تاريخ ثابت ڪيو آهي ته، جڏهن رياستون عوامي مسئلن کان منهن موڙين ٿيون، تڏھن معاشي بدحالي ۽ مهانگائي بي قابو ٿئي ٿي، حڪومتي پاليسيون عوامي مفاد بدران، مخصوص طبقن جي فائدي لاءِ ٺهڻ لڳن ٿيون. طاقتور ڌريون سموريون پاليسيون ذاتي مفادن لاءِ استمعال ڪن ٿيون. اھو ئي سبب آھي جو سماج ۾ بيچيني وڌي ٿي، اها بيچيني جيڪڏھن منظم جدوجهد ۾ بدلجي وڃي ته يقينن سياسي تحريڪون جنم وٺن ٿيون. جن جا ڪيترائي عالمي مثال ملن ٿا. جڏھن بھ عوام فيصلو ڪيو آھي ته، عوامي تحريڪن جو جنم ٿيو آھي. جئين نيپال ۾ 2006ع دوران ”جنا آندولن“ نالي عوامي تحريڪ اڀري، لکين ماڻهو گهٽيُن ، شھرن ، روڊن تي نڪتا ۽ بادشاھي نظام جو خاتمو آندو . لڳ ڀڳ 19 ڏينهن جاري رهندڙ احتجاج کان پوءِ، بادشاهت کي پارليامينٽ بحال ڪرڻي پئي، نتيجي ۾ 2008ع ۾ نيپال مان بادشاهت ختم ٿي ۽ ملڪ جمهوري بڻيو. اھڙا مثال ثابت ڪن ٿا ته، مسلسل عوامي دٻاءُ سياسي ڍانچو تبديل ڪري سگهي ٿو. جئين بنگلاديش ۾ شاگرد تحريڪ ڪيو، بنگلاديش جي تاريخ ۾ شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 1952ع جي ٻولي تحريڪ هجي يا 1990ع ۾ فوجي حڪمراني خلاف احتجاج ، شاگردن جي قيادت ۾ تحريڪ، سياسي تبديلي آندي. 1990ع ۾ ملڪ گير احتجاجن کان پوءِ، فوجي صدر استعيفيٰ ڏني ۽ جمهوري نظام بحال ٿيو. تازو شيخ حسينه جي اقتدار جو تختو اوندھو ڪيو ۽ شيخ حسينه کي تخت ڇڏي ڀڄڻ تي مڄبور ڪيو، انهن تحريڪن ۾ هزارين شاگرد ۽ شهري شامل ٿيا، جيڪي ملڪ جي سياسي مستقبل جو رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنھن کانسواءِ سريلنڪا ۾ 2022ع دوران شديد معاشي بحران پيدا ٿيو، ايتري قدر جو ٻارن جي کير ۽ خوراڪ جي پڻ حد کان وڌ کوٽ پيدا ٿي، ۽ زرمبادله جا ذخيرا گهٽجي ويا، لکين ماڻهن “گوتا گو گاما” تحريڪ تحت احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر کي ملڪ ڇڏڻو پيو.
برطانيا ۾ به جمھہوري روايتون پيدا ٿيون ، برطانيا ۾ تاريخي طور عوامي تحريڪن، جهڙوڪ 19هين صديءَ جي ريفارم ايڪٽ تحريڪن ، وڏي سياسي سڌارن جو سبب بڻيون ، ووٽ جو حق آهستي آهستي عام ماڻهن تائين رسيو ، اهو عمل پرامن سياسي جدوجهد ۽ قانوني سڌارن ذريعي ٿيو، جيڪو جمهوري تسلسل جو مثال آهي.
