ياسمين چانڊيو ٽيهن سالن کان، جاڳرتا واري جڳ کان، سوچيندي، پسندي، لڇندي، ڀوڳيندي، پڙهندي، وڙهندي ۽ سرجيندي رهي آهي. اسٽڊي سرڪل هجي يا اسٽيج ، گھر هجي يا شهر جتي به جيئن به ڏٺو اٿائين انهي درد ڪهاڻي کي پاڻ به محسوس ڪيو اٿائين ته وري لفظن جي مالها ٺاهي، ٻاروتڻ وانگي ڀانڊاري جي سنهڙي سوراخ منجھھ سانڍيندي به وئي آهي. اها سندس معصوميت ۽ سادگي آهي. پنهنجي پيار جي پورهئي کي ڪير ٿو ڀلا ايئن وکيري ڇڏي .. !! ۽ پوءِ انهي ڀانڊاري جڏهن ڇلڪڻ ڇڏي ڏنو ته " سنسار " پبلشر جي اڱڻ ۾ ٽوڙيو ويو. نثر جو املھھ خزانو هٿ اچي ويو چوڻ وارا چون ٿا ته پهرين ياسمين پاڻ انهي ڀانڊاري مان نظم جا موتي ڪڍي ڪتاب " نظم آهي زندگي " مڙاهي چڪي آهي. هن خزاني جي ڪهاڻين جي مالها ، ڪتاب " پنجين موسم کانپوءِ " جي خالق طارق قريشي کي ڏيکاري وئي، جنهن مهاڳ لکي هر موتي داڻي کي پرکي پنهنجي طويل لکڻي ۾ سڀ ڪجھھ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته، هي موتي اڻ لڀ ۽ املھھ آهن، جيڪي مون سائنڻ نورالهدي شاھ، سائنڻ خيرالنساءَ جعفري ، ماڻڪ کان ويندي سائنڻ عصمت چغتائي جي لکڻين ۾ پويل ڏٺا هئا. طارق قريشي پاڻ به بهترين ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن ڪهاڻيڪاره ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين کي به ڇنڊي ڦوڪي پنهنجي مهاڳ ۾ مان ڏنو اٿائين. مهاڳ ئي ڪتاب جو مان ۽ شان هوندو آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ئي ڪتاب سمجھھ ڀريو ٿي پوندو آهي. ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، اهڙي ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جيڪو پنهنجي لکڻين سان گڏ عملي ۽ جاکوڙي ڪردار به هجي. ليکڪا چواڻي جڏهن پوپٽن جي پويان ڀڄندي ڀڄندي ڪتابن سان دل لڳي وڃي ته پوءِ دنيا ئي بدلجي ٿي وڃي، مٿان سندس گهروارن جي ڏنل حوصلي ۽ همٿ ئي کيس هڪ مضبوط، بيباڪ ليکڪا ۽ اڳواڻ ڪري بيهاريو آهي. ڪتاب ۾ ستاويھھ ڪهاڻيون ڏنل آهن. ابتدا انهي" نياڻي " جي نان ڪئي اٿائين، جيڪا رحمت هوندي اسان جي سماج جي ماڻهن کي زحمت لڳندي آهي . اها ڀلي منهنجي زيبو هجي يا اوهان جي زيب النساءَ . مان ڀلي چرسي هجان يا اوهان مڌ پياڪ. نياڻي منهنجي لاءِ به رحمت آهي ته، تنهنجي لاءِ به ۽ وڏي ۾ وڏي رحمت هن ڌرتي تي آهي. هن ليکڪا به اکين ۾ سونھري سپنا سجايا آهن پر الائي ڇو ٿڪجي پئي آهي ۽ لکي ٿي ڪهاڻي " ڪي خواب اڌورا " ۾ ، " جيڪي خواب پورا ٿيندا آهن، تن جي تعبير ڏاڍي ڀوائتي هوندي آهي . خواب بند اکين ۾ ئي سٺا لڳندا آهن." ڪهاڻي " عشق آرزو عشق التجا " ۾ وڇوڙي جي خوف کان لفظن کي چونڊي چونڊي پنهنجي من جو اظهار ڪيو اٿائين ، " عشق خدا سان هجي يا انسان سان، انهي کي چاھ جي غذا به روز گهرجي، روز الفت جو اٽو ، کڻي پيار جي پاڻي سان ڳوهبو آهي. ويلي ويلي تي محبت جي ماني پچائبي آهي. پيار به ساھ کڻڻ وانگر پساهن ۾ پلجندو آهي. عشق ته اٺ ئي پهر قائم رهڻ واري ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪو دم پيار کان خالي هجي ڄڻ ڪو حيات جو ڪو حصو ئي ناهي .. "
