DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
"ڀلي بک ڀرم جي، شل م وڃي شان"
انسان ڪڏھن ڪڏھن ڳوڙھن جملن ۽ لفظن جو مطلب سمجھي نه سگھندو آھي. بلڪل  ائين چئجي تھ انسان کي سمجھڻ، سڃاڻڻ ۽ پرکڻ بھ انتھائي  اوکو ڪم آھي. اسان جي آس پاس گھمندڙ ڦرندڙ  ڪيترا ڪٽنب، جيڪي انتھائي مشقت ۽ تڪليف ۾ زندگي بسر ڪن ٿا، پر ڪڏھن بھ ڪنھن اڳيان پنھنجي تڪليفن جو ذڪر نھ ٿا ڪن ۽ خدداري ۽  ھمت سان زندگي بسر ڪن ٿا. اھي آھن سفيدپوش انسان!
پر اسان جھڙا ماڻھو جيڪي ھميشھ پنھنجي مستي ۾ پنھنجي دنيا ۾ مڳن ھجن ٿا، جنھن کي پنھنجي ذات کان سواءِ ڪو بھ نظر نھ ٿو اچي.  اسان ھميشھ سڃاڻڻ ۾، سمجھڻ ۾ دير ڪندا آھيون، اسان سمجھندا آھيون. پاڻ سٺو کائون پيون پيا ته پوءِ اسان کي ٻي ڪنھنجو ڇو سوچڻ گھرجي؟
جڏھن تھ اھو   غلط عمل آھي، اسان کي پنھنجي ڪٽنب کان سواءِ، پنھنجي منٽ مائٽن، اوڙي پاڙي وارن، پنھنجي علائقي، پنھنجي قوم ۽ وطن جو اونو ڇو نھ ٿو ٿئي؟  ڇا ان بابت اسان ڪڏھن سوچيو آھي؟؟
اسان کي سڃاڻڻ واري اک رکڻي پوندي. اسان کي  اھڙن انسانن بابت سوچيو پوندو جيڪي ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آھن، پر  اھي ڪنھن ٻي آڏو ھٿ ٽنگڻ کان عاد ي نھ آھي، جيڪي  خدداري کي سڀ ڪجھھ سمجھن ٿا، انھن لاءِ  اسان کي گڏيل طور  متحرڪ ٿيئڻو پوندو  ۽ انھن  جي  مدد لاءِ اپاءُ وٺڻ گھرجن.
سفيدپوش انسان شريف النفس ۽ خوددار سمجھيو وڃي ٿو، جيڪي بک برداشت ته ڪري ويندا پر ٻئي آڏو ھٿ ٽنگڻ پسند نه ڪندا. اسان کي گھرجي ته اسان اھڙن انسانن جي مدد ڪريون ۽ پاڻ ۾ انسانيت جو احساس ڌاريون.
ڪڏھن اسان جا ٻار اچي اسان کي چوندا آھن، ھي ماڻھو غريب لڳي ٿو، اسان کي ھن جي مدد ڪرڻ گھرجي پر اسان ھڪدم اھو جواب ڏيندا آھيون، چڱو ڀلو آھي، سٺو پائي پيو، کائي پيو، ھن کي ڪھڙي ضرورت آھي؟اسان کي سڃاڻڻ واري نظر ر رکڻي پوندي. اسان جي آس پاس ڪيترا ئي خاندان اھڙا ھجن ٿا، جن وٽ ايتري به مالي صورتحال ناھي ھوندي، جو فقط ٻن ويلن جي ماني پنھجن ٻچن کي کارائين. ڪيترائي مجبور والدين ماني ٽڪي جي اڻھوند سبب پنھنجن معصوم ٻارڙن کي انھن مدرسن جي حوالي ڪيو ڇڏين، جتي ٻہھ  وقت ماني ملندي آهي، پوءِ ڀلي ساڻن ڪھڙا به مٿن ظلم ڪيا وڃن.
اھڙا والدين  ٻيون انيڪ ضرورتون پوريون نه ڪري سگھندا آھن ۽ نتيجي طور نھ ٻارن جي تربيت ٿي سگھندي آھي نھ ئي وري  کين پوڙھائپ  ۾ ساڻن ئي ڪو سھارو ملي سگھندو آھي. 
اسان کي گھرجي ته اسان اھڙن انسانن جي مدد ڪريون جن جي لاءِ سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آھي: "ڀلي بک ڀرم جي شل م وڃي شان" غربت جي ڪري ڪيترائي بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪيو ڇڏين. اھو سوچيندا آهن ته گھر جون ضروتون ڪٿان پوريون ڪن؟ اھو سوال بيروزگار مرد کي تڪليف ڏيندو آھي. دنيا جي آڏو  سٺو پائي، ٽھڪ ڏئي ھلندڙ نوجوان اندران اوترو ئي ويران ھوندو آھي، جھڙوڪ، ھر ٽھڪ ۾ لڙڪ لڪل ھوندو آھي، جڏھن ماءُ کي ٻار اچي چوندو آھي ته امان اسڪول ۾ منھنجو دوست لنچ باڪس ۾ الاھي سٺيون شيون کڻي ايندو آھي، مان شرم کان پنھنجو لنچ باڪس ان جي آڏو ناھيان کولي سگھندو، ان وقت ماءُ جو اندر جھري پوندو آھي.
جن کي الله سائين نوازيو آھي، انھن کي گھرجي ته جيڪي نه ٿا گھري سگھن، نه ٿا چئي سگھن، انھن تي ھڪ نظر ڪري. خدارا  انھن جي مدد ڪريو، جيڪي نھ لڙڪ لاري سگھن ٿا، نھ ڪنھن کي چئي سگھن ٿا، نھ ئي ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگي ڪو سوال ڪري سگھن ٿا!!
عجب اھو پڻ آھي، پاڪستان ۾، خاص طور صوبي سنڌ ۾ جيڪي تنظيمون يا اين جي اوز سفيد پوش ماڻھن جي مدد ڪن ٿيون، اھي اڪثر  ڌنڌوڙي آھن،  انھن وٽ تھ اڪثر فوٽو سيڪشن ھوندو آھي، جنھن ۾ اھي سفيد پوش ماڻھن جا فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا توڙي، پرنٽ ميڊيا ۾ پنھنجي روزي روٽي لاءِ  ڌنڌو  ڪندا آھن.

اسان  سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ خاص طور تي سنڌ جي وڏير وزير کان مطالبو ڪريون ٿا تھ سنڌ جي  سفيد پوش ماڻھن جي مدد لاءِ ڪ اھڙو پروگرام شروع ڪجي ۽ ڪا  اھڙي پاليسي اختيار ڪجي، جو  سفيد پوش انسانن جي خدا ڪارڻ مدد ٿي سگھي.