ٿڌيون، اسان سنڌين لاءِ ”ابو مئو، ادو ڄائو! اسان اوتري جا اوترا.“ رھي ڳالھھ رياستي ادارن جي پاڻ ۾ ٽڪراءُ  جي تھ اھو ان ترميم سان بھ حل ٿيڻ يا گھٽ ٿيڻ بجاءِ اڃان وڌيڪ شديد ٿي ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ ڊيپ اسٽيٽ کي اھو بھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ، جيڪڏھن آئين جي منھن تي ايڏو گھڻو فيشل ڪري، کيس مسخ ڪيو ويو تھ ٻيھر اھي آئين ٺاھي ڪونھ سگھندا، ڇاڪاڻ تھ اوھان آئين ٺاھڻ واري کي، ان جي خاندان سميت آلن ٽوئن ۾ وجھي ساڙي ڇڏيو آھي. پر آئين جي مسئلي تي اسين سنڌي ايترا ارھا ڪونھ ٿينداسين، ڇاڪاڻ تھ اسان لاءِ آئين ”جھڙي انڌي پيڪين تھڙي ساھرين.“ 
2- ملڪ ۾ نوان ۽ ننڍا صوبا ٺاھڻ ؟؟
اوھان  پئسن خاطر يا فيلڊ مارشل يا صدر يا وزيراعظ ٿيڻ لاءِ، پنجاب جا جيترا بھ صوبا ٺاھيو، اسان کي ڪو بھ اعتراض ناھي، پر سنڌ جي جاگرافيائي وحدت اسان سنڌين جي دين ايمان جو حصو آھي. پنجابي جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙيندا تھ پوءِ اھي اسان جا دشمن نمبر ھڪ ھوندا.  اسين سمجھون ٿا تھ آفاق ۽ ٽسوري ڇا تي پيا ٽاڏون ڏيندا وتن.
3- سنڌو درياءَ اسان جي لائيف لائين آھي.آئيني ترميم ذريعي يا ڪنھن بھ پروجيڪٽ جي وسيلي سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ ڊيم يا ڪينال سنڌين جي شھھ رڳ ڪٽڻ جي برابر آھي.
4- چيو پيو وڃي تھ، ان پراجيڪٽ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ صوبن ۾ موجود سرڪاري زمين وفاق استعمال ڪري سگھندو.
5- معدني وسيلا تيل گيس ڪوئلو سميت سڀئي
Rare Earth Minerals  وفاقي ملڪيت قرار ڏنا ويندا.
6- سنڌين ۽ بلوچن جي سمنڊ مان امڪاني طور نڪتل، تيل وغيرھ تي وفاق ڪنٽرول ڪندو.
7- سنڌين ۽ بلوچن جي سمنڊ يا سنڌين جي درياءَ جي اندر موجود زمين يا ٻيلن جي سرڪاري زمين وفاق جي استعمال ھيٺ ھوندي.
8- اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن خاص طور، سنڌ جو حصو گھٽائڻ . وغيرھ وغيرھ
اسلام آباد ۽ پنڊي مان اڏامندڙ خبرون ٻڌي ھوش حواس گم ٿيو وڃن. عقل تسليم ئي نٿو ڪري تھ، ايٽمي رياست کي ھلائڻ وارا حڪمران ڪو ايترو جاھل ۽ متڪبر ٿي سگھن ٿا، جو ايئن سوچي بھ سگھن ٿا تھ، سنڌين کان انھن جو سڄو وطن ۽ وطن جا سڀئي وسيلا ۽ ذريعا ڦري وٺندا ۽ سنڌي چپ ڪري، ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھندا ؟؟
عقل ڀل تھ تسليم نھ ڪري، پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا آھن ۽ ٻيو اھي آمريڪا بھادر جا سچا پڪا شاگرد آھن ۽ اڄڪلھھ تھ صدر ٽرمپ سان مانجھاندا ۽ سانجھاندا پيا ٿين، سو  عقل کي ڪير ٿو پڇي!آخر ٽرمپ بھ جتي وڃي ٿو تھ، ڇڙو حڪم ٿو ھلائي تھ ھئين ڪريو، نھ تھ پنجاھھ سيڪڙو ٽيرف وڌائي ڇڏيندس. ڀارت تي پڻ دٻاءُ آھي  تھ روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي بجاءِ آمريڪا کان مھانگو تيل ۽ مھانگا ويڙھا جھاز خريدي. 
