موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
تاريخ  ثابت ڪيو آهي ته،  جڏهن رياستون عوامي مسئلن کان منهن موڙين ٿيون، تڏھن معاشي بدحالي ۽ مهانگائي بي قابو ٿئي ٿي، حڪومتي پاليسيون عوامي مفاد بدران، مخصوص طبقن جي فائدي لاءِ ٺهڻ لڳن ٿيون.  طاقتور ڌريون سموريون پاليسيون ذاتي مفادن لاءِ استمعال ڪن ٿيون.  اھو ئي سبب آھي جو سماج ۾ بيچيني وڌي ٿي، اها بيچيني جيڪڏھن منظم جدوجهد ۾ بدلجي وڃي ته يقينن سياسي تحريڪون جنم وٺن ٿيون. جن جا ڪيترائي  عالمي مثال ملن ٿا.  جڏھن بھ عوام فيصلو ڪيو آھي ته، عوامي  تحريڪن جو جنم ٿيو آھي. جئين نيپال ۾ 2006ع دوران ”جنا آندولن“ نالي عوامي تحريڪ اڀري، لکين ماڻهو گهٽيُن ، شھرن ، روڊن تي نڪتا ۽ بادشاھي نظام جو خاتمو آندو . لڳ ڀڳ 19 ڏينهن جاري رهندڙ احتجاج کان پوءِ، بادشاهت کي پارليامينٽ بحال ڪرڻي پئي، نتيجي ۾ 2008ع ۾ نيپال مان بادشاهت ختم ٿي ۽ ملڪ جمهوري بڻيو. اھڙا مثال ثابت ڪن ٿا ته، مسلسل عوامي دٻاءُ سياسي ڍانچو تبديل ڪري سگهي ٿو.  جئين بنگلاديش ۾ شاگرد تحريڪ ڪيو، بنگلاديش جي تاريخ ۾ شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 1952ع جي ٻولي تحريڪ هجي يا 1990ع ۾ فوجي حڪمراني خلاف احتجاج ، شاگردن جي قيادت ۾ تحريڪ، سياسي تبديلي آندي. 1990ع ۾ ملڪ گير احتجاجن کان پوءِ، فوجي صدر استعيفيٰ ڏني ۽ جمهوري نظام بحال ٿيو. تازو شيخ حسينه جي اقتدار جو تختو اوندھو ڪيو ۽ شيخ حسينه کي تخت ڇڏي ڀڄڻ تي مڄبور ڪيو، انهن تحريڪن ۾ هزارين شاگرد ۽ شهري شامل ٿيا، جيڪي ملڪ جي سياسي مستقبل جو رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنھن کانسواءِ  سريلنڪا ۾ 2022ع دوران شديد معاشي بحران پيدا ٿيو، ايتري قدر جو  ٻارن جي کير ۽ خوراڪ جي پڻ حد کان وڌ کوٽ پيدا ٿي، ۽ زرمبادله جا ذخيرا گهٽجي ويا، لکين ماڻهن “گوتا گو گاما” تحريڪ تحت احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر کي ملڪ ڇڏڻو پيو.
برطانيا ۾ به جمھہوري روايتون پيدا ٿيون ، برطانيا ۾ تاريخي طور عوامي تحريڪن، جهڙوڪ 19هين صديءَ جي ريفارم ايڪٽ تحريڪن ، وڏي سياسي سڌارن جو سبب بڻيون ، ووٽ جو حق آهستي آهستي عام ماڻهن تائين رسيو ، اهو عمل پرامن سياسي جدوجهد ۽ قانوني سڌارن ذريعي ٿيو، جيڪو جمهوري تسلسل جو مثال آهي.
