موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ذات پرستي ان دور جي نشاني آھي جڏھن انسان اڃان ترقي جون منزلون طئي ڪري رھيو ھو .ھڪ خاندان کي پنھنجي وجود بچائڻ ۽ جيوت لاء کاڌي حاصل ڪرڻ لاء جنگ جوٽڻي پوندي ھئي .پوء خاندان جا سمورا فرد ان جنگ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ وجود ۽ کاڌي لاء انھن کي خاندان جي حفاظت ڪرڻي پوندي ھئي .جڏھن خاندان کان وڌي  قبيلائي دور جي طرف قدم وڌيو جيڪو علائقي جي حفاظت يا قبائلي سردار جي حڪم موجب قبيلي جي اثاثن ،فردن ،عزتن جي حفاظت لاء جنگ جوٽڻي پوندي  ھئي .عصبيت، ذات پرستي ۽ قبیلائی عصبیت اسان جي سماج جو ھڪ ڇرڪائيندڙ سچ آھي .تازو ٿر ۾ ان  جو مظاھرو ڏسي چڪا آھيو ھي ھڪ اھڙو  هڪ سماجي معاملو  آهي جيڪو سڄي معاشري کي متاثر ڪري ٿو،
سنڌي سماج ۾ ان بابت پھاڪن ۾ جنھن ذات تي غيرت ڪون ايندي ان کي زال تي به ڪون ايندي .جيڪڏھن ڪو عام شخص ذات پرستي ڪري ته ان کي برداشت ڪري سگھجي ٿو پر پبلڪ پراپرٽي بنيل شخصيتون جھڙوڪ اسيمبلي ميمبر ،عوامي اڳواڻ ،وڪيل ،ڊاڪٽر ،استاد ،پروفيسرن سميت ٻيا سرڪاري عملدار ذات پرستي ڪندا ته پوء انصاف کي ڪيترو نه ڌڪ لڳندو پر  سنگتي ان کي باقاعده  حق سمجھي ڪن ٿا پنھنجي قبيلي ۽ ذات جو مختلف معاملن ۾ پاسو کڻڻ ٿا .
جيتوڻيڪ اسان وٽ  تعليم  ۾ واڌارو آيو آھي پر ان باوجود ھي نفسياتي مسئلا رھيا آھن
اڄ جي ھن مضمون ۾ ان ذھني بيماري جو نفسياتي جائزو وٺنداسين .
ذات پرستي (Casteism) ۽ قبائلي عصبيت انسان جا اھڙا رويا آھن  جيڪئ   بنيادي سماجي تعلق جا اهڙا پاسا آهن، جي صدين کان اسان جي سماجي جوڙجڪ تي ڇانيل ۽ اثرانداز ٿيندا  رهيا آهن.  نفسياتي طور تي، اهي رويا انسان جي اندروني مسئلن ۽ ٻاهرين سماجي دٻاءَ جو نتيجو آهن، جيڪي فرد کي گروهه جي دائري ۾ محدود ڪن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي  جديد دور ۾، جڏهن تعليم عام ٿي چڪي آهي، تڏهن به اهي رجحان پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ گهٽجڻ بدران، اڃا به مضبوط ٿيندا نظر اچن ٿا .
ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جا بنيادي نفسياتي سبب جو جائزو ورتو آھي .ذات پرستي ۽ قبائليت جي روين جي پاڙ انسان جي فطري ۽ سماجي نفسيات ۾ لڪيل آهي. نفسياتي ماهرن موجب، هيٺيان  ٻه سبب اهم آهن:
1. سڃاڻپ ۽ تعلق جي نفسياتي ضرورت:
سماجي سڃاڻپ جو نظريو : انسان فِطري طرح سان پنهنجي  گروهه سان تعلق رکڻ چاهي ٿو. ذات يا قبيلو سڀ کان آسان ۽ تڪڙي سڃاڻپ جو سبب  بڻجي ٿو. گروهي تعلق  سان هڪ فرد کي پختو احساس ڏئي ٿو ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه آهي ۽ کيس حفاظت ۽ مدد ميسر آهي.
