موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
اسير امتياز جو تازو ئي ٻه هزار پنجويھھ عيسويءَ ۾ ، هڪ سَئو ويھن صفحن تي مُشتمل، ناول بعنوان” تَيل مالِش وارو “چانڊوڪي پبليڪيشن“ (واھي پانڌي) مان شايع ٿيو آھي. هِن کان اڳ، سندس هڪ ناول”گرلس هاسٽل“ڪافي مشھور رهيو آھي. ساڳئيءَ طرح، هيءُ ناولُ به، پنھنجي ”مشھور ادب“ هئڻ واري لقاءَ ڪري تيزيءَ سان مارڪيٽ ڪري رهيو آھي.هِن ناولَ اندر ڪو به مھاڳ ڪونهي.مھاڳ عيوض، ناول نگار پنھنجي پاران هڪ وضاحتي ـ نوٽ  ليک، بِناـ عُنوان جي ڏِنو آھي. هِن ناول جو ملهه پنج سَئو روپيا مقرر ڪيو ويو آھي.توڙي جو، هيءُ ناول طَويل ڪونهي،پر مون پنھنجي رفتار سان هيءُ ناول خريد ڪرڻ بعد، ٽِن ساھين ۾ پڙھيو آهي.ڪِتابَ جي ٽائيٽل تي، ڪنھن ماڻهوءَ کي مالِش ڪرائيندي ڏيکاريو ويو آھي ۽ بئڪ ـ پيج تي ڪردارن جي مڪالمن جا ٽي مختصر ـ متن ڏِنا ويا آھن.هِنن ٽِنهي مَڪالماتي، متنن ۾ ڪردارن وسيلي ماڻهوءَ جي ٻِنهي جِنسي ۽ مُعاشي  بُکن جي عڪس بندي موجود آھي.
ناول جي ٽيڪنڪ ۽ موضوعاتي تعارف. Technique and Thematic Introduction of the Novel
هِن ناول جي ڪھاڻي دلچسپ اِيتري آھي، جو اُن کي مڪمل پڙھڻ  کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. تجسس ۽ آسان طريقي سان، ناولَ جي ڪھاڻي، پڙھندڙ کي پاڻ ڏانهن مدعو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ناول جو راويNarrator ، پاڻ به ناول جو ”مشتاق “ نالي ڪردار آھي، جنھن جي اصلي نالي جي خبر ناول جي پَڇاڙيءَ ۾ پَوي ٿي. ناول جي لِکڻ واري سموري ڪرت ضمير متڪلمFirst person  ۾ آھي. ناول ۾ ،مشتاق خود پاڻ پنھنجي عملن جي لحاظ کان ڪو سُٺو ماڻهو ڪونهي.حيرت جي ڳالهه اِها آھي ته اُهو مشتاق، پاڻ ڇوڪرن ۽ عورتن سان مُروج سماجي قدرن جي اُبتڙ، جنسي عمل ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي ناول ۾ سماجي اصلاح جو مبلغ يا واعظ بڻجي ويٺو آھي. هِن ڪتاب ۾ جِنس Sex جي موضوع کي مرڪز بڻايو ويو آھي. جنسي بُک تي لِکڻ واري مشق سازي ادب جي قديم زماني کان وٺي جديد ادب تائين متنازع، متضاد ۽ ادبي  ڊسڪورس جو حصو پئي رهي آهي.
