موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

اڄ 23 مارچ اهو ڏينهن آھي جنهن ڏينهن پنهنجي وطن جي آزادي جي  جدوجهد جي ڏوهه ۾  ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين راج گرو ۽ سک ديو کي انگريز سرڪار ڦاهي تي لٽڪائي ڇڏيو هو.

ڀڳت سنگهه جي جدوجهد هندستان ۾ انگريز سرڪار کي لوڏي ڇڏيو هو، ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جو خيال هو ته، جيڪڏھن اسين ڪانگريس جي انگريزن سان مفاهمت واري پاليسي تي هلياسين ته، آزادي ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا انڪري هنن هوم رول توڙي ٻين هٿڪنڊن کي رد ڪري، مڪمل سوراج يعني مڪمل آزادي جو مطالبو ڪيو.  هنن کي انگريزن جي چالاڪين بابت خدشا هئا، جيڪي درست ثابت ٿيا ڇاڪاڻ ته هنن جي وطن کي پوءِ تقسيم ڪيو ويو.

انگريز سامراج کي اها خبر هئي ته، هنن نوجوانن جي  زندا هجڻ سان سندن سازشون ڪامياب نه ٿينديون.  هندستان ۾ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو، انگريز سرڪار ظلم جا پهاڙ ڪيرائي هندستان کي قبضي ۾ رکڻ چاهيو پئي، پر انگريز سرڪار ٻي عالمي جنگ ۽ سوشلسٽ انقلاب ۽ قومي آزادي جي تحريڪن سبب هر طرف گهيرجي چڪي هئي.

ڀڳت سنگهه وارن جيڪو هڪ آزاد وطن جو تصور جوڙيو هو، ان ۾ ھر قسم جي استحصال جو خاتمو ڪرڻ  ھو،  هنن سوويت طرز تي هڪ سوشلسٽ ھندستاني جمهوريه پئي چاهي، جنهن ۾ قومون آزاد ۽ خودمختيار هجن ها طبقاتي نظام جو خاتمو ڪري سوشلزم لاڳو ڪيو وڃي ها ان جو مطلب هو ته، سامراجيت جو خاتمو انڪري ئي برطانوي سامراج ڇتو ٿي پيو.  هن نه فقط ڀڳت سنگهه راج گرو ۽ سک ديو  سندن  ساٿين  سورهيه بادشاهه پير پاڳاري بلڪه هزارين لکين ماڻھن جو قتل عام ڪيو، برطانوي سامراج لاءِ ھتي نرم گوشو رکيو ويندو آھي ته هو قانونيت پسند هئا، پر هنن سامراجيت جي صورت ۾ ھر قسم جو دوکو ڪيو  هر قسم جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي، هر قسم جو دوکو ڪيو.  جهانسي جي راڻي  سراج الدين دولا  ٽيپو سلطان کي دوکن سان قتل ڪرايو.

ڀڳت سنگھھ جو جنم 27 ڊسمبر 1907ع تي وديا وتي ۽ ڪشن سنگھھ جي گهر بنگا ڳوٺ ضلعي لائل پور ۾ ٿيو، جيڪو برطانوي هندوستان جي صوبي پنجاب ۾ هو. جالندهر ويجهو کٽڪار ڪلان هنن جو اباڻو ڳوٺ هو. ڀڳت سنگھھ جو ڏاڏو ارجن سنگھھ ديانند سروسوتي جي تحريڪ 'آريا سماج' ۾ هو ۽ هن جو پيءُ ڪشن سنگھھ 'غدر پارٽي' جو ڪارڪن هو. ڀڳت سنگھھ پهرين ديانند اينگلو_ويدڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ،  1923ع ۾ نيشنل ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو. ڀڳت سنگھھ جي دور ۾ ڪافي واقعا ٿيا، جن ۾ هڪ اهم واقعو 9 آگسٽ 1925ع تي هندوستان ريپبليڪن ايسوسيئشن جي ڪارڪنن شاه جهان پور کان لکنو ويندڙ ريل گاڏي کي ڪاڪوري وٽ روڪي ڦر ڪئي. اهو منصوبو رام پرساد بسمل، اشفاق خان، چندر شيکر آزاد ۽ ٻين جو هو. هنن کي خبر پئي ته  ٽرين جي گارڊ ڪئبن ۾  برطانوي حڪومت جي خزاني جا پئسن سان ڀريل ٿيلها آهن. هنن ٻڌايو ته هن ڦر جو مقصد برطانوي انتظاميه خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ هنن کي پئسن جي ضرورت هئي. هي واقعو 'ڪاڪوري ڪيس' جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. هن واقعي جا جوابدار پرساد 26 سيپٽمبر 1925ع تي ۽ اشفاق خان ڏھ مهينا پوءِ  گرفتار ٿيو، ٽوٽل چاليھھ ڄڻا گرفتار ٿيا.

