زاهد منگي سنڌ جو برجستو ۽ وقتائتو ڪهاڻيڪار آهي.ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ لکڻ واري دلچسپي ۽ شوق کيس ٻالڪپڻ کان ئي رهيو آهي، هن کي پنهنجو ڏاڏو ننڍي هوندي کان ئي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هيو، ائين ڪهاڻيون ٻڌي ٻڌي هن يار بہھ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. مون گهڻن ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو آهي، پر زاهد منگي جون لکيل ڪهاڻيون دل ۾ گهري وڃن ٿيون. ڪهاڻي پڙهڻ سان ائين ٿو لڳي تہھ سڄي واردات يا لقاءُ ماڻهو اکين سان ويٺو ڏسي. هن جون ڪهاڻيون جن ۾ ٻوٽي، ڪڙم قبيلو، قطار، جنازو، پَڙُ، ڀوري مينهن ۽ ڪميڻي سماج جو چٽو مظهر آهن. ڪهاڻيڪار وڏي ديده دليري سان انهن سڀني منظرن جي عڪاسي ڪئي آهي.
ڪهاڻيڪار زاهد منگي ڪهاڻين ۾ نج ڳوٺاڻي ٻوليءَ جو سولو ۽ دلچسپ استعمال ڪيو اٿس، وري موقعي جي مناسبت سان اهڙيون تھ تشبيهون ۽ سنڌي پهاڪن جي اڻت ڪئي اٿس، جو ڪهاڻي کي چوڏهن چنڊ لڳي وڃن ٿا. هڪڙي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪر تھ ٻي ڪهاڻي پڙهڻ تي دل چوي ٿي، اهو ڪهاڻيڪار جو تسلسل سان لکڻ جو ڪمال ئي آهي۔ هاڻي دل ٿي چاهي ڪهاڻيڪار جي هر هڪ لکيل ڪهاڻي جو مختصر جائزو پيش ڪجي جيئن ڪهاڻي آهي.
پَڙُ: هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار سنڌ جي روايتي درگاهن جي منظر ڪشي ڪئي آهي، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماءُ کي جڏهن ڌيءَ ڄمي ٿي تہھ هوءَ بھ پنهنجي سَسُ جو ڀرم رکندي درگاھ تي باس پوري ڪرڻ لاءِ ٿالھھ ڪُٽي ۽ پڙ ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿي. توڻي جو کيس ٽوڪيو وڃي ٿو تھ ڌيءَ جي بہھ ڪا باس ڏبي آهي ڇا؟ پوءِ بھ نظيران نالي اها ماءُ خوش رهي ٿي.
پَڙُ جي وقت هوءَ اهو پڙ درگاھ تي وجهڻ بدران انهن پئسن مان لوئي وٺي هڪ سي ۾ ڏڪندڙ نياڻي کي ڏئي ٿي، اهو ئي انسانيت جو ڀرم لکجي ٿو. ٻوٽي ڪهاڻي : هن ڪهاڻي ۾ بشير نالي ملازم جي ڪردار ذريعي ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي جي ڪرپشن کي وائکو ڪيو ويو آهي. ڪتا مار مهم جي حوالي سان ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي ۽ آخر ۾ بشير راشي آفيسر کي زهر ڀريل ٻوٽي اڇلائي ٿو ڏي.
ڪهاڻي جو مرڪزي خيال اهو آهي تہھ صرف ڪتا نھ، پر انسان بھ پئسن تي ڇتا ٿين ٿا. واھ جو منظر آهي موجوده دور جي ڪرپٽ حڪمرانن کي منهن تي چماٽ آهي. ڪڙم قبيلو: يوسف نالي ڪردار وڏيرڪي نظام جو پوئلڳ آهي، جيڪو پنهنجي زال کي بھ شڪ ۾ قتل ڪري ٿو.۔
ٻوڏ جي وقت جڏهن هو وڏيري وٽ مدد لاءِ وڃي ٿو تھ وڏيرو کيس ڌڪي ٿو ڇڏي.
