DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
تعليمدان، اسڪالر ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ماهر ڊاڪٽر محمد اجمل ولد عبدالرزاق ساوند جو جنم 18 جولاءِ 1982ع تي گلشير محلو، تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم کان پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊيٽ مڪمل ڪيو ۽ پوءِ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ بي. اي (B.E) جي ڊگري حاصل ڪئي.
اعليٰ تعليم لاءِ هن فرانس جو رخ ڪيو، جتي جين مونيٽ يونيورسٽي سينٽ ايٽائين مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي، جڏهن ته پئرس ڊيسڪارٽس يونيورسٽي مان ساڳئي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذهانت) هو، جيڪو جديد دور جو هڪ اهم ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ميدان آهي.
پي ايڇ ڊي کان پوءِ ڊاڪٽر اجمل ساوند ساڳئي يونيورسٽيءَ ۾ رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي سان لاڳاپيل رهي، جتي هن اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ڪيترين ئي ٻولين، جن ۾ سنڌي، اردو، سرائڪي، بلوچي، انگريزي ۽ فرينچ شامل آهن، تي عبور رکندو هو. سندس علمي قابليتن کي مڃيندي، پئرس ڊيسڪارٽس يونيورسٽي کيس 2013ع-2014ع دوران ريسرچ ڪميشن ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جي نمائندگي لاءِ چونڊيو.
فرانس ۾ اعليٰ علمي خدمتن کان پوءِ هن پنهنجي وطن واپس اچي سکر آئي بي اي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم شروع ڪيو. هن ڪيترائي تحقيقي مقالا عالمي جرنلن ۾ شايع ڪرايا ۽ نوجوانن کي جديد تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
افسوسناڪ طور 6 اپريل 2023ع تي هيڏي پڙهيل ڳڙهيل ڌرتي جي عظيم صالح فرزند ڊاڪٽر اجمل ساوند کي سندس اباڻي علائقي ۾ منحوس قبيلائي تڪرارن جي  ور چاڙهيو ويو ۽ هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. هن المناڪ واقعي تي سنڌ سميت ملڪ ۽ دنيا جي علمي ۽ صحافتي حلقن سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ هن علم دوست شخصيت جي وڇوڙي کي وڏو نقصان قرار ڏنو.

ڊاڪٽر محمد اجمل ساوند هڪ باصلاحيت استاد، محقق ۽ قوم جو قيمتي اثاثو هو، جنهن پنهنجي علم ۽ صلاحيتن سان نه صرف سنڌ، پر عالمي سطح تي به سڃاڻپ ماڻي.

(انسائڪلوپيڊيا جي ٿورن سان)