ڪنهن ڏاهي ڪيڏو سچ چيو آهي ته، جڏهن ڪجھھ لڇان ٿو، تڏهن ڪجھھ لکان ٿو. ياسمين چانڊيو جي لکڻين ۾ به ڀوڳنائن جي سفر جون ڪهاڻيون آهن، پوءِ اهي سندس من واري وشال اڱڻ جون ڪهاڻيون هجن، يا وري سياسي ، سماجي ۽ ادبي اڱڻ تي ڏٺل پيڙائون . سائين ڊاڪٽر عابد مظهر ، ڪهاڻي ڪتاب " وجود جي ڳولا " جي ليکڪا سائنڻ شاعره فرزانه شاهين ، سامي ميمڻ، ضراب حيدر ، مير عباس ٽالپر ، جمشيد زهراڻي ۽ مرتضي ناريجو به سندس ذاتي زندگي ۽ تخليقي مواد تي به پنهنجا ويچار ونڊيا آهن . " پنهنجي پاران " ۾ پاڻ ليکڪا پنهنجي جيون گاڏي واري سفر ڪهاڻي جو ذڪر به ڏاڍي سهڻي نموني ۽ کلي دل سان ڪيو اٿائين. سيني اندر سانڍيل سچ کي لفظ ڏنا اٿائين . ڪهاڻي " زندگي جي ريل گاڏي " جي ميرزادي هجي يا ڪهاڻي " ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر " جي گيتا، سڀ ڪردار سندس آسپاس جا آهن . ڪڙم قبيلي جي ميرزادين جا ڏک سندس جهولي ۾ جهليل آهن. گيتا جهڙيون گونگيون نينگريون، تعليم جهڙي پوتر پيشي ۾ ويٺل بگهڙ نما استادن جي ور چڙهنديون رهن ٿيون جنهن ڪري اسان جي نياڻين جي تعليم خود والدين لاءِ سوال بڻجي ويو آهي ۽ مصور جهڙا جوان جذباتي جوڌن جي ور چڙهندا رهن ٿا . ڪهاڻيون ڪني ، ڀانڊارو ، سنگ مرمر ۽ سنگتراش، خوشي ۽ درد جو ميلاپ، بي وفائي ۾ شادي جهڙن موضوعن کي کڻي ٻاروتڻ وارا ڏينهن به ڏيکاريا اٿائين ته، شادي جي ريتن رسمن کي به سمجهايو اٿائين . " خوشي ۽ درد جو ميلاپ " واري علامتي ڪهاڻي ۾ لکي ٿي ته ، " هي انڌاري رات درد آهي پر جيڪڏهن انڌيرو نه هجي هان ته هي تارن جو ٽمٽمائڻ تون ڪيئن محسوس ڪرين هان. جيڪي انڌيري جي جوڀن ۾ ئي پنهنجو وجود زنده ڪندا آهن. هو ڏس ٽٽندڙ تارو جنهن جي ٽٽڻ جي درد ۾ هزارين اميدون سمايل آهن، هو پاڻ کي پنهنجي ولر کان الڳ ڪري، ٻين جي اميدن لاءِ اجالو بڻجي ٿو . " ياسمين چانڊيو جي نظر ۾ بي وفا مرد نه پر عورت به هوندي آهي، جنهن جو عڪس ڪهاڻي " بي وفائي " ۾ ڪجھھ هنن لفظن ۾ طعني طور هيروئن کان اظهار ڪندي لکي ٿي ته ، " اوهين ليکڪ لفظن سان اهڙا ريشمي ڄار اڻندا ويندا آهيو، جو ماڻهو ان ڄار ۾ ڦاسندو ويندو آهي. " وري انهي جي موٽ ۾ هيرو ليکڪ کان خود ئي چوئرائي ٿي ته ، " پاڻ ليکڪ لفظن کي جوڙڻ جو فن ڄاڻون ٿا. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته احساس ڇا آهن ؟ ۽ انهن ئي احساسن منجهان جنم وٺندڙ پيار ڇا آهي ؟ ڪنهن کي حاصل ڪندي به وڃائڻ واري تڙپ جو درد ڇا ٿيندو آ؟ پاڻ کي ڪهڙي خبر ..!! بس پاڻ ته رڳو لفظن کي تحريرن ۾ قيد ڪرڻ ڄاڻون ...!! " . ساڙ اهو به هڪ ڀيڻ جو ٻي ڀيڻ سان سماجي روين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ نفسيات جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو ڪهاڻي " شادي " انهي جو چٽو عڪس آهي." لڙڪن سان لائون " ڪهاڻي گهٽ ، نثري نوٽ ۽ ڊائري جو ورق وڌيڪ لڳي ٿو. ڪهاڻيون روح جي تلاش ۽ محبت جو ڪاڪ محل ، شهر جي سماجي ماحول منجھھ لکيل آهن.
