موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
سعيد جي اغوا بابت سوشل ميڊيا تي احتجاج، درد ۽ بيچينيءَ جون لهرون پکڙيل آهن. سنڌ جي روايتن جو هڪ ڊگهو ۽ شاندار تاريخي پسمنظر رهيو آهي، جيڪو بلوچن سميت ٻاهرين قومن سان ڀائپي، پناهه، احترام ۽ انساني همدرديءَ تي ٻڌل رهيو آهي. پر جڏهن سنڌ جو هڪ هونهار پٽ اغوا ٿي وڃي، تڏهن اهي سڀ روايتون وسارجي وڃن، ۽ سعید جي آزاديءَ لاءِ ڪيل فريادن باوجود خاموشي اختيار ڪئي وڃي، ته اها خاموشي هر حساس دل کي زخمي ڪري ٿي.
بلوچ ڀائر شايد هن حقيقت کي وساري رهيا آهن ته سنڌ هميشه بلوچ قوم سان ڀائپي ۽ ساٿ جو رشتو نڀايو آهي. اڄ جڏهن سنڌ کي سندن همدردي ۽ رحم دليءَ جي ضرورت آهي، تڏهن اسان کي ڇو ايذاءُ ڏنو پيو وڃي؟ سعید صرف هڪ فرد ناهي؛ سعید سنڌ جي زندهه روايتن جو عڪس آهي. جيڪو به سعید سان مليو آهي يا کيس سڃاڻي ٿو، اهو انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏيندو ته سعید سنڌ جي انهيءَ خوبصورت ضمير جو نالو آهي، جيڪو هر ڏکويل دل سان گڏ ڌڙڪي ٿو.
سعید سنڌ آهي. سنڌ کي وڌيڪ آزمائش ۾ نه وڌو. سعید کي واپس ڪيو. منهنجي محبوب دوست لياقت رضوي، سعید جي محبت ۽ اغوا جي درد ۾، نهايت خوبصورت لفظ لکيا آهن:
“اوچتو محسوس ٿيندو آهي، اي سعید!
تنهنجي ۽ منهنجي دوستيءَ جو بنياد
شايد ارتقا جا اصول آهن،
يا تاريخ جون جدلياتي حقيقتون،
يا عشق جي نصاب جون مشقون،
يا روحَن جي ڪا قديم ڪهاڻي،
يا ثقافت جي خاموش صدا،
يا وري پوري ڪائنات ۽ خود خدا.
جيڪو به آهي، پر اها حقيقت آهي ته
دوستيءَ جي دروازي مان گذرندڙ صدمو
پهريان اسان جي سچ کي
اسان جي سامهون آڻي بيهاريندو آهي،
پوءِ اسان کي تسليءَ جي هڪ صحرا ۾ ڀٽڪائيندي
اسان جي اداس دلين ۾ لڪي ويندو آهي،
جتي هڪ اميد
چونڪي کيس ڏسندي رهندي آهي.
جڏهن تون واپس ايندين
ته مان پنهنجي پُراميد دل
توکي ٽهڪن جي خنجرن سان چيري ڏيکاريندس،
جتي تون
اوچتي احساس ۽ صدمي کي
دفن ٿيل ڏسندين.”
سنڌ صدين کان محبت، پناهه، رواداري ۽ ڀائپيءَ جي ڌرتي رهي آهي. اها اها سرزمين آهي، جتي ايندڙن کي رڳو جاءِ نه ڏني وئي، پر دلين ۾ به وسايو ويو. بلوچ، پشتون، پنجابي، سرائڪي ـ سڀ هن ڌرتيءَ جي روايتن جو حصو بڻيا، ۽ سنڌ سڀني کي پنهنجو سمجهيو. خاص طور تي سنڌين ۽ بلوچن جا لاڳاپا صرف سياست يا جاگرافي تائين محدود نه رهيا آهن، پر اهي رشتا ڏک، سک، عزت، غيرت، مهمان نوازي ۽ اعتماد سان جڙيل رهيا آهن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به بلوچ قبيلن يا خاندانن تي ڏکيو وقت آيو، سنڌ پنهنجا دروازا ۽ دل ٻئي کوليا. سنڌ جي ماڻهن بلوچن کي ڀائرن جو درجو ڏنو، سندن درد کي پنهنجو درد سمجهيو. پر اڄ جڏهن سنڌ جو هڪ پٽ، هڪ نفيس انسان، هڪ شفيق دوست ۽ درد ڀري دل رکندڙ شخص، سعید احمد ميمڻ، اغوا ٿي وڃي ٿو، تڏهن سنڌ جي دل تي هڪ ڳري خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا تي فريادون آهن، دعائون آهن، اپيلون آهن، ۽ اکين ۾ ڳوڙها آهن. سعید لاءِ سڄي سنڌ ۾ بيچيني محسوس ڪئي پئي وڃي. سندس ٻارن جون سسڪيون، دوستن جون دعائون ۽ حساس دلين جي بيقراري هر پاسي نظر اچي ٿي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جون گڏيل روايتون ايتريون ڪمزور ٿي ويون آهن، جو هڪ بي ضرر انسان جي بازيابيءَ لاءِ اٿندڙ آواز به خاموش ديوارن سان ٽڪرائجي واپس موٽي اچن؟ هيءَ ڪا ڪنهن قوم خلاف لکيل تحرير ناهي. بلوچ اڄ به غيرت، رواداري، مهمان نوازي ۽ واعدي جي پاسداريءَ جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. انهيءَ ڪري اهو سوال وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ بڻجي ٿو ته جيڪڏهن سعید جهڙو انسان، جنهن هميشه محبت ورهائي، احترام ڏنو، ۽ ماڻهن جي ڏک ۾ شريڪ رهيو، اڄ مصيبت ۾ آهي، ته پوءِ اها اجتماعي رحم دلي ڪٿي آهي، جنهن تي بلوچ روايت فخر ڪندي رهي آهي؟
سعید سنڌ جي انهيءَ نرم ۽ خوبصورت روح جو نالو آهي، جيڪا هر ڏکويل دل سان گڏ ڌڙڪي ٿي.

جيڪو به سعید سان مليو آهي، اهو ڄاڻي ٿو ته هو نفرت جو نه، پر محبت جو انسان آهي. هو اختلاف ۾ به احترام ڳولي وٺندو آهي. هو رشتا جوڙيندڙ انسان آهي، ٽوڙيندڙ نه. انهيءَ ڪري اڄ سنڌ ائين محسوس ڪري رهي آهي، ڄڻ سندس وجود جو ڪو حصو گم ٿي ويو هجي!