موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
سنڌ ۾  حڪمران جماعت تي لڳندڙ ڪيترائي الزام  آھن تھ، ڪرپشن ، سياسي مداخلت ، ڀرتين ۾ ناانصافيون ، ادارن جي تباھي ،  لاقانونيت ، ميرٽ جي لتاڙ ،  اڻبرابري، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي قبضا عام ٿي چڪا آھن . جھڙوڪ، پوليس، صحت،  روينيو، بلديات، اريگيشن ، تعليم ۽ زراعت سميت مطلب  تھ ھر ادارو ، ڪنٽرول کان ٻاهر ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. ننڍي کان وڏو آفيسر ، ڪلارڪ ڄڻ ته عوام جي خدمت لاءِ  نه، پر بيئنڪ بيلنس ٺاھڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھجي! اھو ئي سبب آھي جو  ادارا تباھي جي ڪناري تي آھن
ڪارونجهر  مسئلو ۽ حڪومت جي ناڪام پاليسي
ڪارونجهر جبل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ٿرپارڪر ۾ واقع هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ورثو آهي. هي جبل نه رڳو قدرتي حسن جو شاهڪار آهي، پر ٿر جي ماڻهن جي سڃاڻپ، عقيدي ۽ معاش سان به ڳنڍيل آهي. ڪارونجهر صدين کان ٿر جي ماحولياتي توازن، پاڻي جي ذخيرن ۽ جيوت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته اڄ هي تاريخي جبل سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي
ڪارونجهر جو بنيادي مسئلو هتي ٿيندڙ بي ترتيب پٿر کوٽائي (مائيننگ) آهي، جيڪا ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي. پهاڙ ڪٽجڻ سبب نه صرف قدرتي حسن ختم ٿي رهيو آهي، پر زميني پاڻي جا ذخيرا به متاثر ٿي رهيا آهن. ٿر جهڙي سڪي علائقي ۾ جتي پاڻي زندگي ۽ موت جو سوال آهي، اتي ڪارونجهر جهڙا جبل قدرتي وسيلو آهن، جن کي تباهه ڪرڻ مستقبل سان ظلم برابر آهي
حڪومت جي پاليسي هن معاملي ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. هڪ طرف ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻي طرف عملي طور تي پٿر کوٽائي لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا وڃن ٿا. هي ٻٽو معيار حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ ماحولياتي معاملن کان لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن قانون موجود به آهن، ته انهن تي صحيح نموني عملدرآمد نظر نٿو اچي
ڪارونجهر جو مسئلو صرف ماحولياتي ناهي، پر سماجي ۽ ثقافتي به آهي. هي علائقو ڪيترن تاريخي ماڳن، مندرن ۽ عبادتگاهن جو مرڪز آهي، جن جي بي حرمتي ٿر جي ماڻهن جي احساسن کي مجروح ڪري ٿي. مقامي آبادي بار بار احتجاج ڪندي رهي آهي، پر حڪومت انهن آوازَن کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، جيڪا جمهوريت جي روح جي ابتڙ آهي
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي، هر قسم جي نقصانڪار مائيننگ تي پابندي لڳائي ۽ ماحول دوست پاليسين تي عمل ڪري. مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي، سندن راءِ ۽ حقن جو احترام ڪيو وڃي. ترقي جو مطلب فطرت جي تباهي نه، پر فطرت سان هم آهنگ ترقي هجڻ گهرجي.

آخر ۾ اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته جيڪڏهن ڪارونجهر کي بچايو نه ويو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪنديون. ڪارونجهر جو تحفظ فقط ٿر لاءِ نه، پر پوري سنڌ جي بقا لاءِ ضروري آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو واعدن بدران عملي قدم کڻي، جيئن ڪارونجهر هميشه لاءِ محفوظ رھي سگھي.