موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

جڏهن بھ ڪنهن فرد کان لوڪيشن شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ته ماڻهو عام طور تي واٽس ايپ کي ترجيح ڏيندا آهن.واٽس ايپ ۾ لوڪيشن شيئر ڪرڻ وارو عمل آسان آهي، پر هاڻي گوگل ميپس جو نئون فيچر شايد واٽس ايپ کي وسارڻ تي مجبور ڪري ڇڏي.گوگل ميپس طرفان لوڪيشن شيئرنگ واري عمل کي تمام سولو بڻايو پيو وڃي ۽ رپورٽن موجب هاڻي توهان سڌي سنئون گوگل ميپس مان پنهنجي لوڪيشن شيئر ڪري سگهو ٿا.ان لاءِ گوگل ميپس کوليو ۽ ميپ ۾ موجود نيري (بِلو) آئڪن تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو توهان جي موجودا لوڪيشن ڏيکاري ٿو.ان کانپوءِ هڪ اوورلي ونڊو ظاهر ٿيندي، جنهن ۾ ”شيئر لوڪيشن“ وارو بٽڻ موجود هوندو.ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي موجودا لوڪيشن جو يو آر ايل تيار ٿي ويندو، جيڪو مختلف پليٽفارمز تي شيئر ڪري سگهجي ٿو.رپورٽ موجب، گوگل هڪ ايڪشن بٽڻ جي به جاچ ڪري رهيو آهي، جيڪو نيري آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ واري گهرج ختم ڪري ڇڏيندو، ۽ سڌيءَ ريت لوڪيشن شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.گوگل پراميد آهي ته هن تبديلي کانپوءِ واهپيدار واٽس ايپ بدران سڌو سنئون گوگول ميپس کي لوڪيشن شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا.