اسان هميشه شڪايت ڪندا آهيون ته اسين انهن ماڻهن کي نٿا ڄاڻون، جيڪي پنهنجي چهري تي ماسڪ رکندا آهن، تنهنڪري اسان انهن کي سڃاڻي نٿا سگهون ۽ اهي اسان کي آساني سان ڌوڪو ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن. پر منهنجي تجربي مطابق، زندگي هميشه اسان کي خطري کان آگاھ ڪندي آھي، انھن ماڻھن جي روين جي ذريعي ، جيڪي اهي مسلسل ڪندا رهندا آهن، ۽ اسان انهن کي اهميت نٿا ڏيون.
ڪڏهن ڪڏهن تھ ان کي محبت سمجهندا آهيون ۽ اھو ڄاڻيندا ته محبت اندھي آهي. ڪڏهن ته، اسان رشتن ۾ سمجھوتا ڪرڻ لازمي سمجھندا آهيون، اھو ان ڪري تھ شايد اهي ھلي نہ سگھندا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اھي ئي انسان آخرڪار ڌوڪو ڏيندا آهن ۽ اسان پاڻ کي قصوروار سمجھندا آھيون ۽ پنهنجي قسمت کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا آھيون . جڏهن ته اها تقدير ناهي، اها صرف اسان جي بيوقوفي آهي، جنهن ۾ اسان اهي Red flags نٿا ڏسون جيڪي زندگي اسان کي ڏيکاري رهي آهي.
ڇو اسان خطري Red flags کي نٿا ڏسون؟
Why do we overlook red flags? (اسان انھن خطرن کي نظرانداز ڇو ٿا ڪريون؟؟)
محبت جو وھم: The illusion of love
محبت، اسان چوندا آهيون اندھي آهي. اسان اڪثر هن جملي کي ماڻهن جي مشڪوڪك عملن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون، جن سان اسان محبت ڪندا آهيون. اسان پاڻ کي يقين ڏياريون ٿا ته محبت ۾ غير مشروط قبوليت ضروري آهي، ڀلي ان جي لاءِ اسان کي پنهنجو نقصان ئي ڇو نھ برداشت ڪرڻو پوي. اسان ان ڳالھھ تي بھ يقين رکندا آھيون تھ محبت م نفعي ۽ نقصان کي نھ ڏسبو آھي محبت آ ڪو ڪاروبار ٿوري آھي.
سمجھوتي جو ڌوڪو: The myth of compromise
، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو، ته رشتن ۾ سمجھوتو ضروري آھي، اهو ڪنھن حد تائين درست آهي، پر سڀ سمجھوتا صحتمند ناهن ھوندا. جڏهن اسان محبت يا امن قائم رکڻ جي نالي ۾ ڪنهن جي زهر آميز سلوڪ کي نظرانداز ڪندا آهيون، ته پوءِ ان سان نااميدي ۽ بدنامي کي دعوت ڏيندا آهيون.
مڪمل ٿيڻ جو خيال: The pursuit of perfection
ڪو به مڪمل ناهي، ۽ اهو سچ اسان ڪڏهن ڪڏهن غلط سلوڪ کي برداشت ڪرڻ جو جواز پيدا ڪرڻ لا۽ استمعال ڪندا آهيون. اسان سمجهندا آهيون ته محبت ۾ اسان کي ڪنهن جون غلطيون معاف ڪرڻ گهرجن، ۽ اسان نظرانداز ڪندا آهيون ڪنهن جي بي پرواهي يا ڪوڙ جو رويو، جيڪو آخرڪار دل آزاري جو سبب بڻجي ويندو آهي.
جڏهن ڌوڪو ٿيندو آهي: When Betrayal happens
جڏهن اهي ماڻهو آخرڪار اسان سان ڌڪو ڪندا آهن، ته اسان پنهنجي قسمت کي لعنت ملامت آهيون يا پنهنجي بدقسمتي کي ڳڻائيندا آهيون. جڏهن ته، سچائي وڌيڪ سادي آهي: اها تقدير ناهي، پر اسان جو پنهنجو فيصلو آهي جو اسان انهن اشارن کي نظرانداز ڪيو آهي. اهي اشارا هميشه انھن انسانن جي روين ۾ موجود ھوندا آھن، پر اسان انهن کي غير اهم سمجھي يا محبت ۽ دوستي جي نالي ۾ قرباني طور قبول ڪندا آھيون.
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟What should we do?
جيڪڏهن توهان رشتن، دوستين، يا ڪنهن صورتحال ۾ خطري جا احساس Red Flags ڏسو، ته انهن کي سڌو سنئون نظرانداز نه ڪريو. اهي احساس ۽ خطري جا اشارا توهان جي دماغ ۽ دل جو ھڪ طريقو آهن توهان کي مستقبل ۾ نقصان کان بچائڻ لاءِ. انهن کي نظرانداز ڪرڻ صرف وڌيڪ درد کي دعوت ڏيڻ آھي.
پنهنجي اندر جي احساسن تي ڀروسو رکو:
اڪثر، توهان جو اندروني احساس توهان جو سڀ کان معتبر راهنما آهي. جيڪڏهن ڪجهه غلط لڳي ٿو، ته ان کي نظرانداز نه ڪريو.
پنهنجي بھتري کي اوليت ڏيو:
ڪو بھ رشتو توهان جي جذباتي يا ذهني صحت جي نقصان جي قيمت ناهي.
حد مقرر ڪريو:
جڏهن ڪنهن جي عملن ۾ مسلسل توهان لاءِ بیيقدري يا توھان کي نقصان پهچائڻ جو رجحان آهي، ته ان کان الڳ ٿي وڃو.
محتاط رهو:
ماڻهن جي روين ۾ تسلسل ڏسو.انھن جي ڪري ٿيندڙ واقعن ۽ ٻين ماڻھن کي پھچايل نقصانن کي ڏسو، هڪ مستقل عمل ڪنهن جي شخصيت جي بهترين سڃاڻپ آهي.
ڇا اسان خطري کي سڃاڻڻ ۽ ان کان پاڻ کي بچائڻ وارو عمل ڪرڻ جي سگھھ رکون ٿا؟
حقيقي سوال اهو آهي ته ڇا اسان وٽ اها جذباتي طاقت ۽ خود ارادي آهي ته اسان اهي فيصلا ڪري سگهون؟ صرف اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دل ۽ دماغ تي مڪمل ڪنٽرول رکندا آهن، اهي اھڙن اشارن کي سڃاڻڻ ۽ اھڙن ماڻھن روين ۽ جاين کان پري رھڻ واري فيصلي تي عمل ڪرڻ جي جرت ڪندا آهن. ۽ انھن ۾ سچ کي تسليم ڪرڻ جي ھمت ھوندي آھي.