موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
آمريڪا جي 9 مشهور ڊاڪٽرن  کي ٻڌايو ته هن کي ڪينسر جي آخري اسٽيج آهي ۽ هاڻي هو رڳو 6 مهينا زنده رهي سگهندو. اها خبر ٻڌي هو مايوس ٿي پنهنجي اباڻي يوناني ٻيٽ  هليو ويو، ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ سندس تدفين سستي ٿئي.
پر اتي وڃي موت جو انتظار ڪرڻ بدران هن پراڻن دوستن سان کلڻ، خوش رهڻ، سادي ديسي خوراڪ کائڻ ۽ ٽينشن کان پاڪ زندگي گذارڻ شروع ڪئي. قدرت جو ڪمال ڏسو! 6 مهينا گذريا، پوءِ سال گذريا ۽ ڏهاڪا به گذري ويا، پر موت ڄڻ سندس در وساري ويٺي.
هن ڪهاڻي جو سڀ کان حيران ڪندڙ موڙ 25 سال پوءِ آيو، جڏهن اسٽيميٽس مڪمل صحتمند حالت ۾ آمريڪا واپس ويو ته انهن ڊاڪٽرن کان پڇي ته:
“مان آخر مريو ڇو نه؟”
پر کيس خبر پئي ته جنهن 9 ڊاڪٽرن سندس موت جي تاريخ ٻڌائي هئي، اهي پاڻ ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا هئا، جڏهن ته اسٽيميٽس ڪينسر هوندي به وڌيڪ 37 سال زنده رهيو.

هي سچو واقعو اڄ جي ٽينشن ڀري دنيا لاءِ وڏو سبق آهي ته ذهني سڪون، سادي خوراڪ، پنهنجن سان کلڻ مسڪرائڻ ۽ فڪرن کان آزاد زندگي ڪيترين ئي بيمارين لاءِ وڏي دوا بڻجي سگهي ٿي.