مون  پنڊيءَ جي ھڪ دانشور  کان پڇيو :”سنڌين کان سڀڪجھھ کسي بدلي ۾ انھن کي ڇا ڏيندا ؟“
وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان جواب ڏنائين :”بلاول کي وزير اعظم ڪري ڇڏينداسين، سنڌي خوش ٿي ويندا. آخر پ پ پ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيو آھي بھ ڪير ؟“
ڇا سڃي سنڌ جي قيمت صرف، وزير اعظم جي ڪرسي آھي ؟
سنڌين جو ڇا ٿيندو؟؟
سنڌي يا تھ ھاڻوڪي سنڌ بلوچستان جا سنڌين ۽ بلوچن وارا علائقا ۽ پنجاب جي سرائڪستان وارا علائقا سڀ ميڙي چونڊي ھڪ نئون ڪنفيڊريشن وارو ملڪ حاصل ڪندا يا وري خيرپور ڊويزن ۽ نوابشاھھ  ڊويزن تي مشتمل گلگت بلتستان جھڙو ڪو ننڍڙو نالي ماتر ملڪ وڃي بچائيندا، جيڪو پنجابين بلوچن ۽ ڏکڻ ۾ مھاجرن جي جوتن ۾ مستقل رھندو؟؟
ايشيا سڄو کنڊ ۽ ننڍو کنڊ خاص طور تي اڄ جي جنگي امڪاني  عالمي معرڪي ۾ جاگرافي جي لحاظ کان تمام وڏين بنيادي تبديلين مان گذرڻ وڃي پيو.  سڄي ايشيا جي جاگرافيءَ جي سر سر کان جدا ٿيڻ جا چٽا امڪان نظر اچن پيا، خاص طور تي ننڍي کنڊ ۾ عالمي طاقتن جي گھري دلچسپي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪليدي ڪردار ڀارت ۽ پاڪستان جي آسمانن تي اڏامندڙ جنگي بادلن خطي ۾ موجود سڀني قومن کي پنھنجا پنھنجا ٽپڙ سارڻ لاءِ ڪن کڻائڻ شروع ڪيا آھن. خطي ۾ موجود سڀني قومن کان سنڌين جي پوزيشن ڪمزور بھ آھي تھ، انھن وٽ ايندڙ طوفان  کي منھن ڏيڻ جي حوالي سان تياري تھ پري جي ڳالھھ آھي، پر انھن کي تھ ٻيٽ بھ ناھي تھ  کڙڪو ڪٿي آھي. سڀ کان بھتر ۽ آئيڊيل صورتحال تھ آھي سنڌي ۽ پنجابي پاڻ ۾ ويھي، ھڪ دفعو ٻيھر گڏجي رھڻ جو ڪو تاريخي عھدنامون ڪن،  ڇاڪاڻ  تھ جنھن نموني پنجابي فيڊريشن جي نالي بدترين پنجابي شائونسٽ مفادن واري آمريت ھلائين ٿا، ان تي مجموعي طور تي سنڌي ماڻھو ذھني طرح ان نتيجي تي پھچي چڪا آھن تھ، سنڌي سنڌ ۾ نھ صرف اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، پر سنڌين جا وسيلا پنجاب ڦري لٽي سنڌ کي ڪنگال ڪري ڇڏيندوـ سنڌين ۽ بلوچن پنجابين سان ڀائرن وانگر گڏجي رھڻ لاءِ گذريل مني صديءَ ۾ ڏاڍا جتن ڪيا بھ آھن. ھن موقعي تي آئون صرف ٻن موقعن ۽ حوالن جو ذڪر ڪندس.
