ناول سنڌي ادب جي مشھور ترين صنف آھي، ڪو دور هو، سانگهڙ ، همہ اوست، پڙاڏو سوئي سڏ جهڙن ناولن جا پڙاڏا گونجندا رھندا ھئا. ماضي ۾ لکيل ناول اڄ به ساڳي مڃتا ماڻي نئين انگ ڍنگ سان نروار ٿيندا رهن ٿا.
نوجوان شاعر، ڪيترائي ڪتاب سهيڙيندڙ، روح رهاڻ رسالي جو ايڊيٽر ۽ ايلسا پبليڪيشن جو پبلشر واحد ڪانڌڙي به قلم کڻي نثر جي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. ويجھڙائپ ۾ واحد ڪانڌڙي جو ناول ” ڪتاب دشمن“ شايع ٿيو آھي، هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد جي ڪڙين مان هڪ ڪڙي آهي، جيڪا 2024ع ۾ منظر عام تي آئي هئي ." ڪتاب دشمن تاريخ جي چهري تي بدنما داغ آهن ..! ڪتاب دوست ماڻهو تاريخ جو آئينو ثابت ٿيندا آهن...!! " جهڙن لفظن سان شروعات ٿئي ٿي. هي لفظ ڪتاب پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ تي اتساھ ڏيارين ٿا.
ڪتاب جو ٽائيٽل ڇرڪائيندڙ آهي ۽ پڙهندڙ انهن ساڙيندڙ هٿن جي ڳولا ۾ نڪري پئي ٿو، ليڪن پوءِ ٿڪجي پئي ٿو، اهو ڪوجھو ڪردار کيس نٿو ملي. فقط هڪ جملو کيس پلئہھ پئي ٿو ته ، ” سنڌي قوم ڪتاب دشمن آهي.“ جيڪي هڪ سنڌي پبلشر هٿان هڪ ويهڪ ۾ چوئرائي ٿو. پوءِ انهي پبلشر جي انهي سيشن ۾ نندا ڪري، سندس اڇو ڪارو چٺو پڌرو ڪيو وڃي ٿو ته سندس شان مان، محل ماڙيون انهن سنڌي ڪتابن جي شايع ٿيڻ ڪري آهي ... ۽ پوءِ هن ناول جو هيرو نوح پڻ پبلشر بڻجي پنهنجو ماڳ مڪان ٺاهي، خوشحالي واري دڳ ڏانهن راهي ٿئي ٿو ۽ انهي علي پيلس واري موڙ تي بيٺل صحافي هريش ڪمار سامي ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو جنهن جي ڳچي ۾ لٽڪيل ڪارڊ ، " ماضي جو صحافي - اڄ جو فقير ..!! " هجي ٿو .
ڇڳل جتي، ميرا ۽ پراڻا ڪپڙا پهريل هي شخص سندس صحافت واري دنيا جو دوست هو. آخر ۾ سندس زباني، ” سٺو ٿيو جو مون پنهنجي زندگي ۾ ئي صحافت جي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو نه ته مان به هريش وانگر پنهنجو ضمير ٻوڙي ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿيان ها ۽ وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي وڃان ها. نانءَ نشان ئي نه هجي ها، نه منهنجو وجود، نه منهنجو پاڇو، نه اتو نه پتو ۽ ماضي جو قصو بڻجي وڃان ها.! اخبار جي مختصر خبر وانگر هجان هان، جنهن کي گھٽ پڙهيو ويندو آهي.“
ناول ڪتاب دشمني تي گهٽ صحافتي ٽڪساٽ واري دنيا تي وڌيڪ لکيل آهي .” ڪتاب دشمن “ جي جڳھھ تي ”صحافت دشمن “ ھئڻ گھرجي ها ۽ ٽائيٽل ۾ وري اخبار کي سڙندو ڏيکاري ها، ھن ناول جا ڪردار نوح ، دلگير، حڪيم، علي ، شفق ، هريش ، ڪائنات، صورت .. خيالي صحيح، پر سندس آسپاس جا حقيقي ڪردار آهن. هي ڪهاڻي هڪ صحافي جي زندگي، صحافت وارن ڏينهنڙن ۾ گهاريل ڏينهن، ڀوڳنائن جي سفر کان نئين دڳ تي راهي ٿيڻ جي آهي. ناول نگار ڌرتي جي حقيقي ليکڪن، پبلشرن ۽ اخباري مالڪن جو سڌو سنئون ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ پڙهندڙ حقيقت جي دنيا ۾ پهچيو وڃي .