سنڌي ادب ۾ ترجمي نگاريءَ جو جيڪو ٻج مرزا قليچ بيگ ڇٽيو هو. اهو هاڻي وڌي وڻ ٿي ويو آهي. ڪيترائي سينئير ۽ نوجوان اديب عالمي ادب مان مختلف صنفن م ترجما ڪري رهيا آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري فڪشن ۾ ترجما ٿي رهيا آهن، پر ڪي ترجمي نگار فڪشن کي ڇڏي عالمي ادب ۾ سائنسي موضوعن بابت جيڪا لکپڙهه ٿئي پئي، تنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس پارائي رهيا آهن، اهڙن ترجمي نويسن مان علي رضا جلباڻي به آهي، جيڪو ڪيتري ئي وقت کان مختلف اخبارن ۾ عالمي معشيت، ۽ سياسي صورتحال تي لکيل مختلف ليکڪن جا مضمون سنڌي ۾ ترجما ڪندو رهيو آهي. هن جي هڪ خوبي ٻي به آهي ته هن سائنسي موضوعن تي لکيل مضمونن کي سنڌي ويس پهرايو آهي. ان سلسلي ۾ سندس ترجمي جو پهريون ڪتاب “ بگ بينگ کان ڪلونگ تائين ” تائين 2023ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. اهڙي مشق کي جاري رکندي هن جو تازو ڪتاب “مستقبل جي فزڪس” جي نالي سان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جو اصل ليکڪ مچيو ڪاڪو آهي جنهن جو تعارف ڪتاب ۾ ڄاڻائيندي لکيو ويو آهي ته هو آمريڪا جي سٽي يونيورسٽيءَ ۾ نظرياتي طبعيات ۾ قائم تحقيقي مرڪز “سيمت چيئر” جو سربراهه آهي. ڪتاب ۾ ايندڙ سئو سالن تائين جي سائنسي اڳڪٿين جو اڳواٽ احوال لکيل آهي. جن کي پڙهي عجب ۾ پئجي وڃجي ٿو ۽ ڏندين آگريون اچي وڃن ٿيون ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!؟ اڳڪٿي مفروضو هوندي آهي جنهن ۾ ٿي سگهڻ ۽ نه ٿي سگهڻ وارو امڪان موجود رهندو آهي. هي اڳڪٿيون جيئن ته سائنس بابت آهن ۽ جنهن برق رفتاريءَ سان سائنس ترقي ڪري رهي آهي. مصنوعي ذهانت زور وٺي رهي آهي، تڏهن ڪتاب ۾ ڏنل اڳڪٿين تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو ۽ بي اختيار دماغ ۾ اهو خيال گهر ڪري ٿو ته بروبر ائين ٿي سگهي ٿو. ڪتاب ۾ ايندڙ وقت جي جن ڳالهين بابت سائنسي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. تن ۾ ”ڊرائيور کانسواِءِ هلندڙ گاڏيون، انٽرنيٽ گلاس ۽ انٽرنيٽ ڪانٽيڪٽ لينس، ڇا انساني برتري ختم ٿي ويندي، دماغ جي ريورس انجنيئرنگ، دماغ جو نمونو مصنوعي دماغ ٺاهڻ، جڏهن روبوٽ انسانن کان گوءِ کڻي ويندا، سمورين بيمارين جو انت، ميسارجي ويل جاندارن جي واپسي، شمسي سيل، مريخ ڏانهن سفر، زمين تان لڏپلاڻ، ڌرتيءَ کان ٻاهر ذهين مخلوق جي ڳولا، طب جو مستقبل” سميت ٻين به ڪيترن ئي اچرج ۾ وجهندڙ موضوعن بابت مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ڪلوننگ جي باري ۾ ليکڪ لکي ٿو ته “ جيڪڏهن اسان انساني عضوا پيدا ڪري سگهون ٿا ته ڇا اسان پورو انساني جسم به ٻيهر ٺاهي سگهون ٿا؟ ان جو جواب آهي ها! پر هينئر تائين ايئن ممڪن ناهي ٿي سگهيو.” اهڙيون ٻيون به انيڪ ۽ دلچسپ ڳالهيون جن تي هن مهل يقين نه ڪري سگهبو، پر ليکڪ موجب، ته مستقبل ۾ ائين ممڪن آهي. هڪ ٻي هنڌ ليکڪ جو خيال آهي ته ” هن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين خلا مان توانائي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو. خلائي شمسي توانائي ايندڙ وقت جي هڪ حقيقت بڻجي سگهي ٿي.“ علي رضا جلباڻي جس لهڻي جو هن روايتي موضوعن کان هٽي ڪري ههڙي موضوع واري ڪتاب جو ترجمو ڪيو آهي . هن ڏکين سائنسي اصلاحن کي به وڏي مهارت سان ترجمو ڪري لکڻيءَ جي روانيءَ کي برقرار رکيو آهي. ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪو اصلوڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي. جنهن ۾ سنڌي وياڪرڻ جو صحيح استمال ڪندي جملن جي بيهڪ ٻوليءَ جو سهنجو استعمال ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب هونئن ته سڀني لاءِ فائديمند آهي، پر خاص طور تي شاگردن لاءِ نهايت ڪارگر ثابت ٿيندو.