پيڙائن جي پاڇن ۾، مسلط محبت ۽ گم ٿيل احساس، يادن جي رڃ، اڃايل آشائون، من اندر جي وڄ ، من اندر مانڌاڻ ڪهاڻين ۾ من جي وشال اڱڻ جون ڪهاڻيون سمايل آهن، جنهن ۾ ڄڻ عورت پنھنجين ڀوڳنائن جو ذڪر لفظن ۾ ڪندي هجي. ڪهاڻي " کنوڻين جا ميلاپ " جهڙيون ڪهاڻيون اسان ڏاڍو دير سان هضم ڪندا آهيون، پر والدين جو پنهنجي نياڻين سان پنهنجائپ ۽ اعتماد وارو رشتو ڪمزور ٿي وڃي ته اهڙا حادثا سڄي سماج کي جھوري وجھندا آهن . " امان پاڻ به هڪ نياڻي ۽ عورت آهي، پر پوءِ به نياڻي جي مرڻ تي ڏک ڪونه ٿيس .... ! " جهڙو جملو ڌي ۽ ماءَ جي وچ ۾ خال ٿو ٻڌائي جنهن سبب ڌيءَ پنهنجن پيارن رشتن منجهان نڪري هوس پرست شڪارين جو شڪار ٿئي ٿي . ڪهاڻي ڳولا ۽ ڪهاڻي سائيڪل وارو هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن . هڪ پاسي ڳولا ڪندي سڀڪجهه پاڻ کي سمجهي ٿي ته وري انهي جو اظهار سندس" سائيڪل وارو " ۾ ڪري ٿي وٺي. هو مدد لاءِ ڪنهن جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪونه ٿي ڪري، پنهنجو حساب پاڻ ئي ڪري ٿي وٺي. مڪتي، پوسٽ مارٽم کان ويندي رنڊي ڪهاڻي تائين سندس قلم سگهارو آهي. ڪهاڻي رنڊي ۾ ته ، " پوءِ بابا اتي ڇا ڪرڻ ويندو آهي ؟ " ضرور پڙهندڙ کي ڇرڪائيندو هوندو.
ياسمين چانڊيو واقعي بيباڪ ليکڪا آهي جنهن عورت هوندي ماڻڪ ، طارق قريشي واري جرائت سان قلم ۽ لفظن کي استعمال ڪيو آهي . سندس ڪهاڻيون سڀني وصفن تي پوريون لھندڙ آهن. پلاٽ ، مقصد ، ٻولي ، ڪردار سڀ ته پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ پيا. واقعاتي، خيالي، نفسياتي، سماجياتي، ظاهري، باطني سڀ ڀوڳنائن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٺو ڪيو اٿائين .ڪتاب جي ڇپائي ٽائيٽل ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر وارن جو ڊجيٽل سانڍڻ هن ڪتاب کي امرتا واري شيلف ۾ سانڍي ڇڏيو آهي.