پاڪستان جي ٽن ٽيليڪام آپريٽرز کي فائيو اسپيڪٽرم لائسنس جاري ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جي تعريف ڪندي چيو ته اڄ جي جديد انقلابي دور ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم بابت شاندار قدم کنيو ويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سينگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان جي هر ڪنڊ، ڳوٺن ۾ ٽيڪنالاجي کي اڳيان کڻي وينداسين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي لائسنس جي نيلامي انتهائي شفاف طريقي سان ڪئي وئي. هن چيو ته فائيو جي جي حوالي سان پيش ايندڙ قانوني چيلنجز کي خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ تي پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ماضي ۾ قانوني طور تي وڏيون رڪاوٽون هيون. اعظم نذير تارڙ ليگل چيلنجز بابت بهترين تعاون ڪيو.