انساني رشتن جي دنيا اعتماد، محبت ۽ سمجھھ تي ٻڌل هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن رشتن ۾ شڪ يا بدگماني بھ جنم وٺندو آهي. شڪ هڪ اهڙو نفسياتي احساس آهي، جيڪو انسان جي اندروني خوف، عدم تحفظ ۽ ماضي جي تجربن سان جُڙيل هوندو آهي. سماج ۾ گهڻو ڪري اهو سوال اُٿاريو ويندو آهي تھ عورت وڌيڪ شڪ ڪندڙ آهي يا مرد؟ هي سوال صرف سماجي بحث نھ پر نفسيات ۽ سماجيات جي تحقيق جو موضوع بھ رهيو آهي.
نفسياتي ماهرن جو خيال آهي تھ شڪ ڪنهن هڪ جنس جي فطرت ۾ مستقل طور شامل ناهي هوندو، پر اهو مختلف حالتن ۽ نفسياتي حالتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آهي. عورت ۽ مرد ٻنهي ۾ شڪ پيدا ٿي سگهي ٿو، پر ان جي نوعيت ۽ اظهار جو انداز مختلف ٿي سگهي ٿو.
عورتن جي نفسياتي بناوت تي نظر وجهجي تہھ معلوم ٿئي ٿو تھ عورت عام طور جذباتي طور تي وڌيڪ حساس هوندي آهي. هوءَ رشتن جي باري ۾ گهڻي سوچ ويچار ڪندي آهي ۽ پنهنجي ساٿي جي توجهہ، محبت ۽ وفاداريءَ کي وڏي اهميت ڏيندي آهي. جيڪڏهن کيس محسوس ٿئي تہھ رشتن ۾ تبديلي اچي رهي آهي يا ساٿي جي روين ۾ تبديلي اچي رهي آهي يا پيدا ٿي رهي آهي تہھ هوءَ فڪر انگيزي ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿي ۽ شڪ وارو گمان پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪيترن نفسياتي ماهرن مطابق عورتن جو شڪ گهڻو ڪري جذباتي عدم تحفظ سان لاڳاپيل هوندو آهي.
ٻئي طرف مردن جي نفسيات ۾ شڪ جو تعلق گهڻو ڪري غيرت، خودداري ۽ ملڪيت واري احساس سان جڙيل هوندو آهي. ڪيترن معاشرن ۾ مرد پاڻ کي خاندان يا رشتن جو ذميوار سمجهندا آهن، جنهن ڪري جيڪڏهن کين محسوس ٿئي تھ سندن عزت يا اعتماد کي خطرو آهي تہھ هو جلد ردعمل ڏيکاري سگهن ٿا. نفسياتي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي تہھ مردَ گهڻو ڪري جسماني يا جنسي بي وفائي بابت وڌيڪ حساس هوندا آهن، جڏهن تھ عورتون جذباتي بي وفائي بابت وڌيڪ حساس هونديون آهن.
سماجيات جي ماهرن جو چوڻ آهي تھ شڪ جي شدت ۽ نوعيت سماجي حالتن سان پڻ ڳنڍيل هوندي آهي. جن معاشرن ۾ اعتماد، آزادي ۽ کليل گفتگو گهٽ هوندي آهي، اتي شَڪ جا مسئلا وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن. اهڙين حالتن ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ بدگماني وڌي سگهي ٿي. ساڳي وقت فرد جي شخصيت، تربيت، خانداني ماحول ۽ ماضي جا تجربا بہھ شَڪ جي پيدا ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ان کان علاوه جديد نفسيات اهو بھ ٻڌائي ٿي تہھ شَڪ گهڻو ڪري خوف ۽ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن فرد کي ماضي ۾ ڌوڪو مليو هجي يا کيس بار بار مايوسي جو تجربو ٿيو هجي تہھ اهو شخص مستقبل جي رشتن ۾ وڌيڪ شَڪي ٿي سگهي ٿو. اهڙي حالت ۾ شڪ صرف مرد يا عورت تائين محدود نہھ رهندو آهي، پر هر انسان ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو.
ظاهري طور تي اهو چئي سگهجي ٿو تہھ شَڪ کي ڪنهن هڪ جنس سان وابستہھ ڪرڻ يا رکڻ درست ناهي. عورت ۽ مرد ٻنهي ۾ شَڪ پيدا ٿي سگهي ٿو، پر ان جا سبب ۽ اظهار جا طريقا مختلف ٿي سگهن ٿا. اصل مسئلو اعتماد جي کوٽ، سماجي دٻاءُ ۽ نفسياتي عدم تحفظ سان لاڳاپيل هوندو آهي. جيڪڏهن رشتن ۾ سچائي، احترام ۽ کليل گفتگو موجود هجي تہھ شَڪ جا مسئلا گهڻي حد تائين گهٽجي سگهن ٿا ۽ رشتا وڌيڪ مضبوط ۽ صحتمند بڻجي سگهن ٿا.