ناري پبليڪيش، نيو فيلڊس پبليڪيشن، روح رهاڻ ۽ ٻين جو ذڪر هڪ مثال جيان آهي . عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، پڻ واقعاتي منظرن ڏانهن ڇڪيو وڃن. اڄڪلھھ سنڌي ادبي بورڊ واري صورتحال تي ميڊيا ۾ هي سائين پڇندو وتي ٿو ته ، ادبي بورڊ ۾ ڪهڙا اديب ڀرتي ٿيا آهن ؟ سندس ڪتاب ۾ پاڻ ٻڌائي ٿو ته، ”ناري ادبي سنگت جي روح روان ۽ ناري پبليڪيش جي پبلشر مانواري آپا نذير ناز جڏهن ادبي بورڊ ۾ مخدوم طالب المولي کيس نوڪري ڏنس ته اديب ھن جي خلاف ٿي ويا هئا، ڄامشوري جو هڪ اديب جنهن يونيورسٽي واري ماحول ۾ ناول لکيو هو ، جيڪو گهڻو مقبول ٿي ويو هو، اهو اديب ته هن تي گهڻيون ٺٺوليون ڪندو هو، جتان به گذرندي هئي ته پٺيان گڏھ جون هينگون ڪندو هو. پوءِ نيٺ هن ويچاري حيدرآباد جي ريڊيائي اديب (جيڪو ناول نگار جو دوست هو) ان کي شڪايت ڪيائين، تڏهن وڃي جان ڇٽس.“ اسان جي اهڙن اديب جو عڪس آڻي، هڪ صاحب ڪتاب کي شايد اهو ٻڌائڻ چاهيندو هجي ته ، ”ڪتاب دشمن“ ٻيو ڪير نه صاحب ڪتاب آهي. ناول ۾ صحافتي دنيا جا پيچ پيچرا به ڏسيا اٿائين . ڪمپوزنگ، پروف، لي آئوٽ، پيسٽنگ، پيپر ڇپائي، ٽائيٽل ڊيزائن ، ليمينيشن ، بائينڊنگ کان ويندي . NEWS ، W . W. W جون ڳالهيون، هڪ ڪالم کان اٺ ڪالم تائين پهچڻ واري خبر جو ذڪر به ڪڙن مٺن لفظن سان ڪيو اٿائين. ايڊيٽر جي ڪاوڙ ۽ رويو ٻڌائيندي چئي ٿو ته، ”ايڏو وڏو اديب نه هيو جو حياتي جي تصوير به لڳائي اٿوس، خبر ايڏي وڏي نه هجي ها، ايترو اسپيس ( جڳھھ) نٿو لهڻي.“ پوءِ ھڪ صحافي جي اندر لڪيل اديب جاڳي پئي ٿو، کين ٻڌائي ٿو ته ، ”ڇا ؟ جڳ ۾ ڪل عقل اسان ئي آهيون، اسان کان وڌيڪ ڪوبه ڏاهو ناهي. اديبن تي تنقيد، سياستدانن تي تنقيد، انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ استادن کي به نه ٿا بخشيون. سماج جو ڪهڙو ماڻهو آهي جنھن تي صحافي تنقيد نه ٿو ڪري. ڇا اسان جو شعور، اسان جي سوچ ان ڳالھھ تي اچي بيٺي آهي جو ٻين جي پڳن ۾ هٿ وجهون افسوس ..!! “ صحافي به ليکڪ جيان حساس طبيعت جو مالڪ آهي هن جا پڻ ٻين جيان جذبا ۽ چاهتون آهن. صحافتي دنيا ۾ موڪل جو ملڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، پر جڏهن کيس موڪل ملي ٿي ته، اهي جذبا من اڱڻ تي ڇلڪي پون ٿا.“ تنهنجي هٿن ۾ ڌاڳا نينھن جا آهن، جن ۾ آئون بار بار سٽ وانگر وچڙي رهيو آهيان، اهي روح جا ڌاڳا اسان ٻنهي کي ويڙهي رشتن ۾ مضبوط ڪري رھيا آھن. نم جي وڻ هيٺان ڇانو ۾ جڏهن ويهندي آھين ۽ هوا جي جهوٽي ۾ نم جو ٻور ۽ نموريون هيٺ ڪرنديون آهن، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته تنهنجي مٿان پيار جي رحمت وسي رهي آهي.“
وري ڇانو يادن جي نيڻ تي آئي،
لڏيا جي مٿان نم جي ڏارن جا پاڇا!
