موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
جنهن شخص ميڪسم گورڪي کي ناهي پڙھيو، سندس شارٽ اسٽوريون نه پڙھيون آھن، ڄڻ ادب جا ماسٽر پيس پڙھيا ئي ناهن!  بلڪ ان  انسان دوست ادب پڙھيو ئي ناهي!
گورڪي اھو اديب آھي، جنهن جي لکڻين کي پڙھندڙ هڪ دفعو پڙھي ٿو تھ، جھڙوڪ سندس تحرير جو ديوانو  بڻجيو وڃي. 
ميڪسم گورڪي جي فني فڪري ۽ ادبي وڏائي منظر نگاري ۽ اثر انگيزي ايتري تھ  بيمثال آھي جو، مون انيڪ ڀيرا اهو سوچيو ته آئون ادب جي دنيا جي هن عظيم ڪردار جي تحرير ڪهاڻي جي فن ۽ فڪري اڏام تي  ايترو سٺو نه لکي سگهندس، ڇاڪاڻ تھ سندس تحريرون عالمي ادب جو شھڪار آھن ۽ وڏن وڏن اديبن سندس تحريرن تي انيڪ تبصرا ڪيا آھن، جيڪي سنڌي ادب جو حصو پڻ آھن.
  دل ئي ڪوشش ڪئي اٿم تھ  ھن ادب جي عظيم ستاري تي ڪجھھ لکجي. گورڪي جي لکڻين جي خوبي اھا آھي جو سندس تحريرن کي نظرانداز ڪرڻ ته پري، پر سندس تحريرن کي پڙھڻ کان پوءِ  ڪوبھ شخص  تبصرو ڪرڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھي.فن کان سواءِ به هر پڙھندڙ کي ايترو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو جو، پڙھندڙ  دنيا کي هڪ ٻي اک سان ڏسي سگھي ٿو. اھو گورڪي جو ئي ڪمال آھي.  هن کي پڙھڻ کان پوءِ ماڻھو مڪمل بدلجيو وڃي!
اڄ به گورڪي تمام گهڻو پڙھيو وڃي ٿو.  گورڪي اھو اديب هو، جنھن انسان ذات کي اها روشني ڏيکاري ته هن ڌرتي کي پيار امن ۽ محبت جو مرڪز بنائي سگهجي ٿو، هن ڌرتي تي ظلم ۽ استحصال جي هر صورت کي ختم ڪري سگهجي ٿو،  هن کي پڙھڻ سان اهو محسوس نه ٿيندو ته، هو ڪو ادب ۾ ترقي پسند انقلابي ادب جو پروپگينڊا ڪندڙ هجي، جيتو ڻيڪ ڪامريڊ لينن چوندو هو ته، ”ادب کي کلي عوام دوستي، پورهيت دوستي ۽ انسان دوستي جي دعويٰ ڪرڻ گهرجي ۽ کلي پروپگينڊا ڪجي!“ 
سرمائيدار دنيا جيتوڻيڪ هن شاهڪار اديب تي بعد ۾ اهي پڻ الزام هنيا ته، گورڪي ڪميونسٽ پروپگينڊا ڪندڙ اديب هو، ااھو ئي سبب آھي جو  ڪافي عرصو نوبل پرائيز نه ڏنو ويو!
ميڪسم گورڪي جون ڪهاڻيون سندس زندگي تي لکيل ڪتاب ۽سمورو نثر ادب جوشاندار حصو آھي.
گورڪي ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو آھي ۽ ڪندو رهندو! اڄ جي بي روح ۽ مايوس ڪندڙ ادب آڏو ”ميڪسم گورڪي“ وڏي ڍال ۽ بند آھي.
گورڪي هن طبقاتي سماج ۾ آوارهه فردن  گناهن ۾ غرق ڀڙون رنڊين ڪرمنل ماڻھن ڏوهارين جيب ڪترن ٺڳن ۽ ھر قسم جي لچن ماڻھن جي زندگين تي لکي ٿو ۽ شاندار نموني انهن جي اهڙن ڪردارن جي ترجماني ڪري ٿو، پٺتي پيل  طبقاتي سماج کي اظهار ي ٿو،  فني نفاست سان سندس بيان ھر باشعور ماڻھو کي موھي ڇڏي ٿو.
گورڪي هر ڏوهاري ماڻھو پويان لڪل بهترين انسان کي تلاش ڪري وۡٺي ٿو، انساني ھمدردي ۽ بيوسي جي ترجماني ڪري، سندس ڪڌن روين ۽ براين کان سخت  نفرت ڪري ٿو.
پيار سچائي حق ۽ محبت توڙي خلوص ۽ احساس جي جذبن کي مرندي نٿو ڏسي، هو هڪ مسلسل حساس انسان جي ڪيفيت بابت لکي  ٿو، جنهن کي پاڻ تي ويساهه آھي.
ماءُ  MOTHER   گورڪي جو هڪ بهترين ناول آھي، جنهن ۾ هو پاويل جهڙي نوجوان  کي آڪٽوبر انقلاب برپا ڪندي ڏيکاري ٿو. 