ڏٺو وڃي تھ، بغاوتن جا بنيادي سبب سماجي اڻ برابري ڪري پيدا ٿين ٿا.  سوشل سائنس متعلق تھ، عوامي تحريڪن جا ڪجهه عام سبب هوندا آهن ،  خاص طور مهانگائي ۽ بي روزگاري ، جڏهن  20–30 سيڪڙو کان وڌي وڃي ۽ روزگار جا موقعا گهٽجڻ لڳن  ته، غريب ۽ وچولو طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آھي ۽ جڏھن وسيلن جي اڻبرابري ورڇ ،  وسيلن جو وڏو حصو ٿورڙن ماڻهن وٽ مرڪوز ٿي وڃي ۽ اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم رهي، ته سماجي بي چيني وڌي ٿي !
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن مطابق، ”جتي ڪرپشن جو انڊيڪس وڌيڪ هوندو آهي، اتي سياسي عدم استحڪام جو خطرو  به وڌيڪ هوندو آهي.“
  نوجوانن جو ڪردار نمايان رھيو آھي، ڪيترن ملڪن ۾ آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن تعليم يافته نوجوانن کي روزگار ۽ سياسي شرڪت جا موقعا نه ملن ۽ سندن قومي وسيلن تي سرمائيدار مڪمل قابض ھجن، اتي  نوجوانن جي  تحريڪن جو  آغاز  اشد ضروري آھي. سنڌ جي موجوده صورتحال به انھن چئلينجز ۽ امڪان جي زد ۾ آھي ، سنڌ ۾ به معاشي ۽ سماجي مسئلا بحث جو موضوع آهن، غربت، بيروزگاري، مهانگائي، امن امان جا مسئلا، مارا ماري ، ظلم جبر جي بادشاھت ، جڙتو پوليس مقابلا ، روز جي بنيادن تي لاشن جا تحفا، نياڻين جون عزتون محفوظ ناھن، اگواھ بعد گينگ ريپ کان ويندي، سبرين پٺاڻ جيان بيدردي سان ماري ڪپڙن کان آجو لاش!، نشي جھڙي زھر جو عام ٿيڻ ، سماجي براين جو جنم، ھارين ، مزدورن جي حقن تي ڌاڙو، جبري گمشدگيون، ڌاري آبادڪاري، لاقانونيت، طاقت جو غلط استعمال، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو ، ٻيٺن تي قبضو  زمينن تي والار اهي سڀ عنصر عوامي بي چيني کي وڌائي رھيا آھن.  ٻھ ڏينھن اڳ عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادري جي نياڻين کي قبضا مافيا گھر خالي ڪرائڻ لاءِ   روڊن ۽ رستن تي گھليو، جڏھن اھا خبر سوشل ميڊيا تي عام ٿي ۽ عام ماڻھن جو ردعمل آيو تھ پوءِ پوليس آفيسر معطل ٿيا. سرمائيداري بک جڏھن ايترو تھ اڳتي وڌي، غريبن جا ٻچا کائڻ شروع ڪندي تھ پوءِ  ياد رکو اتي بھ بگال جھڙي صورتحال جا چٽا امڪان موجود آھن.

پاڪستان جي مختلف سروي رپورٽن موجب، مهانگائي جي شرح گذريل سالن ۾ 25–30 سيڪڙو تائين پهتي آھي، جڏهن ته بيروزگاري خاص ڪري نوجوانن ۾ هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي ، موجودھ سنڌ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳي ٿو ته، ھاڻ  وقت پري ناھي، جڏھن انھن نوجوان ۽ شاگردن جو صبر  ٽٽو ته اتي بھ بنگال ، سريلنڪا ، برطانيا ۽ نيپال جھڙيون عوامي تحريڪون جنم وٺي سگھن ٿيون، جن کي روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ نه ھوندو! پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته، تبديلي هميشه منظم، پرامن ۽ جمهوري جدوجهد سان پائيدار ٿيندي آهي. شاگرد تحريڪون جڏهن مثبت ايجنڊا، واضح قيادت ۽ آئيني دائري ۾  جدوجهد ڪن ٿيون ته، اهي سماجي سڌارن جو ذريعو بڻجن ٿيون.  انھي ڪري چيو ويندو آھي، ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي !“