انساني تاريخ جو سڀ کان حسين خواب جيڪڏهن ڪو آهي ته، اهو امن ۽ محبت جو خواب آهي.۔ دنيا جي هر تهذيب، هر مذهب ۽ هر فڪر جي بنيادي تعليم انسانيت، ڀائيچاري ۽ سلامتي تي ٻڌل رهي آهي،۔ پر سوال اهو آهي ته، جڏهن هر فڪر جو بنياد امن تي آهي ته ،پوءِ دنيا ۾ افراتفري، نفرت، دهشت ۽ ٽڪراءُ ڇو وڌي رهيا آهن؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته، انسان پنهنجي اصل کان پري ٿي ويو آهي.۔ جڏهن انسان پنهنجي دل مان محبت جي روشني وڃائي ڇڏي ٿو، تڏهن سماج ۾ اوندهه پکڙجي وڃي ٿي، امن ۽ محبت جو سفر دراصل اندر کان شروع ٿيندو آهي۔. جيڪڏهن دل ۾ ڪينو، حسد، بغض ۽ خودغرضي موجود آهي ته، ٻاهر جي دنيا ۾ به ساڳيو عڪس نظر ايندو.۔ اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي اندر جي سڌاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
۔ تاريخ شاهد آهي ته، جن قومن اخلاق کي وساري ڇڏيو، اهي زوال جو شڪار ٿي ويون،۔ جڏهن معاشري ۾ انصاف ختم ٿئي ٿو، جڏهن سچ جي جاءِ تي ڪوڙ کي عزت ملي ٿي، جڏهن ايمانداري بدران فريب کي هوشياري سمجھيو وڃي ٿو، تڏهن سماج اندر کان ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ھر برائي جنم وٺي ٿي.
اسان جي معاشري ۾ موجودھ صورتحال ۾ نفرت جي باهه آهستي آهستي پکڙجي رهي آهي۔، سوشل ميڊيا هجي يا سياسي جلسا، هر هنڌ تلخي ۽ غير معياري ٻولي استعمال ٿئي ٿي، ماڻهو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،۔ جڏهن برداشت ختم ٿئي ٿي ته، امن به رخصت ٿيو وڃي. ۔
سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي رهي آهي،۔ هتي هميشه محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ويو آهي،۔ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ انسان جو درس ڏنو،۔ سچل سرمست وحدت الوجود جو پيغام ڏئي، انسان کي هڪ ٻئي سان جوڙيو،۔ لال شهباز قلندر پڻ ساڳي واٽ ڏسي.
بزرگ اسان کي سيکارين ٿا ته، انسان جي سڃاڻپ سندس دل جي وسعت سان آهي، نه سندس ظاهري حيثيت سان.۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪريون ته، سماج مان نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون ۽ ۔ اسان کي گھرجي تھ سياسي شعور، سياسي توڙي سماجي تعليم بابت تربيت ڪريون تھ جئين اسان جي نوجوان ۾ شعور پيدا ٿيا. ان سان گڏوگڏ اسان کي نوجوان جي علمي قابليت لاءِ ڪي خاص اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آھي. سياست جو مقصد اصل عوام جي خدمت آهي، پر افسوس سياست کي مفادن جو ڪاروبار سمجھيو وڃي ٿو. اسان تي اھو فرض عائد ٿو ٿئي تھ، پنھنجي وس آھر پنھنجي سماج لاءِ بھتر کان بھتر ڪم ڪريون ۽ پنھنجي سنڌ جي ماروئڙن جي خدمت ڪريون.