DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
ترڪيءَ جو نوبيل انعام يافتہ اديب اورحان پامُق جديد فڪشن جو اهو جادوگر آهي، جيڪو تاريخ، سياست، نفسيات ۽ اوڀر-اولھھ جي ڇڪتاڻ کي اهڙي نفاست سان اُڻي ٿو جو حقيقت ۽ خيال هڪ ٻئي ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا،۔ سندس ناول ”Nights of Plague“ (طاعون جون راتيون) بہ اهڙو ئي ھڪ فن پارو آهي، جيڪو وبا جي پردي ۾ سلطنت عثمانيہ جي زوال، قوم پرستيءَ جي جُنون، ۽ انساني فطرت جي بي وسيءَ کي بي نقاب ڪري ٿو۔.
ناول جو منظرنامو 1901ع جو هڪ خيالي ٻيٽ “منگهيريا” آهي، جيڪو عثماني سلطنت جي قبضي هيٺ آهي۔ جتي اوچتو هڪ خطرناڪ وبا پکڙجي ٿي، ۽ ماڻهو مذهب، نسل، ۽ عقيدي جي بنياد تي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ لڳن ٿا۔ پامُق، وبا کي رڳو پسمنظر طور استعمال ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ ڳالھھ ٿئي ٿي طاقت، سياست ۽ قوم جي ٺهڻ جي.
ناول جي راوي هڪ عورت تاريخدان مينا منگهير آهي، جيڪا شهزادي پاڪيزه سلطان جا خط ۽ ڊائريون پڙهي هڪ تاريخي ناول لکي ٿي۔ پر اِتي ئي پامُق پنهنجي مشهور ميٽا فِڪشنل راند شروع ڪري ٿو — پاڻ بہ ناول ۾ هڪ ڪردار بڻجي ظاهر ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ کي اهو احساس ڏياري ٿو تہ تاريخ ۽ افسانو الڳ ناهن، بلڪ هڪ ئي داستان جا ٻہ چهرا آهن۔
پامُق ٻڌائي ٿو تہ ماضي تہ حقيقت آهي ئي، پر تاريخ ان جي لکيل صورت آهي، جيڪا اڪثر مورخ جي خواهش موجب ٺهي ٿي۔ سندس هڪ جملو ئي سڄي فلسفي کي واضح ڪري ٿو: “مان اورحان پامُق آهيان، مون کي هي خط 2017ع ۾ پنهنجي نانيءَ جي گهر جي ڇت تي هڪ صندوق ۾ مليا… مون اهي مينا کي ڏنا تہ جيئن هوءَ هيءُ تاريخي ناول لکي.“
ناول ۾ سائنس ۽ مذهب جو ٽڪراءُ بہ نمايان آهي. هڪ ڊاڪٽر (نوُري بي) جديد طريقن سان قرنطينہ لاڳو ڪرڻ ٿو چاهي، پر ماڻهن لاءِ اها “مغربي سازش” آهي۔ پامُق اشارو ڪري ٿو تہ ترڪيءَ جي جديديت بہ سدائين روايت ۽ سائنسي سوچ جي وچ ۾ ڦاٿل رهي آهي۔.
ناول جو هڪ ڪردار ميجر ڪامل بہ آهي، جيڪو اتا تُرڪ جي ياد ڏياري ٿو۔ اهو قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو اڳواڻ بڻجي ٿو، ۽ ھڪ دم سوال پيدا ٿئي ٿو تہ قوم پرستي ڪڏهن آزادي آهي، ۽ ڪڏهن هڪ نئين غلامي؟
ناول “Nights of Plague” رڳو وبا جي ڪهاڻي ناهي؛ اها تاريخ، طاقت، قوم ۽ انسان جي معنيٰ جو هڪ فلسفياڻو تجزيو آهي۔ پامُق ٻڌائي ٿو تہ فڪشن جو ڪم پڙھندڙ کي خوش ڪرڻ نہ، پر سوچڻ تي مجبور ڪرڻ آهي۔ شايد انهيءَ ڪري آمريڪي ليکڪ اسٽيفن ڪنگ جو قول هتي سچ ثابت ٿئي ٿو: “Fiction is the truth inside the lie.”
(يعني فڪشن اهو سچ آهي، جيڪو ڪوڙ اندر لڪل هوندو آهي۔)

اورحان پامُق جو هي ناول اسان کي ياد ڏياري ٿو تہ تاريخ هميشه فاتحن جي لکيل هوندي آهي، پر فڪشن انهن جي ڳالھھ بہ ٻڌائي ٿو، جن جو آواز دٻجي ويو. ـNights of Plague“ وبا جي ڪهاڻي نہ، پر انسان جي بقا ۽ فڪر جي آزاديءَ جو بيان آهي — هڪ اهڙو شاهڪار، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ ئي نہ پر ڏسڻ بہ سيکاري ٿو.