جِنسي جذبا،فطرتي وجود کان ڌار نه آھن، جنھن ڪري اُهو هڪ حياتياتي ۽ جبلتي عمل به آھي. سماج توڙي ادب ۾، جِنسي عمل واري عڪس بنديءَ تي ٻه مڪتب فڪر رهيا آھن. هِڪڙن جو خيال آھي ته، جنسيت يا جنسي عملن جي عڪاسي ڪرڻ ڏوهه ڪونهي. دراصل سماجي براين تان پردو هٽائڻ لاءِ، اِھڙو ادب تخليق ڪري سگهجي ٿو.ٻئي مڪتب ۽ فڪر موجب : جنسيت يا جنسي عمل ڏيکارڻ سان معاشري جا اخلاقي ۽ ثقافتي قدر وڌيڪ خراب ۽ ڪمزور ٿين ٿا.جيئن ته جنس Sex جو موضوع حياتياتي يا جبلتي آھي ۽ اُن جي ناڪاري اثرن واري حقيقت کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي. پر اُهو مسئلو ساڳئي وقت سماج جي سياست، سماجيات، نفسيات، ثقافت ۽ معاشيات سان پڻ ڳنڍيل آھي.اُن ڪري، ڪنھن به طرح جِنسي عمل متعلق اِهڙو ادب پنھنجي معروضي، سياسي، سماجي، نفسياتي رخن ۾ تخليق ٿيندو پئي آيو آھي. دنيا سطح تي ڏِسجي ته ڪافي وڏن ليکڪن/نقادن به ڪجهه اُن طرح يا ان کان ٿوري مختلف سيڪس واري ادب جي تشريح پئي ڪئي آھي. مثال طور ڊي ايڇ لارينس جي موجب ته :
Sex and beauty are inseparable,like life and Consciousness.
يعني، ” زندگيءَ ۽ شعور وانگر حُسن ۽ سيڪس، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن.“جڏهن ته مشل فوڪو Michel focult اُن جي اُبتڙ، هڪ ٻئي رخ ۾ ڏِسي ٿو.فوڪو موجب :
Sexuality is not natural given,but a social construct.
معنيٰ،” جنسيت فطري شيءِ نه آهي، پر هڪ سماجي تعمير آھي.“
موجوده جديديت ـ پُڄاڻان دَور جي تقاضائن موجب ڏِسجي ته، اڄڪلهه مَصنوعيت سموري دنيا تي ڇانيل آھي.اصليت گُم آھي.اُن رخ ۾، مون کي Anais´nin جو خيالُ وڌيڪ مُڪملتا سان سَرشار نظر ايندو آھي.Anais nin موجب :
Sex loses all its power and magic, when it becomes explicit mechanical and overdone.
انيس نن جي خيال موجب، ”جنسيت پنھنجي سموري طاقت ۽ جادو وڃائي ٿي، جڏهن اُها مشينري بڻجي ويندي آھي يا حد کان زياده وڌي وڃي ٿي.”جنسيت، سماجي ۽ ثقافتي تعمير جو تصور آھي يا اُن جا ٻيا رخ به ٿي سگهن ٿا،اُنهيءَ ڏَسا ۾، ڪيٽ مليٽ دلچسپ ڳالهه ڪئي آھي. Kate Millet مطابق :
Sexual politics is the heart of all human   relationship.
اُن جو مفهوم آھي ته ” جنسي سياست ،سڀني انساني رشتن جي دل آھي.“ هِن ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، جنست هڪ سياست به آھي. منھنجي خيالَ ۾، اِها ڳالهه سمجهڻ هاڻي سَولي ٿي پئي آھي ته، جنسيت جڏهن سماج توڙي تخليقي ادب ۾، جڏهن وارد يا براجمان ٿئي ٿي، تڏهن پنھنجي بازاري،واپاري يا مارڪيٽ مڪينزم جي ڪري،اُها جِنسي سياست جو رُوپ وٺي وڃي ٿي.
منھنجي خيال ۾، سيڪس توڙي جو ادب جو اهم موضوع آھي، پر سيڪس کي سائنسي، منطقي سماجي، طبقاتي،نفسياتي ۽ ماڻهوءَ جي جوهر جي اپٽار کان ڪَٽي اڪيلي سر ڌار پيش ڪرڻ سان ڪي شعوري مانائتا رستا اختيار ڪري نٿا سگهجن.سيڪس زندگيءَ  جي گوناگونيت جو هڪ فطري حصو آھي، پر ولگرٽي يا پورنو گرافي تخليقي ادب جو دشمن زاويو آھي.