مشھور آمريڪي سياسي دانشور سليگ ھيريسن بلوچستان متعلق لکيل پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب Baloach Nationalism : In The Shadow of   Afghanistan ۾ بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجو جو تفصيلي انٽرويو ڏنو آھي، جنھن ۾ ولي اللھ صفت بلوچ اڳواڻ بزنجو صاحب بلوچن پاران جنرل ضياءَ الحق جي فوجي حڪومت سان ڪيل تاريخي ٺاھھ جا وچور وڏي تفصيل سان ڏنا آھن. ھيريسن ھڪ جڳھھ تي لکيو تھ:
”بزنجي ٻارن وانگر روئيندي چيو :”بلوچستان جا ماڻھو مون کي پيار ۽ محبت مان باباءِ بلوچستان ڪوٺيندا ھيا، پر مون تمام وڏي مخالفت جي باوجود پنجابين سان گڏجي رھڻ لاءِ جڏھن جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت سان ٺاھھ ڪيو ۽ بدلي ۾ فوجي حڪومت ٺاھھ جي ڪنھن ھڪ نقطي تي بھ عمل نھ ڪيو ۽ ان حد تائين جو ڊٺل گھرن ۽ عام بلوچن جي  ڳوٺن کي ڏنل باھين جي عيوضي ۾ معاھدي طور طئي ٿيل ون ملين بھ نھ ڏنا ويا تھ، بلوچن منھنجو سڄي بلوچستان ۾ تمسخر اُڏائڻ شروع ڪيو ۽ بلوچ نوجوان ھاڻي مون کي باباءِ بلوچستان جي بجاءِ ٽوڪ ڪندي ”باباءِ مذاڪرات“ ڪوٺيندا آھن. “
بلوچن ۽ سنڌين سان ڪيل ٺاھن ۽ انھن ٺاھن جي ڪيل تذليل سان تاريخ ڀري پئي آھي. ھاڻي سنڌ جو ھڪ مثال ٻڌو:
”جنرل ضياءَالحق سائين جي ايم سيد کان ديوان مشتاق حيدرآباد ۾ مزاج پرسي ڪرڻ آيو. ملاقات ۾ موجود ٻن کان وڌيڪ ماڻھن جي چوڻ مطابق  جنرل ضياءَ سائين جي ايم سيد کان پڇيو : ”سائين ڇا پاڻ گڏجي نٿا رھي  سگھون؟ توھان تھ پاڪستان جا پاڻ خالق آھيو.“
سائين جواب ڏنو:” رھي سگھجي ٿو، جيڪڏھن پنجابي سنڌين ۽ بلوچن کي انھن جا جائز حق ڏين. تخليق ڪار کي پنھنجي تخليق ڏاڍي پياري ھوندي آھي.“
راوين جي چوڻ مطابق، جنرل ضياءَ ۽ سائين جي ايم سيد جي طرفان گڏيل طور تي اتي موجود جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت جي ٻن وزيرن ( جيڪي جي ايم سيد جا پڻ دوست ھيا ) ۽ سائين جي ٻن ساٿين تي مشتمل چئن ڄڻن جي ڪاميٽي ٺاھي وئي، جنھن کي ھڪ مھيني جي اندر ڳالھين لاءِ فريم ورڪ جوڙي،  ٻنھي پاسي پيش ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ڪاميٽي ۾ شامل ھڪ سياستدان جي چوڻ مطابق، ”ٽن مھينن کان پوءِ جنرل ضياءَ جو ھڪ خاص نمائيندو سائين جي ايم سيد وٽ پيغام کڻي آيو تھ: ”جنرل صاحب چوي ٿو في الحال اسان اھي ڳالھيون نٿا ڪري سگھون، ڇاڪاڻ تھ پيپلز پارٽي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آھي، ھن وقت جيڪڏھن اسان قومپرستن سان ڪو ٺاھھ ڪنداسين تھ، پ پ پ پنجاب ۾ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندي تھ، ملڪ دشمنن سان جنرل ضياءَ ٺاھھ ٿو ڪري.
اھي ڳالھيون وري ڪونھ ٿيون، باقي ان ڏينھن صحافين سائين جي ايم سيد کان پڇيو: ”اوھان جنرل ضياءَ کي ڪيئن ڏٺو ؟“
سائين جي ايم سيد ٺاھھ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي جواب ڏنو: ”جنرل ضياءَ الحق شريف النفس ماڻھو آھي، ھو منھنجي طبيعت پڇڻ آيو.“
سنڌ جي ماڻھن کي سائين جي ايم سيد جو اھو بيان ڪنھن ڀالي وانگر سيني ۾ لڳو. اسين ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنس فيڊريشن ۾ ھياسين. مون سميت ڪجھھ ماڻھن ان بيان تي ايترو ڏکارا ٿيا جو جيئي سنڌ ڇڏي ھليا ويا.