عزتِ نفس جو تحفظ : ھر ماڻهو پنهنجي گروهه ياذت  کي وڌيڪ سٺو سمجهي ٿو ته جيئن پاڻ کي سٺو محسوس ڪري سگهي.جيڪڏھن ھو پنھنجي ذات کي برو سمجھندو ته ان جي پنھنجي عزت نفس مجروح ٿيندي
پنهنجي ذات يا قبيلي کي اتم ۽ اعلي سمجهڻ سان، فرد جي عزتِ نفس" کي هٿي ملي ٿي ۽ هو ٻين گروپن کي پاڻ کان  هيڻو۽ ڪمزور  سمجهي پاڻ کي مطمئن ڪري ٿو.
2. خوف ۽ عدم تحفظ:
  جڏهن فرد سماجي يا معاشي طور پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، تڏهن هو پنهنجي "سماجي حفاظت" جي لاءِ پنھنجي مضبوط گروهه سان جڙي رهي ٿو. قبائليت ۽ذات پرستي  جو جذبو هن "خوف" کي گهٽائڻ جو نفسياتي وسيلو آهي، ڇاڪاڻ ته گروهه جي گڏيل طاقت خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
3. سکيا ۽ سماجي ورثو:
جيڪي  ٻار  پنهنجي گهر ۽ ماحول ۾ ذات يا قبيلي جون  ڳالهيون ٻڌي ۽ ڏسي ٿا وڏا ٿين، اهي لاشعوري طور اهي رويا سکي وٺن ٿا. هيءَ روين جي سماجي سکيا ذهني طور تي هڪ مضبوط نقش قائم ڪري ٿي، جنهن کي مٽائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ھن وقت اھو ڪم واٽس ايپ ،فيس بوڪ ،ايڪس سميت سوشل ميڊيا جا ٽولز ڪري رھيا آھن .ٻارن ،نوجوانن ۾ ذات پرستيءَ قبيلائيت جو ٻج ڇٽڻ جي ڀرپور  ڪوشش ڪن ٿا.
گروهي فيصلا:  پنهنجي ذات يا قبيلي جي فيصلن تي بنا سوچ "ها" چوڻ سان گروهه ۾ جاءِ ملڻ جو اطمينان ٿئي ٿو، جنهن کي نفسيات جي ٽرم ۾  "موافقت جي ضرورت" (Need for Conformity) چئبو آهي.
پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ ذات پرستي ۽ قبائليت ڇو آھي ؟
تعليم جو مقصد فرد جي سوچ کي آزاد ۽ روشن ڪرڻ آهي، پر سنڌي سماج ۾ ڏٺو ويو آهي ته پڙهيل لکيل نوجوان به ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جي چڪر ۾ گهڻو ڦاٿل آهن. ان جا سبب به گهڻو ڪري سماجي-نفسياتي آهن.
1. موقعن جي اڻاٺ  ۽ مقابلي جو رجحان:
  معاشي دٻاءُ: اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود جڏهن نوڪريون، داخلا يا ٻيا معاشي موقعا محدود ٿين ٿا، تڏهن نوجوان مايوس ٿي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾، ذات يا قبيلو هڪ "آخري سهارو" يا "شارٽ ڪٽ" بڻجي ٿو، جنهن جي وسيلي اهي پنهنجا جائز يا ناجائز حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنهنجي قبيلي جي اڳواڻ کي ووٽ ڏيڻ يا ذات جي بنياد تي حمايت ڪرڻ سان،  اھي محسوس ڪن ٿا ته سندن مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
2. ٻٽي  سڃاڻپ:
  تعليم ۽ عمل ۾ تضاد: نوجوان تعليم ذريعي برابري ۽ جديديت جا سبق پڙهن ٿا، پر عملي زندگيءَ ۾ کين پنهنجي خاندان ۽ سماج جي قديمي رواجن کي مڃڻو پوي ٿو. هن تضاد کان بچڻ لاءِ، هو هڪ "ٻهروپي سڃاڻپ" اختيار ڪن ٿا: يونيورسٽيءَ ۾ روشن خيال، پر گهر ۽ ڳوٺ ۾ قبائلي جيئن ھن وقت اوھان ڪميونسٽ ،لبرل ،قومپرست نوجوان  جيڪي زاھد شيخ جي شاعري زاھد ذاتين جا باغي سنڌي قوم جي جهمريون پائين .جن تربيتي سيشن ۾ وڏا ڊاڙ ھنيا.اھي به ذات پرستي جي لڙ ۾ لڙھي ويا.