جهڙيون ڳالهيون پڙهندڙ کي پيار جي دنيا ڏانهن ڇڪيو وڃن. نوح هن ناول جو هيرو هڪ پروف ريڊر جي حيثيت سان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿو، پر الائي ڇو هن ناول جو ليکڪ پنهنجي لکڻي کي پروف غلطين کان پري ڪري نه سگهيو آهي. ٻيهر پروف ريڊنگ ٿيڻ گهرجي، جيئن ٻيهر پڙهندڙ ڪنهن مونجهاري منجھھ منجهي نه پئي. مثال طور صفحو نمبر 35 تي سيکڙاٽ جي جڳھھ تي سيکراٽ ... صفحي نمبر 67 تي لفظ ائين .. ڪم .. لکيل آهن جيڪي ايئن ... نم ... وغيره وغيره. هجڻ گهرجن. لفظن جو اسپيس، ڪاما، فل اسٽاپ پڻ پروف پڙهندڙ جي ذميواري آهي. عام لکت ۾ ته لڪيو وڃن، پر ڪتاب ۾ سٺيون نٿيون لڳن.
ناول نگار جو هي ناول ڄڻ سندس جيون ڪٿا جو ڪو باب هجي. هو پاڻ کي ناول ۾ نوح جي پٺيان لڪائيندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ هڪ هنڌ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي ويٺو آهي. ”توکي خبر ناهي ته اڳ ۾ ئي مان سنڌ هند جي مشهور شاعر شيرل بيوس باڊاهي جو ڪتاب ”پکي ٿي اڏامي وڃان “ ڇپرائي چڪو آهيان، اهو ڪتاب ھٿو هٿ وڪرو ڪري سمورو خرچ ڪڍيو هو.“
مزاح فطرت جو حسن آهي، اڻ ڄاڻائي ۾ ئي سندس لکڻي ۾ لکجي ويو آهي جيڪو سندس مزاح واري حس کي ظاهر ڪري ٿو.
”هڪ ڏينهن صحافين کي خبر پئي ته اڄ پريس ڪلب ۾ حڪمران جماعت جو هڪ وزير اچي رهيو آهي، ان لاءِ اڳواٽ تيار ٿي سخت احتجاج ڪري نعرا هنيا ويا.
صوبائي وزير جيئن ئي گاڏي مان لٿو ته صحافين آڏو بيهي رهيو ۽ سندن دل وندرائڻ لاءِ سيني تي هٿ رکي ھي جملو چيو، ”توهان کي .........نھ ٿو کپي، اسان کي ته کپي ٿو. “ ليکڪ پنهنجي صحافتي ڪٿا ۾ پنهنجن دوستن سان علامتي طور گڏ ته وري پنهنجن ويجھن احبابن کي به چڱو خاصو ياد ڪيو اٿائين. سياسي، ادبي ۽ ڪاروباري رهنمائن کان علاوه ڪتاب، مٽي هاڻا ماڻهو ، باک جو آواز، اندر روح رهيام، منهنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ ، تاريخ جو فيصلو، سنڌ عالمي تناظر، سچ وڏو ڏوهاري آهي ....جو ذڪر هن ناول جي صفحن تي وکريل آهي.
جيون ڪٿا کي ناول منجھھ سمائي واحد ڪانڌڙو هڪ نئين ڪوشش ڪئي آهي ۽ شاعر، ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ سان گڏ ناول نگارن ۾ بھ نالو ڳنڍي چڪو آهي.