پنجابي پنھنجي فوجي طاقت ۽ عددي اڪثريت ۽ عالمي تعلقاتن توڙي ڪامياب ڊپلوميسي ۽ ان جي مقابلي سنڌي بلوچ ۽ پٺاڻن جي جيتامڙي حيثيت پنجابين کي ڏاڍو مغرور ۽ متڪبر بڻائي ڇڏيو آھي.  پٺاڻن ۽ بلوچن وٽ ھن وقت وري بھ ھٿياربند ٽڪراءَ جي طاقت موجود آھي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ انھن سان پنجابي وري بھ ڳالھين جي ميز تي اچي، ڪنھن ڊائيلاگ لاءِ تيار بھ ٿي وڃن. سنڌين وٽ تھ اھا بھ طاقت ناھي.  سنڌين لاءِ پنجابين وٽ پراڻو تاريخي فارمولا موجود آھي تھ سنڌين جي غدار ابن غدار حڪمران طبقن کي ھڏي وجھو، انھن کي اقتدار تي برقرار رکو تھ جيئن اھي مقامي پنھنجي مخالفن جي ٻنين ۽ ونين تي قبضا ڪن، باقي سنڌ جي بيخوف ڀينگ ڪيو توھان کي ڪنھن بھ ڀو جي ضرورت ناھي. اندروني مخالفن کي اھي غدار ابن غدار وڏيرا پاڻھين ماري مات ڪندا. اوھان کي ڪو بھ تعجب کائڻ نھ گھرجي جو ملڪ جي ايندڙ امڪاني آئيني ترميمن تي اسان جا سڀئي حڪمران طبقا، چيو پيو وڃي پنھنجو پنھنجو حصو پتي وٺڻ جي آسري تي ستاويھين امڪاني  آئيني تر ميم تي راضپو ڏيکاريو آھي.  پ پ پ جو حصو بلاول جي وزارت اعظمي ۽ سنڌ حڪومت جي ڊي اي ۽ ٻين لاءِ ٻيا موقعا جڏھن تھ قومپرستن کي بھ ھيل ھڏي وجھڻ جا امڪان پيدا ڪيا پيا وڃن ۽ ان جي قيمت ڇاھي يا امڪاني طور تي ڇا ٿي سگھي ٿي؟ وقت جو انتظار ڪريو.
چيو وڃي پيو تھ ستاويھين آئيني ترميم ۾ امڪاني طور تي ملڪ ۾ صدارتي نظام عملي طور تي لاڳو ڪيو ويندو ۽ امڪاني طور تي فيلڊ مارشل کي آئيني ترميمن ذريعي طاقتورين صدر مقرر ڪيو ويندو. ڇا ھو وردي ۾ صدر ٿيندو ؟ سادو جواب ٿي سگھي ٿو تھ وردي کان سواءِ صدر ٿيڻ جو ڇا فائدو ؟؟
ٻيو تھ ارڙھين آئيني ترميم جي مڪمل چيرڦاڙ ٿيندي. خاص طور تي نيشنل فنانس ايوارڊ کي تبديل ڪري صوبن جو حصو نالي ماتر ڪري، سڄو خزانو وفاق جي نالي ۾ پنجابي پنھنجي قبضي ۾ ڪندا. پنجابي جو مطلب ھاڻي فوج ئي سمجھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف جي اڳواڻي ۾  سولين پنجابي مفادن وارو شائونزم ڍول سپاھين پنھنجي آئين پيرن ھيٺان چيڀاٽي چيٿاڙي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. چيو پيو تھ ان صدارتي نظام واري آئيني ترميم ۾ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھيا ويندا ۽ سنڌي وزيراعظم ٿيڻ جي قيمت، سنڌ کي ٽن صوبن ۾ ورھايو ويندو. ان کان سواءِ ڪارپوريٽ فارمنگ معني صوبن جي زمينن تي قبضي سان گڏ، صوبن جي معدنيات تيل، گيس، ڪوئلو، سون، چاندي ۽ پتل سان گڏ ريئر ارٿ منرل تي وفاق جو آئيني قبضو وغيرھ شامل آھن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي، اھو جڏھن آئيني ترميم ايندي تھ ڏٺو ويندو.