ڪهاڻي ۾ مهمان نوازي ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪندي وڏيرڪي ظلم کي ننديو ويو آهي. خدمت ڪهاڻي: هن ڪهاڻي ۾ پبلشرن جي استحصالي روين کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي ليکڪن کان پئسا وٺي بھ کين ڪجھھ نٿا ڏين. اهو سنڌ ۾ ڪنهن الميي کان گهٽ ڪونهي. غريب شاعر زال جون واليون کپائي ڪتاب ڇپائي ٿو، پر بدلي ۾ کيس صرف واھ واھ ملي ٿي. اها بھ نہھ ھجڻ جي برابر. قومي شهيد: دلو نالي يتيم ڇوڪرو محنت ڪري گذر ڪري ٿو، پر جلسي دوران فائرنگ ۾ مارجي وڃي ٿو.
هي ڪهاڻي معصوميت ۽ سماجي بيحسي جي عڪاسي ڪري ٿي. پڳ ڪهاڻي: هن ڪهاڻي ۾ وڏيرن جي بي حيائي ۽ اخلاقي زوال کي پيش ڪيو ويو آهي، جتي ننڍو رئيس ناچڻي اڳيان حرڪت ڪندي پنهنجي پڳ بہھ ان جي پيرن ۾ ڪيرائي ٿو ڇڏي.
جنازو ڪهاڻي: راشي ڪلارڪ جي زندگيءَ جي پڄاڻي ڏاڍي دردناڪ آهي. پٽ بہھ کيس نظرانداز ڪري ٿو ۽ هو اڪيلائي ۾ مري وڃي ٿو.
هي ڪهاڻي ڪرپشن جي انجام کي ظاهر ڪري ٿي۔ قطار ڪهاڻي: بينظير ڪفالت پروگرام تحت عورتن جي تڪليفن کي بيان ڪيو ويو آهي،۔ مجبور عورت آخرڪار غلط رستي تي هلي پئسا حاصل ڪري ٿي.حڪومتي طريقيڪار جو غلط هجڻ، ڪنهن ناسور کان گهٽ ڪونھي. مهمان خاص: هڪ خود پسند شاعر جي ڪردار ذريعي ادبي پروگرامن ۾ ٿيندڙ خودنمائي کي ننديو ويو آهي.
نئين پيڙهي: پراڻين شين ۽ وڏڙن جي قدرن کي اجاگر ڪندي اخلاقي سبق ڏنو ويو آهي. اڳي ائين هياس: پرنٽ ميڊيا جي زوال ۽ سوشل ميڊيا جي عروج کي بيان ڪيو ويو آهي. خوشي ڪهاڻي: هڪ شادي شده عورت جي محرومي ۽ نفسياتي تڪليف کي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا آخرڪار غلط رستي تي هلي ٿي. مٺائي ڪهاڻي: وسيلو گهمائڻ واري روايت کي طنزيہھ انداز ۾ پيش ڪندي انساني لالچ کي ظاهر ڪيو ويو آهي،۔ الا مان اڏري ويندو سانءَ: ٻن شاگردن جا خواب ۽ انهن جي ٽٽڻ جو دردناڪ انجام پيش ڪيو ويو آهي.۔ فارملٽي:سرڪاري ادارن جي نمائشي ڪاررواين کي وائکو ڪيو ويو آهي،۔ ٽڪيٽ ڪهاڻي: مذهبي استحصال کي بيان ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہھ ڪيئن مرشد پئسن عيوض “جنت جي ٽڪيٽ” ڏين ٿا. ڀوري مينهن: هڪ سادي ماڻهو کي ٺڳي ذريعي نقصان پهچائڻ جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي.۔
ڪميڻي: اخلاقي زوال ۽ استحصال تي ٻڌل ڪهاڻي، جتي هڪ ڇوڪري کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪک پتي: ڳوٺاڻي ناانصافي ۽ ظالماڻن فيصلن کي پيش ڪيو ويو آهي.
قومي غيرت: پورهيت ماڻهو ۽ وڪيلن جي مدد ذريعي قومي شعور ۽ اتحاد جو پيغام ڏنو ويو آهي.۔