 مارچ 1926ع ۾ ڀڳت سنگھھ ۽ ٻين ڪامريڊن 'نوجوان ڀارت سڀا' تنظيم ٺاهي، بعد ۾ هو هندوستان سوشلسٽ ايسوسيئشن ۾ شامل ٿيو. هنن جي جدوجهد جو منشور برطانوي ڪالونيل ازم کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ هو.هنن ڪانگريس جي سياست تي عدم اعتماد ٿي ڪيو، هنن اهو سمجهيو پئي ته هي هندستان جي حڪمران طبقن جي مفادن لاءِ مفاهمتي آزادي چاهين ٿا  اهنسا وادي ۽ بورجوا قومپرست سياست کان ڌار ٿي، هنن هٿيار بند جدوجهد جي چونڊ ڪئي. هنن ڄاڻي ورتو هو ته، اهو ئي انگريزن کان نجات جو حل آهي. هٿياربند ڪاروائين جو هڪ سبب خوف جي فضا ۾ ڏار وجهڻ هو ته جيئن عوام ۾ اُڀار پيدا ڪري سگهجي، ۽ عوامي شعور کي 'هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪ ايسوسيئيشن' ذريعي اشتراڪي نظام جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.

 1928ع ۾ برطانوي حڪومت سائمن ڪميشن جوڙي، جڏهن ڪميشن لاهور آئي ته ان خلاف هڙتالون، مارچ ۽ مظاهرا ٿيا ته پوليس تشدد ۽ لاٺي چارج ڪيو. اهڙين پُرتشدد ڪارواين جي نتيجي ۾ 17نومبر 1928ع تي لالا لجپت راءِ گذاري ويو، لالا لجپت راءِ اهو ماڻھو هو، جيڪو روس جي انقلاب کان ڪامريڊ  لينن جي حڪمت عملين کان تمام گهڻو متاثر هو، سندس مظاهري ۾ موت  نوجوانن ۾ وڏي سخت ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي،  جنهن کي پوليس سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. هو لاهور ريلوي اسٽيشن تي سائمن ڪميشن جي خلاف احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. لالا لجپت جي قتل جي رد عمل ۾ ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن هڪ پوليس آفيسر کي ماري ڇڏيو. ٻيو اهم واقعو پبلڪ سيفٽي بل ۽ ٽريڊ ڊسپيوٽ ايڪٽ جي ردِ عمل ۾ هو. مزدور تنظيمن خلاف هڪ بل اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيڻ تي هو. هلندڙ سيشن دوران پبلڪ گئلري مان ڀڳت سنگھھ ۽ باتو ڪيشور دت سينٽرل ليجسليٽوِ اسيمبلي جي چيمبر ۾ ٻه بم ڦاڙيا. اسيمبلي ۾ ڦهليل دونهي سبب هو آرام سان فرار ٿي پئي سگهيا، پر هو بيهي 'انقلاب زندھ آباد' جا نعرا هڻندا رهيا ۽ گرفتاري ڏئي بم ڌماڪن جو اعتراف ڪيو. انهي اعتراف ۽ خبر هندستان ۾ عوامي سطح تي نوجوانن ۾ وڏو حوصلو پيدا ڪيو.

ڀڳت سنگھھ ۽ ان جا ساٿي لاهور سازش ڪيس سبب قيد ٿيا هئا. ڀڳت ۽ ٻين ڪامريڊن کي دهلي کان سينٽرل جيل ميانوالي موڪليو ويو. جيل ۾ رهي هنن مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا 63 ڏينهن هلي. بکُ هڙتال جي ڪري ڪامريڊ جسماني طرح نٻل ۽ ڪمزور ٿي چڪا هئا. ان وچ ۾ بک هڙتال سبب جيتن داس گذاري ويو. جيل ۾ انهن جنهن سبب جي ڪري بک هڙتال ڪئي هئي، ان جو اهم مطالبو قيدين سان بهتر سلوڪ ڪرڻ هو. سزا کائڻ، تشدد برداشت ڪرڻ، ۽ بک هڙتال سبب ڪمزور ٿيڻ باوجود هي انقلابي ساٿي مايوس نه ٿيا هئا. انهن لاءِ پنهنجو سياسي نظريو ۽ پورهيت طبقي جا مفاد عزيز هئا.