حاصل مطلب اھو آھي تھ پنجابي حڪمران طبقا ھڪ تھ جاھل آھن ۽ ٻيو فوجي لحاظ کان ايترا طاقتور ۽ متبرڪ آھن جو اھي سنڌين کي باعزت طريقي سان پنھنجو ڀاءُ سمجھي گڏ رکڻ واري فارمولا تھ راضي ٿين، ان جا امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آھن. ان ڪري سنڌ جي غيرتمند بھادر ۽ عقلمند نوجوانن ۽ مجموعي طور تي سنڌ جي غيرتمند ماڻھن کي وقت ۽ تاريخ جي Wake Up Call کي لبيڪ چئي بزدليءَ جون سنگھرون لاھي ڦٽي ڪرڻ گھرجن، ۽ پنھنجي اندران نئين غيرتمند ۽ عقلمند قيادت کي مٿي آڻڻ گھرجي.
  اڄ جي دور ۾ ۽ ھر دور ۾ ڪاميابيءَ جو ھڪ لازمي گر ڊپلوميسي سفارتڪاري آھي. اسين پنھنجي سڄي سياست جي شروعات ڊپلوميسي سان ڪنداسين. اسان کي ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي پلانن تي ڪم ڪرڻو پوندو. 1. پنجابين سنڌين، بلوچن، پٺاڻن، سرائڪين ۽ مھاجرن سڀني لاءِ فائدي وارو منصوبو اھو آھي تھ، پاڪستان کي ھڪ ڪنفيڊرل ملڪ بڻايون. پنجابين جي بالابستي وارو نالي ماتر وفاق جيڪو عملي طور تي بدترين  ون يونٽ کان بھ وڌيڪ خراب آھي، ان کي رضاڪارانا ڪانفيڊريشن ۾ تبديل ڪجي، سڀني ملڪن وٽ پنھنجي فوج ۽ وسيلن تي پنھنجو ڪنٽرول ھجي، اسين يورپين يونين جھڙو سيٽ اپ جوڙيون. ويزا کان سواءِ ايندا ويندا رھون ـ فري ٽريڊ ڪريون وغيرھ.. ان فارمولا تحت اسان ھڪٻئي سان جنگين ڪرڻ کان بچي وينداسين، پر ان لاءِ پنجابي راضي ڪڏھن نھ ٿيندا. ان فارمولا تي پھريون اعتراض اھو ٿيندو تھ ٻليءَ کي گھنڊ ڪير ٻڌندو؟
سنڌين لاءِ ٻيو فارمولا اھو آھي تھ سنڌي بلوچ ۽ سرائيڪي پاڻ ۾ ڪنھن ڪانفيڊريشن تي راضي ٿين، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اھي الڳ ٿيندا تھ انھن جي ملڪن جي جاگرافي سرحدن توڙي وسيلن دريائن وغيرھ جي ورھاست سنگين تنازعن توڙي، جنگين جو باعٽ بڻجي سگھي ٿي. ھون بھ ڏٺو وڃي تھ سنڌي بلوچ ۽ سرائيڪي جاگرافي تاريخ ۽ نسل جي اعتبار کان ايترو تھ پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، جيترو پاڻي ۾ آڪسيجن ۽ ھائيڊروجن جا ايٽم.