روس اندر اونداهين ۾ غرق پورهيت ۽ اديب گڏجي ڪهڙي ريت انقلاب برپا ڪن ٿا، ان متعلق شاندار  ڪردارڪشي ۽ بھترين ڪھاڻي آھي. 
روسي انقلاب کان اڳ اديبن کي اڄ جيان نڪمو ۽ ناڪام فرد سمجهيو ويندو هو، جيڪو بس تخيل جا محل اڏيندو رهندو آھي اهو پهريون دفعو هو، جو اديب سماج بدلائڻ ۽انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ نڪري پيا هئا. اديبن پنهنجو تاريخي ڪردار جيترو روسي انقلاب لاءِ ادا ڪيو، اهڙو اڳ ڪٿي ادا نه ڪيو هو، اهو تاريخ جو اهم ترين عمل هو.
روسي انقلاب جو هڪ ڪمال اهو پڻ آھي ته، ادب ۽ اديب جو هڪ نئون ڪردار نمايان ٿيو ته اديب دنيا بدلائي سگهن ٿا.
هن انقلاب کان پوءِ باقاعدا سرمائيدار دانشورن اديب کي خريد ڪرڻ کا وٺي  اڻ سڌي ۽ سڌي طريقي  ڪنٽرول ڪيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪنٽرول ڪندو اچي!
ڪامريڊ لينن لکيو ته، ”جيڪڏھن ميڪسم گورڪي ۽ ٻين روسي اديبن  جون ڪهاڻيون ۽ ناول نه هجن ها ته روس ۾ انقلاب اچڻ ناممڪن هو.“
ادب هوندو ئي زندگي لاءِ آھي، ان ۾ ادب براءِ ادب ۽ ادب  براءِ زندگي جهڙا نوان معاملا جوڙي ادب جي سماجي ڪارج کي ڌنڌلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.
سنڌي ادب تي ترقي پسند انسان دوست ادب جو اثر نمايان آھي، اها پورهيت فڪر، انسان دوست فڪر جي تمام اهم ڪاميابي آهي جيڪا دراصل ”ميڪسم گورڪي“ جهڙن اديبن جي ڪاميابي آھي جو هنن انسان جي عظيم محبت جي جذبن کي فن جي وسيلي ادب جو حصو بنائي ڇڏيو آھي، گورڪي زندگي کي زبردست معني ڏي ٿو، هن وٽ انسان کي پنهنجي اعليٰ ڪردار طرف وٺي وڃڻ جو بهترين طريقو آھي.
دنيا ۾ جيڪڏھن ميڪسم گورڪي جھڙا اديب نه هجن ها ته هن وقت ادب مايوسين جو مجموعو هجي ھا! اڄ ميڪسم گورڪي جي صورت ۾ زندگي سان ڀرپور ادب انسان ذات کي هميشه بقا ۽ زندگي کي بهترين معني ڏيندڙ ادب موجود نه هجي ها!
اسان جي نئين پڙھندڙ ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ صحافي کي ”ميڪسم گورڪي“  جي ڪهاڻين ناول ۽ آٽوبايوگرافي ضرور پڙھڻ گهرجي، هو زندگي کي هڪ نئين معني ڏي ٿو!
”ميڪسم گورڪي“ کي جيڪڏھن هڪ دفعو پڙھبو تھ، هو وري وري توهان کي پڙھڻ تي مجبور ڪندو، سندس زندگي به هڪ يتيم ٻار مان هڪ عظيم ليکڪ بنجڻ جي ڪهاڻي آھي. سوچجي ته هو ڪيتري نه گهري پيڙاءَ مان گذري ٿو، هو هڪ دفعي خودڪشي به ڪري ٿو ۽ بچي وڃي ٿو!  هو ڪنهن به اعليٰ تعليمي اداري ۾ تعليم حاصل نٿو ڪري، پر وڏو اعليٰ پائي جو اديب ٿي وڃي ٿو، جنهن جي سموري ادبي دنيا معترف آھي. گورڪي جون تحريرون اڄ به زندگي سان ڀرپور آھن.
گورڪي روسي سماج کي ايتري زبردست انداز ۾ پيش ڪيو، جو نيٺ عوام انهي سموري برباد ٿيل سماج کي بدلائڻ لاءِ تيار ٿي ويو!
”آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب“ آڻڻ ۾ به ”ميڪسم گورڪي“ ۽ ان جهڙن ٻين اديبن جو تمام گهڻو ڪردار آھي، آئون اهو به چوندس ته، جنهن ماڻھو ميڪسم گورڪي کي ناهي پڙھيو، ان ڄڻ دنيا جو شاهڪار ادب ۽ نثر پڙھيو ئي ناهي،  گورڪي ادب جي عام معني ئي تبديل ڪري ڇڏي آھي. سنڌ جي شعور کي ”ميڪسم گورڪي“ جھڙن اديبن کي ضرور پڙھڻ گھرجي!

***