پهرين مئي 1930ع تي وائسرءِ لارڊ ارون لاهور سازش ڪيس آرڊيننس جاري ڪيو. انگريزن ڄاتو  ٿي ته اها آزادي پسند سوشلسٽ لهر 1917ع ۾ روس مان بالشويڪ انقلاب کان اثر قبولي اُٿي آهي، ان کي زمين دوز ڪرڻ ايترو آسان نه  آهي. ڀڳت سنگهه ڪامريڊ لينن کان تمام گهڻو متاثر هو، لينن جي تحريرن جا حوالا اڪثر هو بحثن ۾ ڏيندو هو بلڪه جيل دوران هو مڪمل طرح لينن وادي ٿي چڪو هو،  لينن جي فڪري سگهه سوويت انقلاب برپا ڪرڻ سندس سموري فڪر ۽ عمل تي پوءِ حاوي هئا  هو آخر ۾ انفرادي دهشتگردي جي به خلاف ٿي چڪو هو   هن اهو اعتراف به ڪيو هو ته اسان کي بالشويڪ پارٽي وارو رستو اختيارڪرڻ کپندو هو.

 5 مارچ 1931ع تي انگريز سرڪار ۽ ڪانگريس ۾ ٺاھ ٿيو، جنهن کي گانڌي_ارون پيڪٽ جو نالو ڏنو ويو، هن سمجهوتي ۾ ڀڳت سنگھھ ۽ ٻين ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن جي جيل مان آزادي جو ڪو به نڪتو شامل نه هو. موهن داس گانڌي ۽ ڀڳت سنگھھ جي نظريي، تنظيم ۽ طرزِ جدوجهد تي رستا ڌار هئا.

ڀڳت سنگهه جي ساٿي چندر شيکر آزاد اهو قسم کنيو هو ته هو گوريلا لڙائي دوران ڪڏھن به دشمن کي زندا گرفتاري نه ڏيندو، هن ڀڳت سنگهه کي جيل مان آزاد ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو، جنهن تي عمل به ڪيو پر اهو ناڪام ٿيو، هن پوليس جي سخت گهيري ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو.

سنڌ ۾ ھيمون ڪالاڻي به انهي جدوجهد جو حصو هو، جنهن کي سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني هئي. هن انگريز فوجين سان ڀريل ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي سرزمين تي پڪڙجي پيو هو.

آخرڪار، 23  مارچ 1931ع جي رات جو لاهور سينٽرل جيل جي گهاٽ تي ڀڳت سنگھھ ، راج گرو ۽ سکديو کي ڦاسي ڏني وئي. ستلج ندي ڪناري سندن لاش ساڙي درياهه حوالي ڪيا ويا. اها انگريز سامراج جي ريت جاري آھي، هتي به انقلابي ڪارڪن ساڙي ماريا وڃن ٿا يا گم ڪيا وڃن ٿا!

هتان جا حڪمران اڄ به ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کان ڊڄن ٿا،  سندن هر ياد کي گم ڪرڻ چاهين ٿا ته، جئين آزادي جي مشعل وري نه ڪو کڻي،  پر انقلابين خون ناحق رائيگان نه ويندو آھي. اڄ ھزارين نوجوان هنن انقلابين کي ياد ڪري رهيا آھن،  هنن تي ڪالم لکجي رهيا آھن.

ڀڳت سنگهه جا باقي جيڪي به ساٿي بچيا، جن مان اهم ترين اجي گهوش ھو، جنهن ڀڳت سنگهه ۽ ايس آر اي۽  هندستان سوشلسٽ رپبلڪ ٺاهي هئي، اهي سڀ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو حصو ٿي ويا.

هتي اها به وضاحت ڪرڻ گهرجي ته، ڀڳت سنگهه اهو اعتراف به ڪري چڪو هو ته، هو جيڪڏھن ڪامريڊ لينن کي پڙھي ها ته هي سمورو اڳ وارو فيصلو نه ڪري ها  پر تاريخ توڙي حالتن کيس اهو موقعو فراهم نه ڪيو.

انقلابي ۽ حق جي راهه ۾ قرباني ڏيندڙ ڪڏھن ختم ناهن ٿيندا!

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

پرواهه بنان پر ڪيئن هوندا

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها.

ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي

جو گيت اڌورو

ڳاتو هو!  (اياز)