اسير امتياز جو هيءُ ناول، پڻ جنسي عملن پٺيان جزوي طور سماجي ۽ معاشي  پس ـ منظر جو لباس ضرور اوڍي ٿو. سيڪس جي موضوع کي، دنيا جي تخليقي ادب ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، پر اُن کي ڪھڙي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو؟ اُهو سوال نھايت اهم آھي. جنهن ڪري،اسير امتياز جي هِن ناول ۾، تنقيدي ادب جي لحاظ کان هڪ طرف، اِهو ڏسڻو آھي ته، ناول ۾ سيڪس وڌيڪ آھي يا معاشي محرڪ وڌيڪ مضبوط ۽ مرڪزي حيثيت ۾ ڏيکاريل آھن؟ٻئي طرف، هِن ناول جو اسلوب ڪيئن آھي؟ سيڪس جي موضوع تي تخليق ٿيندڙ ادب جي ڪَٿ يا معيار استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي پرکي سگهبو آھي. اسير جي هن ناول ۾، ٻوليءَ لاءِ لفظن جي چونڊ ۽ متني ترتيب ڪھڙي آھي؟ ان جو تنقيدي جائزو وٺي پوءِ، ناول جي ادبي قدرشناسائيءَ ۽ ناول جي خامين يا نقصن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

ناول جي ڪھاڻي The story of the novel
هِن ناول ” تيل مالش وارو “ جي ڪھاڻي، ڪجهه هن ريت آھي ته ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ته ذيشان آھي. پر ناول جي شروعات مشتاق جي ڪردار سان ٿئي ٿي، جيڪو ڳوٺ کان شھر ( شايد حيدرآباد ) روزگار جي تلاش ۾ وڃي ٿو. شام جو هُو شهر وڃي شاپنگ سينٽرز ۽ پارڪن وغيره تي گهمندڙ عورتن جي حُسن مان گهڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ لَسا ڇوڪرا به سندس ڌيان جو مرڪز بڻجن ٿا. مشتاق، جنسي ۽ نفسياتي طرح حد کان وڌيڪ شھوتي خواهش رکندڙ نفسياتي رجحان Hypersexuality   جو  شڪار لڳي ٿو. حيدرآباد .هُن سان هڪ تيل مالش ڪندڙ ڇوڪري، ذيشان سان ملاقات ٿئي ٿي. جيڪو پيسن خاطر مشتاق جي جنسي عمل واري خدمت ڪري ٿو ۽ پوءِ ذيشان وسيلي هڪ پاڙي جي عورت فريده، رات جو مشتاق جي در تي اچي ٿي.فريده پڻ ساڻس آهستي آهستي ناجائز جنسي تعلقات جوڙي ٿي.فريده پھريان مشتاق سان ڪوڙ ڳالهائي ٿي ته سندس مڙس نامَڙدُ آھي ۽ مزوريءَ تي زماني جي ٽوڪن ۽ طنزن ڪري ڪمائڻ نٿو وڃي. سندس ان ڪوڙ ناول جي آخر ۾ پڌرو ٿئي ٿو.گهر ۾ سُتل سندس ڳوٺ مان آندل هڪ اڌ مڙد نوڪر هوندو آھي. فريده وٽ گهڻو پيسو آھي.کيس رڳو جنسي بُک آھي. تيل مالش واري ڇوڪري ذيشان سان به فريده جي جنسي تعلق رهندو آھي.مشتاقُ، ذيشان توڙي سندس پاڙي جي عورت فريده ٻنهي مان جنسي آسودگي وٺندو رهي ٿو. تنھن بعد مشتاق ۽ فريده ٻئي ذيشان سان رابطي جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سندس موبائيل نمبر ڪافي وقت بند هوندو آھي. اصل ۾ ٻئي ذيشان کي گُهرائي جنسي عمل کي گروپ ۾ ونڊڻ چاهين ٿا. ڪجهه وقت بعد، مشتاق بوريت ختم ڪرڻ لاءِ لاھوت وڃي ٿو، لاهوت ۾ وري ذيشان سان سندس ملاقات ٿي وڃي ٿي ۽ واپسيءَ تي بس جي آخري سيٽ تي ويھن ٿا، جتي ذيشان کيس مشت زنيءَ وسيلي جنسي لطافت وٺائي ٿو.