ڏٺو وڃي تھ، بغاوتن جا بنيادي سبب سماجي اڻ برابري ڪري پيدا ٿين ٿا. سوشل سائنس متعلق تھ، عوامي تحريڪن جا ڪجهه عام سبب هوندا آهن ، خاص طور مهانگائي ۽ بي روزگاري ، جڏهن 20–30 سيڪڙو کان وڌي وڃي ۽ روزگار جا موقعا گهٽجڻ لڳن ته، غريب ۽ وچولو طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آھي ۽ جڏھن وسيلن جي اڻبرابري ورڇ ، وسيلن جو وڏو حصو ٿورڙن ماڻهن وٽ مرڪوز ٿي وڃي ۽ اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم رهي، ته سماجي بي چيني وڌي ٿي !
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن مطابق، ”جتي ڪرپشن جو انڊيڪس وڌيڪ هوندو آهي، اتي سياسي عدم استحڪام جو خطرو به وڌيڪ هوندو آهي.“
نوجوانن جو ڪردار نمايان رھيو آھي، ڪيترن ملڪن ۾ آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن تعليم يافته نوجوانن کي روزگار ۽ سياسي شرڪت جا موقعا نه ملن ۽ سندن قومي وسيلن تي سرمائيدار مڪمل قابض ھجن، اتي نوجوانن جي تحريڪن جو آغاز اشد ضروري آھي. سنڌ جي موجوده صورتحال به انھن چئلينجز ۽ امڪان جي زد ۾ آھي ، سنڌ ۾ به معاشي ۽ سماجي مسئلا بحث جو موضوع آهن، غربت، بيروزگاري، مهانگائي، امن امان جا مسئلا، مارا ماري ، ظلم جبر جي بادشاھت ، جڙتو پوليس مقابلا ، روز جي بنيادن تي لاشن جا تحفا، نياڻين جون عزتون محفوظ ناھن، اگواھ بعد گينگ ريپ کان ويندي، سبرين پٺاڻ جيان بيدردي سان ماري ڪپڙن کان آجو لاش!، نشي جھڙي زھر جو عام ٿيڻ ، سماجي براين جو جنم، ھارين ، مزدورن جي حقن تي ڌاڙو، جبري گمشدگيون، ڌاري آبادڪاري، لاقانونيت، طاقت جو غلط استعمال، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو ، ٻيٺن تي قبضو زمينن تي والار اهي سڀ عنصر عوامي بي چيني کي وڌائي رھيا آھن. ٻھ ڏينھن اڳ عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادري جي نياڻين کي قبضا مافيا گھر خالي ڪرائڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي گھليو، جڏھن اھا خبر سوشل ميڊيا تي عام ٿي ۽ عام ماڻھن جو ردعمل آيو تھ پوءِ پوليس آفيسر معطل ٿيا. سرمائيداري بک جڏھن ايترو تھ اڳتي وڌي، غريبن جا ٻچا کائڻ شروع ڪندي تھ پوءِ ياد رکو اتي بھ بگال جھڙي صورتحال جا چٽا امڪان موجود آھن.
پاڪستان جي مختلف سروي رپورٽن موجب، مهانگائي جي شرح گذريل سالن ۾ 25–30 سيڪڙو تائين پهتي آھي، جڏهن ته بيروزگاري خاص ڪري نوجوانن ۾ هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي ، موجودھ سنڌ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳي ٿو ته، ھاڻ وقت پري ناھي، جڏھن انھن نوجوان ۽ شاگردن جو صبر ٽٽو ته اتي بھ بنگال ، سريلنڪا ، برطانيا ۽ نيپال جھڙيون عوامي تحريڪون جنم وٺي سگھن ٿيون، جن کي روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ نه ھوندو! پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته، تبديلي هميشه منظم، پرامن ۽ جمهوري جدوجهد سان پائيدار ٿيندي آهي. شاگرد تحريڪون جڏهن مثبت ايجنڊا، واضح قيادت ۽ آئيني دائري ۾ جدوجهد ڪن ٿيون ته، اهي سماجي سڌارن جو ذريعو بڻجن ٿيون. انھي ڪري چيو ويندو آھي، ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي !“