موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
پاڪستان ۾ هڪ عجيب روايت آهي، جتي ماڻهو پنهنجي بيماري کي لڪائيندا آهن... جيستائين بيماري شديد نه ٿي وڃي ،ماڻهو ڊاڪٽر وٽ نه ويندا آهن. اسان جا گهڻا ماڻهو بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ شوگر جي سطح کي سنجيدگي سان نه ٿا وٺن، نه ئي اهي باقاعدگي سان دوائون وٺندا آهن يا پنهنجي جان ليوا پيچيدگين کان بچڻ لاءِ بروقت اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائيندا آهن. اهي مٿي ۾ سور، جسماني ڪمزوري ۽ سور لاءِ گھريلو علاج / ٽوٽڪا يا عطائي ڊاڪٽرن کان ڊرپ / انجيڪشن آزمائيندا، پر اهي ڊاڪٽر کان باقاعده چيڪ اپ ۽ ليبارٽري ٽيسٽ نه ڪرائيندا..... سوال غربت ۽ پئسي جو به ناهي،  ڇاڪاڻ ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر کان مفت يا سستي ۾ چيڪ اپ ۽ ضروري ٽيسٽ ڪرائي سگهجن ٿا...
بلڊ پريشر سالن کان خاموشي سان دل، رت جي نالين (شريانن) ۽ گردن (بڪين) کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
۽ ماڻهو چوندا رهندا آهن:
"مون کي ته ڪڏهن به ڪا پريشاني نه ٿي آھي"
اضافي شگر خاموشي سان بڪين ۽ اعصابن کي نقصان پهچائيندي رهي ٿي، جڏهن شوگر 300 کان مٿي ٿي وڃي ٿي ۽ بڪيون خراب ٿي رهيون آهن، تڏهن ياد ايندو آهي ته
"مون کي چيڪ اپ ڪرائڻ گهرجي ها."
هيپاٽائيٽس سالن تائين جگر (جيري) کي کائيندو رهي ٿو ۽ پيٽ جا السر يا زخم معدي کي نقصان پهچائيندا رهن ٿا، پر ٽيسٽ ڪرائڻ "فضول" لڳي ٿو. جيتوڻيڪ روزانو 500 کان هزارين خرچ تماڪ، سگريٽ، فاسٽ فوڊ ۽ ٻين غير ضروري شين تي ڪيا وڃن.
نفسياتي مسئلا يا ذهني بيماري کي اڃا تائين "جادو"، "جنون" ۽ "مذهب کان فاصلو" سمجهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ مريض جي سماجي زندگي ڊپريشن، پريشاني ۽ ذهني مسئلن جي ڪري تباهه ٿي رهي آهي، ۽ هو ڪو به ڪم ڪرڻ جي قابل ناهي، هو شرمندو ٿيندو ۽ ڊاڪٽر يا نفسيات جي ماهر کان طبي علاج حاصل ڪرڻ ۾ دير ڪندو.
مرد جي جنسي مسئلن ۽ بانجھ پن لاءِ، اسان جي ماڻهن غير سائنسي مقامي علاج ۽ ديسي ٽوٽڪا آزمايا آهن، پر اهي پنهنجي مسئلي جي صحيح طبي تشخيص ۽ علاج لاءِ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ۾ دير ڪندا.
اسان پنهنجي ڪار جي سروس وقت تي ڪرائيندا آهيون.
جيڪڏهن اسان جو موبائل فون خراب ٿي وڃي ٿو، ته اسان ان کي فوري طور تي مرمت ڪرائيندا آهيون. پر اسان پنهنجي جسم کي نظرانداز ڪندا آهيون، جيستائين اهو رڙيون ڪرڻ شروع نه ڪري...
جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي بيماريون، جيڪڏهن جلد ئي پڪڙيون وڃن مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري سگهجن ٿيون، خرچ گهٽجي وڃن ٿا، پيچيدگين کان بچي سگهجي ٿو، زندگيون بچائي سگهجن ٿيون..
تنهن ڪري، 30 سالن کان پوءِ، هر شخص کي گهٽ ۾ گهٽ بلڊ پريشر، شوگر، ڪوليسٽرول، جگر، بڪين ۽ هيپاٽائيٽس بي سي، ايڇ آءِ وي اسڪريننگ ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن.. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر سان مفت چيڪ اپ ۽ اهي ٽيسٽ تمام سستا ڪري سگهجن ٿا.
ياد رکو: ڪا به بيماري اوچتو موتمار ثابت نه ٿيندي آهي ۽ جسم آخري وقت تي اوچتو خراب نه ٿيندو آهي. اهو مهينا، سال اڳ نشانيون ڏيڻ شروع ڪري ٿو، پر اسان نه ٿا ٻڌون!
صحت هڪ نعمت آهي، جنهن جي قيمت اڪثر ڪري هڪ شخص کي تڏهن ئي سمجهه ۾ ايندي آهي، جڏهن اهو هٿ مان نڪري ويندو آهي.
تنهن ڪري، پنهنجي ڪنهن به مسئلي جي علاج لاءِ بروقت ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو، ڇاڪاڻ ته جديد طب جي سڀ کان وڏي ڪاميابي علاج نه آهي، پر بيماري ۽ ان جي پيچيدگين کي وقت کان اڳ روڪڻ پڻ آهي.

***