ان کان پوءِ، ذيشان مشتاق سان هڪ ٻيو تيل مالش وارو ڇوڪرو عاقب ملائي ٿو.عاقب به ساڳئي ڌنڌي تحت، مشتاق جي پيسن تي جنسي خدمت ڪري ٿو. ذيشان،مشتاق کي ٻُڌائي ٿو، هُو،عاقب ۽ ٻيا ڪيترائي مالش وارا ڇوڪرا  به آھن ته فَڪر به آھن.اُهي ڪمائن به ٿا ۽ مزا به وٺن ٿا.اُن ڪري به جو کين ٻئي ڪنهن ڌنڌي برعڪس ،هن ڪسب ڪمائڻ ۾ وڌيڪ پيسو ملي ٿو. مشتاق جا ڪراچيءَ وارا دوست سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ روزگار ڏيارين ٿا، جنهن تي کين به ڪمائي ٿئي.اُتي انهن مان هڪ دوست بابر پاڙي جي ڇوڪريءَ خوشبوءِ کي ڀڄائي ڪورٽ ميريج ڪري ٿو. بعد ۾ ساڳئيءَ ڇوڪريءَ جا مائٽ کيس قتل ڪري وجهن ٿا.مشتاق بعد ۾ ڪراچيءَ وڃي ٿو. جتي، ڪافي وقت کان پوءِ هُو ذيشان سان ملي ٿو.هاڻي ذيشان کي اتي هڪ ميڊم شمائله ملازم رکيو آھي. سندس مڙس فوت ٿي ويو آھي ۽ هوءَ ذيشان وسيلي جنسي بک مِٽائي ٿي. ذيشان،مشتاق کي مساج سينٽر تي وٺي وڃي ٿو، جتي پڻ جنسي خدمت حاصل ڪري ٿو.اتي به جنسي ڪاروبار هلي ٿو. اُتي مَساج جا ٽي هزار ۽ فل سروس جا ڇهه هزار ورتا وڃن ٿا.ٻئي طرف فريده جو مڙس حادثي ۾ مري وڃي ٿو ۽ ويلا ڪاٽڻ لڳي ٿي.مشتاق کيس ميڊم شمائله وٽ نوڪر ڪري رکرائي ٿو. مشتاق دوستن سان گڏجي تيل مالش وارن ڇوڪرن کي به فيڪٽرين ڪاخانن يا پرائيوٽ نوڪرين سان لڳائي ٿو. پر هُو ڏسي ٿو ته فريده جي تعليم پرائيندڙ ڇوڪري به مساج سينٽر تي ساڳيو جنسي ڌنڌو ڪرڻ اچي ٿي ۽ تيل مالش وارا ساڳيا ڇوڪرا ذيشان ۽ عاقب به ڪراچيءَ ۾  نوڪريون ڇڏي ساڳئي تيل مالش وارو ڌنڌو رات جو روڊن تي ڪندي نظر اچن ٿا. جنھن مان مشتاق اندازو ڪري ٿو ته کين ڪجهه به نه وريو،ڇو ته اُهي سڀ جنسي عادت کان مجبور هئا.تنھن ڪري هُو واپس مايوس ٿي ڳوٺ موٽي اچي ٿو.ائين ناول ۾ ڪردارن جون ٻيون ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون آھن. جنھن کي پڙھي، پڙھندڙَ آخري نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿو يا ناول جي ڪھاڻيءََ جي ڪلائيمڪس جي راز کي ڳولي سگهي ٿو.
Critical appreciation   ناول جي ادبي قدرشناسائي:
هِن ناول جي بنيادي مقصدن جو اندازو ڪري ڏِسجي ته هيءُ ناول هڪ طرف پنھنجي ڪردارن مشتاق، ذيشان ۽ عاقب وغيره وسيلي، سماج اندر وڌندڙ بُک، بدحاليءَ ۽ بيروزگاريءَ واري خراب حالت کي پَڌرائي ٿو.ٻئي طرف جنسيت Sex جي موضوع کي مرڪزي حيثيت بخشي ٿو.ناول ۾ اهو سيڪس، هم جنس پرستي Homosexuality جي شڪل ۾ به آھي ته، مخالف جنس پرستي Heterosexuality جي صورت ۾ پڻ موجود آھي.ايتري قدر جو فريده جي ڪردار ۾ پاڙي جي عورت سان ٿوري گهڻي ليسبين ازم Lesbianism جو به اشارو آھي.هيءُ ناول سماج جي لڪل،ڪَڙين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ حقيقتن تان پردو هٽائي ٿو. مثال طور سماج اندر، وڏن شھرن ۾ مساج سينٽرس تي سترهن سالن جي مساج ڪندڙ ڇوڪرين پاران مقرر معاوضي جي عيوض جنسي خدمت ڪرڻ، جتي شاگرد ڇوڪريون به موجود آھن ته، پنجاب توڙي سنڌ جون ٽي وي چينلس تي ڪم ڪندڙ ڇوڪريون به موجود ڏيکاريون ويون آھن.تيل مالش ڪندڙ ڇوڪرن جي پاران نه صرف هم جنس پرستيءَ کي هٿي ڏيڻ،پر گهرن اندر نوڪر بيهي عورتن سان غير مردن کي ملائڻ وارا ڌنڌا سرانجام ڏيڻ، لاهوت تي نام نهاد مرشديءَ ۽ جنن ڪڍڻ بھاني نياڻين سان جنسي بدسلوڪي ڪرڻ کين پيٽ ڪرڻ، ڪِن نام نهاد پوليس آفيسرن وٽ هم جنس پرستي جو هجڻ، نوجوان سنڌي ڇوڪرن جو ڪراچيءَ ۾ ٻين سنڌي ڇوڪرن کي خانگي سطح تي فيڪٽرين ڪارخانن ۾ لڳائڻ،ان تي ڪميشن وٺڻ، وري ڪِن پاڙي جي ڇوڪري سان ڪورٽ مئريج ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڇوڪرين جي مائٽن پاران قتل ٿيڻ وغيره جهڙن سماجي موضوعن جي هيءُ ناول نشاندهي ڪري ٿو. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته هيءُ ناول، هم جنس پرستي توڙي مخالف جنس پرستي مقصد ته سيڪس جي ڄڻ ته هڪ ممنوع موضوع تي هيءُ بيباڪيءَ سان اظھاريت رکي ٿو. هِن ناول جو پلاٽ ڪھاڻي ـ نما سادي نوعيت جو، شروعات،وچ ۽ پُڄاڻيءَ تي منحصر آھي. پلاٽ ۾ واقعن ٿيڻ جي رفتار سُست آھي، پر پڙھندڙ جو تسلسل ٽُٽي نٿو. جيتري به ڪھاڻي آھي.اُن جي پُڄاڻي توڙي جو مايوس ڪُن، پر اثر پذير ضرور آھي. ناول ۾ ڪلائيمڪس ڪجهه بھتر، پر اينٽي ڪلائيمڪس هِن ناول کي ناڪاري رخن ۾ وٺي وڃي ٿو.ناول ۾ موجود ڪردار نيڪي ۽ بدي ٻنهي عملن جي ڪري تضاد ۾ ورتل آھن. ڪنھن به هڪ ڪردار جو مڪمل هاڪاري پاسو ڪونهي.
ناول جو اسلوب  The linguistic style of the novel
هِن ناول ۾، ڪِٿي ڪا سِٽ، شاعراڻي نوعيت جي آھي ته ڪِٿي مالش ڪندڙن ڇوڪرن جي ڌنڌي واري ٽيڪنڪي ٻولي به ڏنل آھي.ڪِٿي وري ثقافتي ڪوڊس ۾ ملبوس هئڻ باوجود، ٻولي اگهاڙي لڳي ٿي.اُن ڪري، اُهو چَئي سگهجي ٿو ته هِن ناول ۾، ٻوليءَ جو اسلوب، لفظن جي چونڊ ۽ پيشڪش اڪثر بازاري سطح جي ٻولي آھي، جيڪا ناول جي تخليقيت توڙي ادبي تقاضائن کي تباھ ڪري ٿي. ٻيو ته، ٻوليءَ ۾ ڪنهن به هڪ اسلوب جي نه هجڻ مان، ثابت ٿئي ٿو ته ناول نگار وٽ، ٻوليءَ جي نثري ـ اسلوب کي قائم رکڻ وارو ڪو تخليقي تصور موجود ڪونهي.ڪنهن به اگهاڙي زبان جو استعال ادبي ۽ تخليقي ٻوليءَ کان انڪار هوندو آھي ۽ معاشرو به انهيءَ ٻوليءَ جي ترڪيب مان ناڪاري اثر وٺي سگهي ٿو.انهيءَ پهلوءَ کان هِن ناول مان ڪجه مثال هيٺ ڏجن ٿا :
