DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
سنڌ جي سماج ۾ “ڪارو ڪاري” هڪ اهڙو ڏکوئيندڙ ۽ خطرناڪ رواج آهي، جنهن جي نالي تي هر سال ڪيترين ئي معصوم عورتن (۽ ڪڏهن ڪڏهن مردن) کي قتل ڪيو وڃي ٿو. هي عمل اصل ۾ غيرت جي نالي تي قتل (honor killing) آهي، پر حقيقت ۾ اهو ظلم، ناانصافي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

ڪارو ڪاري ڇا آهي؟
“ڪارو” مرد کي ۽ “ڪاري” عورت کي چيو ويندو آهي، جن تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته انهن غير اخلاقي لاڳاپا رکيا آهن. گهڻن ڪيسن ۾ عورتن تي ڪو به پڪو ثبوت ناهي هوندو، صرف شڪ، ذاتي دشمني، يا ملڪيت جي تڪرارن سبب انهن کي نشانو بڻايو ويندو آهي.

سنڌ ۾ ڏکوئيندڙ صورتحال!
سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اڄ به ڪارو ڪاري جو ڪڌو رواج زنده آهي. هر روز يا هر هفتي اهڙيون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جتي ڪنهن نياڻي کي “غيرت” جي نالي تي قتل ڪيو وڃي! ڪجھھ ڏينھن اڳ ٽنڊو مستي ويجھو  سوين ڳوٺاڻن جي موجودگي ۾ هڪ نوجوان ناري روبينا چانڊيو کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جڏھن تھ ناري مسلسل روئندي ۽ التجا ڪندي رهي ته کيس نه ماريو، پر افسوس جو ڪنهن به سندس دانهن نه ٻڌي. ماڻهن جي هجوم ۾ بيٺل جوابدارن بنا ڪنهن خوف جي سرعام فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. سنڌ ۾ ڏھاڙي اھڙا واقعا پيش اچن ٿا، پر افسوس آھي جو  گهڻا واقعا رپورٽ به نٿا ٿين، ڇاڪاڻ⁠تہھ خاندان ۽ برادري پاڻ ۾ معاملو لڪائي ڇڏين ٿا.
بنيادي سبب:
ڪارو ڪاري جي پٺيان ڪيترائي سماجي ۽ ثقافتي سبب آهن:
جهالت ۽ تعليم جي کوٽ: ماڻهن ۾ قانون ۽ انساني حقن جي ڄاڻ گهٽ آهي پدرشاهيت وارو نظام: عورت کي مرد جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو.

روايتي جرڳا:
ڪجهه علائقن ۾ جرڳا اهڙن قتلن کي جائز قرار ڏين ٿا. ذاتي مفاد: ڪڏهن زمين يا پئسي لاءِ به عورتن کي ماريو وڃي ٿو.
ڪارو ڪاري جو سڀ کان وڏو اثر عورتن تي پوي ٿو. اهي خوف، جبر ۽ عدم تحفظ ۾ زندگي گذارين ٿيون. انهن کي تعليم، پسند جي شادي، يا پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪرڻ جو حق به نٿو ڏنو وڃي.
پاڪستان ۾ ڪارو ڪاري خلاف قانون موجود آهن، ۽ ان کي قتل جي برابر جرم سمجهيو وڃي ٿو. پر عملي طور تي:ڪيترائي قاتل سزا کان بچي وڃن ٿا، خاندانن طرفان “معافي” ڏئي ڪيس ختم ڪيا وڃن ٿا.
هن مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، تعليم کي فروغ ڏيڻ – خاص طور تي عورتن جي تعليم قانون تي سختي سان عمل – ڪنهن به قاتل کي معافي نه ملڻ گهرجي. سماجي سجاڳي مهم – ماڻهن جي سوچ بدلائڻ، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار – اهڙن واقعن کي اجاگر ڪرڻ.
ڪارو ڪاري ڪنهن به صورت ۾ “غيرت” ناهي، بلڪه اهو ظلم ۽ بربريت آهي. هڪ مهذب سماج لاءِ ضروري آهي ته عورتن کي برابر حق ڏنا وڃن ۽ اهڙن غير انساني رواجَن جو خاتمو آندو وڃي. سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ، هن ناسور خلاف گڏجي آواز اٿارڻ لازمي آهي.

***