پنجابي پڻ ڪانفيڊريشن جي فارمولا تي راضي ٿي سگھن ٿا، ان صورت ۾ جڏھن بلوچن ۽ پٺاڻن جون ڪشمير گلگت بلتستان ۾ آزادي جون تحريڪون کين مجبور ڪري وجھن، يا ڀارت افغانستان ايران توڙي عالمي تنازعن جي سبب اھي معاشي طور تي ايترا ڪمزور ٿي وڃن، جو کين سنڌين جي ضرورت پوي. سنڌين کي ھر حال ۾ پنجابين سان ڪنھن فوجي ٽڪراءَ ۾ نھ اچڻ گھرجي، جڏھن تھ سنڌين کي پنھنجي سڀ کان ڪمزور پاسي يعني ڊپلوميسي تي توجھھ ڏيڻ گھرجي. ھڪ قوم جي حيثيت ۾ کين آمريڪا ۽ چين سان سنڌين جي مفادن جي تحفظ واري ڊپلوميسي جا بنياد وجھڻ گھرجن. ـسنڌين جا قومي مفاد ڪھڙا آھن؟ انھن جو ڳوڙھو اڀياس لازم آھي ۽ انھن کي ڪيئن حاصل ڪبو، ان جي ڪامياب حڪمت عملي جو ھجڻ پڻ لازم آھي. پنجابي ۽ سنڌي اسين ننڍي کنڊ جو اٽوٽ حصو آھيون. ان ڪري سلامتي ۽ ترقي جو رستو اھو آھي تھ پاڪستان ۽ ڀارت کي دشمني ترڪ ڪري سٺن پاڙيسرين وارو دڳ وٺڻ گھرجي. جڏھن تھ اسين سنڌي ڪنھن سان بھ دشمني جو ست ساري نٿا سگھون. اسان کي آخري وقت تائين ڪنھن سان بھ دشمني نھ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. پنجابين سان سنڌين جو ڪڏھن بھ تاريخ ۾ جھيڙو ناھي رھيو. ڀارت ۽ چين دنيا جا مستقبل جا سپر پاور آھن. سنڌين کي انھن سان سڌا ڊپلوميٽڪ تعلقات رکڻ گھرجن ۽ انھن سڀني طاقتن سان اوھان جي سٺن لاڳاپن جو دارومدار اوھان جي قومي مفادن کي ڪير سپورٽ ڪري ٿو ۽ ڪير انھن قومي مفادن جي راھ ۾ رڪاوٽ آھي، اوھان جي دوستي جو ۽ دشمني جو بنياد اوھان جا قومي مفاد آھن. قومي مفاد ئي اوھان جي دوست ۽ اتحادي جو تعين ڪن ٿا. ان جو ننڍڙو مثال ڪجھھ ھفتا اڳ بلوچ آزادي پسند اڳواڻ حرب يار مري جو تازو اسرائيل جي مشھور اخبار  Istrael Today ۾ شايع ٿيل اھو آرٽيڪل آھي، جنھن ۾ ھن کليل طور تي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان ايران تي ڪيل حملن جي حمايت ڪئي آھي. ظاھر آھي مري صاحب اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت مفت ۾ تھ ناھي ڪئي.  پاڪستان متعلق لکيل سندس موقف کي آئون ھتي لکي نٿو سگھان. 
اسان سنڌين کي ڊپلوميسي ۽ ان جون بنيادي ڳالھيون اصول سکڻا پوندا.
1. قومي مفاد
2. قومي مفاد متعلق دوست ۽ دشمن جو تعين ـ
3. گھڻي کان گھڻا دوست پيدا ڪيو ـ
4 . Politics is art of possibleجيڪو حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان جو نالو ئي سياست آھي ـ
5. ڊپلوميسي اوھان جي طاقت جي تابع آھي. جيترو اوھان طاقتور ھوندا، اوتري اوھان جي سفارتڪاري ڪامياب  ٿيندي.
6. You can't fight them , join them .
جنھن سان وڙھي نٿا سگھو، ان سان گڏجي پئو .
اڄ جيڪڏھن سنڌي مجموعي طور تي وقت ۽ تاريخ جي  Wake Up Call کي مان ڏئي، ان جو تدارڪ نھ ڪندا تھ يقين ڄاڻو، جيو اسٽريٽجڪ جيوپولٽيڪل ۽ جيو اڪانامڪ حالتن ۽ جبر جو اھو اجھل طوفان پيو اچي، جو اسين پنھنجي ھاڻوڪي جاگرافي بھ بچائڻ ۾ شايد ئي ڪامياب ٿي نھ سگھون ـ  اللھ نھ ڪري!