” مون کي بريزر پائيندڙ عورتن تي ڪڏهن ڪڏهن ٿوري ڪاوڙ به ايندي آھي.اها رڳو ان ڪري جو اُھي سڄو ڏينهن پنھنجي ڇاتيءَ کي قيد ڪري رکن ٿيون،پر رات جو به قيد...!“ (صفحو نمبر 24)

” ..زندگيءَ ۾ هڪ خطرناڪ وحشي صفت ماڻهو جي تلاش رهي آھي...، چاھيان ٿي ته ڪو اھڙو مرد به هجي، جيڪو مون کي بُکايل چيتي جيان وانگي چيري ڦاڙي ڇڏي.منھنجي وحشت کي چيچرڻ جو هنر کيس مڪمل ايندو هجي“ (صفِحو 81)

”ڊگهي انتظار کان پوءِ،..ڀرسان اچي ڪُراڙو کدڙو به ويٺو.مون سندس سڙيل سيل ڏسي ڊيگهه ڪرڻ کان پرهيز پئي ڪئي“ (صفحو27) ”

مون سوچيو صاحب وڏو واڏڻ ڇڪرائڻ ۾ مصروف هُيو يا معصوم کدڙي ويچاري جو موبل آئل تبديل ڪيو هوندائين“ (صفحو 29 )

” بس جي آخري سيٽ تي ويٺل هجڻ ۽ اونداهي جو فائدو وٺندي هُن (ذيشان مالش وارو) منھنجي ڪمند مان رس ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪئي“ (صفحو 43)

”... صاحب جي گوڏن کي حُقو ڪر....صاحب جي پيٽ کي لوٽو هڻ...صاحب جي چيلهه تي چوکم ٿي...نڙ کي ٽيهو ڏي..صاحب کي داڻو وجهه...صاحب کي پلٿي هڻ“ صفحو 52

ٰ” ..عاقب جي خوبصورت بدن تي ڪيڏي مھل هٿ ته ڪيڏي مھل زبان گهمائيندي،پنھنجي شوقين مزاج ۾ تبديلي پئي آندي“ (صفحو 54) ” اسان سڀ سُڌري به وڃون ته ته انهن سُڌريل ماڻهن جا چڏا ڪير چٽيندو...!“( صفحو 73)

ناول جون فني ۽ فڪري خاميون
The artistic and intellectual flaws of the novel
اسير امتياز جو هِن ناول ”تيل مالش وارو“ ۾ معاشي مسئلن جو حل ته ڪونهي، پر ويتر ذيشان ۽ عاقب مالش ڪندڙ ڇوڪرن جي مڪالمن مان هم جنس پرستيءَ جي ڌنڌي وسيلي سڀني ٻين معاشي ذريعن کان وڌيڪ ترجيح ڏني وئي آهي، جيڪو معاشري لاءِ هڪ انتھائي خراب رجحان آھي.ناول ۾ بار بار سيڪس جو عمل وڏي اهميت سان پيش ڪيو ويو آھي، جڏهن ته انسان جو پھريون، بنيادي ۽ اجتماعي مسئلو بُک يا معاشي مسئلو آھي، جيڪو سڀني سماجي براين جو سبب آھي، پر بک ۽ معاشي مسئلن تي نھايت گهٽ مخاطبت آھي.ناول ۾ گروپ سيڪس وارو تصور به سنڌي سماج جو نه، پر يورپ يا اگهاڙين فلمن کان متاثر ٿيل لڳي ٿو. هڪ طرف ناول ۾، فريده جي ڪردار ۾ ڇِتي جنسي وحشت جا نفسياتي سبب واضح ڪونهن، جيڪا مشتاق سان جنسي عمل بعد به ذيشان سان ساڳئي وقت گروپ سيڪس جي تقاضا ڪري ٿي. ٻئي طرف، ڪراچيءَ ۾ ٻن ڪردارن ميڊم شمائله ۽ مساج سينٽر  جي انچارج ناھيد جو سيڪسي عمل واسطي مشتاق مٿان چڙھي وڃڻ مان نه صرف سيڪس جي انتھا پسندي مصنوعي ۽ فلمي لڳي ٿي، پر مرد شائونزم پڻ ظاھر ٿئي ٿي.
