ڇا سنڌي نوجوان سست آهن؟ ڇا سنڌي نوجوان غلامانھ ذهنيت رکندڙ آهن؟ هي سوال سادو نہھ آهي، پر تلخ حقيقتن جو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان جي اندر جي بي اعتمادي، اسان جي اندر جي عاجزي، ۽ اسان جي اندر جي بي حسي جا سڀ نقاب نظر اچن ٿا. سنڌي نوجوان، جنهن وٽ تاريخ، ثقافت، ۽ وسيلن جو وڏو خزانو موجود آهي، اڄ ظاهر ۾ سست، پوئتي، ۽ ٻاهرين هٿن تي ڀاڙڻ واري قوم جو نمائندو نظر اچي ٿو.
سستي صرف جسماني ڪمزور ٿيڻ ناهي، سستي هڪ ذهني، فڪري ۽ نفسياتي بي حسي آهي. جڏهن قوم پنهنجي سوچ تي، پنهنجي محنت تي، پنهنجي قدم تي ڀروسو وڃائي ويهي، تہھ اها قوم ظاهر ۾ سست لڳي ٿي. پر حقيقت ۾، هي غلامانھ ذهنيت ۽ مسلسل سماجي ناانصافيءَ جو پيدا ٿيل نتيجو آهي. نوجوان جي اندر طاقت موجود آهي، پر ان طاقت کي استعمال ڪرڻ لاءِ ماحول، حوصلا، ۽ اعتماد جي کوٽ آهي.
سنڌي نوجوان جو هڪ وڏو نقصان اهو آهي تہھ، هو اڪثر ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي وڙهڻ وارن جي حڪمن تي هلن ٿا. هو پنهنجو مقصد پاڻ طئي ڪرڻ بدران، ڪنهن سردار، ڪنهن وڏيري، ڪنهن نام نهاد اڳواڻ جي ايجنڊا کڻي هلن ٿا. رت سنڌيءَ جو وهي ٿو، پر اقتدار ڪنهن ٻئي جي جهولي ۾ وڃي ٿو. نوجوان پنهنجو پاڻمرادو فيصلو ڪرڻ بدران، ٻين جي طاقت جو غلام بڻجي ويهي ٿو، ۽ نتيجي طور قوم جو اصلي مقصد ۽ شعور دفن ٿي وڃي ٿو.
ٻيو وڏو نقصان اهو آهي تہھ اسان ٻين تي ڀاڙڻ واري قوم بڻجي چڪا آهيون. نوجوان پنهنجو روزگار پاڻ پيدا ڪرڻ بدران، نوڪري لاءِ حڪومت ڏانهن، ڪاروبار لاءِ ٻاهرين هٿ ڏانهن، ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ سردارن تي ڀاڙڻ سکيو آهي. ڀاڙڻ، آهستي آهستي سوچ کي مفلوج ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن سوچ مري ٿي وڃي تہھ، عمل پاڻ ئي دفن ٿي وڃي ٿو. نوجوان جي اندر موجود ٽيلينٽ ۽ مهارتون بي اثر رهجي وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ تھ هن کي پنهنجي طاقت ۽ قابليت تي ڀروسو ناهي.
سنڌ جي معيشت جو وڏو حصو اڄ مهاجر پنجابي ۽ پٺاڻ برادرين جي هٿن ۾ آهي. زراعت، مال، کير، ٻني، ٻارو مهاجر هلائي رهيا آهن؛ فيڪٽريون، ملون، واپار پنجابي هلائي رهيا آهن؛ هوٽلون، ٽرانسپورٽ، مزدوري ۽ بازار پٺاڻ هلائي رهيا آهن. سنڌي نوجوان وٽ زمين آهي، وسيلو آهي، علم آهي، پر جرئت، ارادو ۽ خود اعتماديءَ جي کوٽ سبب هو پوئتي رهجي ويو آهي. نوجوان وٽ وسيلن جي کوٽ نہھ آهي، پر استعمال ڪرڻ جو حوصلو ۽ پاڻ تي اعتماد موجود ناهي.
وڏيرا، رئيس، زميندار اقتدار جا مالڪ ضرور آهن، پر اهي قوم جا اڳواڻ نہھ آهن. انهن جي ملن ۾ سيڪريٽري پنجابي، مئنيجر ٻاهريان، مزدور غير مقامي آهن. وڏيرو زمين جو مالڪ آهي، پر نوجوان جو خيرخواھھ نہھ آهي. نتيجي طور نوجوان کي ليڊرشپ، حڪمت ۽ حوصلي جو سبق نٿو ملي. نوجوان ڏسي ٿو، پر سيکارڻ وارو استاد نہھ آهي؛ ڏسي ٿو، پر عملي مثال نہھ آهي، ڏسي ٿو، پر پنهنجي قوم جو عزتدار رول ماڊل نہھ آهي.
سنڌي نوجوان جي اندر خود اعتماديءَ جي کوٽ آهي، ليڊرشپ جي کوٽ آهي، فيصلو ڪرڻ جي طاقت گهٽ آهي، ۽ رسڪ کڻڻ کان ڊڄڻ وارو عنصر گھڻو آهي. نوجوان قدم کڻڻ کان ڊڄندو آهي، رسڪ کان ڊڄندو آهي، ناڪامي کان ڊڄندو آهي. جڏهن قوم رسڪ نہھ کڻي، فيصلي کان ڊڄي، قدم کڻڻ کان ڊڄي، تہھ پوءِ دنيا بہھ هن تي اعتماد نہھ ڪندي.
اسان جي نوجوان کي اعتماد، ۽ تربيت جي ضرورت آهي. جڏهن نوجوان کي عملي ميدان ۾ موقعا ملندا، جڏهن کيس پنهنجي صلاحيت تي ڀروسو ٿيندو، جڏهن کيس فيصلو ڪرڻ، رسڪ کڻڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ جو ماحول ملندو تہھ، نوجوان پنهنجي قومي فرض کي نڀائيندو، معيشت کي مضبوط ڪندو، صنعت کي وڌائيندو، ۽ ثقافت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪندو.
قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن هو سوالن کان ڊڄڻ بدران، سچ سان منهن مقابل ٿينديون آهن. نوجوان سست ناهي، هو فقط موقعو ۽ اعتماد جو محتاج آهي. .
نوجوان جي اندر خود اعتمادي، خودداري، ۽ عمل جي طاقت پيدا ڪرڻ سان ئي سنڌ جي معيشت، سنڌ جي صنعت، ۽ سنڌ جي ثقافت زندھھ رھي سگھي ٿي. نوجوان اڄ جو سست نہ، پر سڀاڻي جو روشن ۽ اڳواڻ بڻجڻ لاءِ تيار آهي. نوجوان ۾ جيڪڏهن ايمان، حوصلو ۽ موقعو پيدا ڪيو وڃي، تہھ هو نہھ رڳو پاڻ کي، پر پنهنجي قوم کي بہھ سچائي، محنت، ۽ شعور جي رستي تي آڻي سگهي ٿو.