  طاقت جي جوڙجڪ  سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ سرداري نظام تعليمي ادارن ۽ سرڪاري کاتن تي به اثر رکي ٿو. پڙهيل لکيل نوجوان جڏهن ڏسن ٿا ته، قابليت کان وڌيڪ ذات جي سفارش ڪم اچي ٿي، ته اهي به بچاءَ خاطر يا فائدو وٺڻ لاءِ ان نظام جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
3.پنھجيون  اندروني ڪمزوريون ۽ رهبري جو فقدان :
  تنقيدي سوچ جو فقدان: تعليم يافته هجڻ جي باوجود، گهڻا نوجوان تاريخ ۽ سماجي روين تي تنقيدي سوچ (Critical Thinking) استعمال نٿا ڪن. هو آسانيءَ سان پنهنجي بزرگن جي غير منطقي ذاتياتي دليلن کي قبول ڪري وٺن ٿا.قبائلي ماحول جي ڪري ھنن وٽ بزرگن سان مخالفت ڪرڻ جي طاقت ئي ناھي .
* سنجيده بحث ۽ راءِ جو گهٽجڻ: جيئن ته سول سوسائٽي ۽ مضبوط قومي ادار ا  آواز ڪمزور ٿيا آهن، قبائلي سوچ جي خلاف ڪو مضبوط ۽ متبادل عوامي راءِ موجود ناهي. ان ڪري نوجوانن کي لڳي ٿو ته، ذات پرستي سماج جو هڪ عام ۽ قبول ٿيل حصو آهي.ھو ان جي مخالفت ۾ ڪو محاذ نٿا ڏسن .
حل ۽ روين جو مٽجڻ: ذات پرستي ۽ قبائليت جي خاتمي لاءِ، رڳو قانوني يا سماجي سڌارا ڪافي نه آهن، پر نفسياتي سڌارن جي به ضرورت آهي.
تعليم جو مقصد بدلائڻ: تعليم کي صرف نوڪري ڏيڻ بدران، ان کي انساني برابري، تنقيدي سوچ ۽ همدردي جي جذبي کي وڌائڻ تي زور ڏيڻ گهرجي.
موقعن جي برابري: سماج ۾ جڏهن قابليت کي ذات کان وڌيڪ اهميت ملندي، ته نفسياتي طور تي نوجوان ذاتياتي تحفظ ڳولڻ بدران پنهنجي ذاتي صلاحيتن تي ڌيان ڏيندا.
مثبت رول ماڊلز: تعليم يافته ۽ بااثر شخصيتن کي ذات پرستي خلاف عوامي موقف وٺڻو پوندو ته جيئن نوجوان هڪ بهتر ۽ انسانيت تي ٻڌل سڃاڻپ اختيار ڪري سگهن ۽ اھڙا رول ماڊلز بنائڻا پوندا جيڪي ذات پرست نه ھجن .
حق ۽ انصاف جو نظام: جڏھن ملڪ ۾ عدالتي ۽ پوليس سميت ھر اداري ۾ انصاف جو نظام قائم ٿيو ته خودبخود ذات پرستي گھٽجي ويندي.

سياسي پارٽين جو ڪردار: جڏھن سياسي پارٽيون ذات جي گھڻائي بدران ڪارڪردگي يا ڪم جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏينديون ،مقامي وڏيرن ،جاگيردارن ۽ سردارن بدران سچن ڪارڪنن کي ترجيح ڏينديون ته، ضرور فرق پوندو .هر فرد ۽ خاص ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي  ان پنجوڙ کي ٽوڙڻ جي ذميواري کڻي، جيڪا کين ذات ۽ قبيلي جي محدود دائري ۾ قيد ڪري ٿي ۽ حقيقي ترقي ۽ انسانيت جي پيغام کان پري رکي ٿي. ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي .ھر پڙھيل لکيل نوجوان  تي فرض  آھي تھ سنڌ جي مستقل لاءِ  پنھنجو  ڪردار ادا ڪري..