هن ناول جي،اينٽي ڪلائيمڪس ۾ ڪردارن کي معاشي بندوبست ڪري ڏيڻ بعد به وري ساڳئي ڪسب ڪمائڻ وارو ڌنڌو ڪندي ڏيکاري ٿو. ناول اتي ختم ٿيڻ گهرجي ها، جتي ڪردار معاشي طور سيٽ ٿين ٿا يا سندن روزگار جو ڪو جڏوـ سچو بندوبست ٿئي ٿو. ناڪاري ڪردارن کي بھتر معاشي روزگار ڏياري سماج لاءِ ڪو تعميري پيغام ناول وسيلي منتقل ڪيو وڃي ها يا ناول ۾ ڪسب ڪمائڻ کان نفرت جا جذبا اُڀاري سماجي ڪردارن لاءِ  معاشي مسئلن جو ڪو موثر حل پيش وڃي ها، پر  صرف ڪمرشل مقصدن جي پورائيءِ لاءِ لِکيو ويندڙ هِن ناول ۾،  جنسيت Sex کي اصلوڪي،نج فطري،تخليقي، سائنسي،نفسياتي سطح تي پرکڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آھي.
هِن ناول ۾ سيڪس جي موضوع تي سگمنڊ فرائيڊ جي نظريي تان پڻ ناول نگار روشني وٺي سگهيو ٿي، پر ناول ۾ نفسيات جي لحاظ کان ڪردارَ ڪا اهڙي قسم جي شعوري ڪوشش نٿا وٺن. ھِن ناول ۾ ڪردارن جي حد کان وڌيڪ جنسي عادت جي بيماري  Sex Addiction   مان اُهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، ناول ۾ مارڪيٽ مڪينزم جي ڪري ناول جي کپت جي ضرورت کي وڌيڪ  ترجيح ڏني وئي آھي. هِن قِسم جا ناول، فڪري ۽ نظرياتي دَورن جي خاتمي جو ثبوت آھن.
منھنجي خيال ۾، هِن ناول کي مڪمل pornographic literature   يا erotic fiction   نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته هِن ناول ۾، ڪردارن جي بي ترتيب ۽ لاوارث زندگي توڙي بنيادي سطح جي معاشي بک ۽ بدحاليءَ جا سبب پڻ جنسي عملن جو منطق بڻجن ٿا.

هونئن، مڪمل اهڙي قسم جي ناولن ۾ اسان "Fanny Hill" ناول جو مثال وٺندا آھيون، جيڪو نج لست تي لکيل آهي. يا اِهڙي مواد کي اسان لارينس جي لفظن ۾ cheap pornography    سڏي سگهون ٿا، جنهن ۾ ڪردارن جي زندگي وارا ٻيا عنصر اڻ ـ لڀ ٿين ٿا،پر اسير جي هِن ناول تي اهڙا اثر مڪمل طور نه، پر انتھائي جزوي چئي سگهون ٿا، ڇو ته موضوع ساڳيو آھي ۽ کپت جي ضرورت ڪري،ناول جي ٻوليءَ واري استعمال ۾ احتياط کان گهٽ ڪم ورتو ويو آھي. ٻيو هن ناول جو نقص هيءُ آھي ته، ناول ۾ سيڪس جي لحاظ کان مرداڻي حاڪميت Sexism  or Gender  Chauvinism  نظر اچي ٿي  ۽ ناول ۾ فريده، شمائله يا ناھيد ۽ ٻين عورتن جي هوندي، عورتن جو اُن لحاظ کان فطري ۽ تخليقي حصو ۽ پاسو ڪمزور ترين male-centered and devoid of true female desire   شڪل  ۾ ڏيکاريل آھي.اُهو سبب به آھي، جو هيءُ ناول، سيڪس جي موضوع تي فطري ۽ اصلوڪي نج تخليقي خاص اثر ڏيکاري نه سگهيو آھي. ڀلي جنس تي ڀرپور لِکجي، ڇاڪاڻ ته نه صرف زندگي، پر ادب ۾ پڻ اُن جو ڪارج آهي، پر ناول نگارن يا ليکڪن کي اها ڳاھلھ نه وسارڻ گهرجي ته، معاشري ۾ جنس عياشي کان وڌيڪ انساني ارتقا جو مرحلو پڻ آهي، ان ۾ تفڪر جو عنصر بيحد ضروري آھي.