ڪتاب ۽سماج جو ڳانڍاپو هڪ حقيقت آهي، ڪتاب انسان جي شعور ۾تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو، پڙهندڙن جي سوچ، ليکڪن جي تخليق ۽ ڏاهن جي ذهنن کي فڪري طور وقت جي حالتن کان باخبر رکي ٿو، ڪتاب سماج جي تعميري گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ نون ماڻهن جي مضبوط کيپ تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سماج ۾ جتي ڪتاب وڌيڪ ڇپجن، خريد ڪيا وڃن ۽ پڙهيا وڃن ته، اهي سماج دنيا ۾ ڪامياب سماجن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، اهي سماج هميشه ترقي ڪن ٿا.
سنڌ ۾ ڪتاب جي پڙهندڙن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. پر سوال اهو به آهي ته ڇا ڪتاب سماج ۽ تخليق جو پورائو ڪري ٿو؟ سماجي سائنس جو تجزيو ڪجي ته ادب ۽ سماج جو ڳانڍاپو اسان جي سماج جو حصو بڻجي چڪو آهي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ سياسي ادب چيو وڃي ٿو. اهوادب جيڪو جيڪو سماج ۾مظلوم جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ترجماني ڪري اهو ادب سماج جو آئينو آهي.
ادب ۾ مختلف صنفون آهن جن ۾ لکيو وڃي پيو، پر ڇنڊ ڇاڻ جي بنيادن تي گهٽ لکيو ويو آهي، سماج جو اهڙو تجزيو جيڪو نج تحقيقي ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي بنيادن تي ڪيو وڃي، اهڙين لکڻين جي ضرورت وڌيڪ آهي، اهڙو تحقيقي ڪتاب پنهنجي جڳهه پاڻ ٺاهي ٿو. تازو ئي هڪ اهڙوڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي سامهون آيو آهي، جنهن جو عنوان “ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي تصوير” آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نوجوان محقق، استاد ۽ شاعرڊاڪٽرعلي جان ٻرڙو آهي، هيءُ ڪتاب سندس پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو آهي، جنهن تي ڪراچي يونيورسٽي پاران کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني وئي.
اسان وٽ کوڙ اهڙا پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهن، جن جوڪنهن کي پتو نه آهي ته انهن جو تحقيقي ڪم ڪهڙي موضوع تي ٿيل آهي، جڏهن ته، کوڙ انهي لاءِ به ڪين ڇپرائين ٿا ته کين پنهنجي تحقيق جو پتو هوندو آهي ته، هيءُ تحقيق، ڇنڊ ڇاڻ جي معيارن تي پورو لهي ٿي يا نه، اهڙي ماحول ۾ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جو هيءُ ڪتاب ڇپجڻ کان ادب ۾ تحقيق سان چاهه رکندڙن لاءِ تحقيق سان گڏ تخليق نوان رستا پڻ کولي ٿو.
هن ڪتاب کي ڇهن بابن ۾ ونڊيو ويو آهي، جنهن جي هر هڪ باب ۾ تعميري، تخليقي ۽ تحقيقي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. سماج جي وصف، سنڌي سماج جا نمائندا ڪهاڻيڪار، سماج ۽ طبقاتي ڪشمش، ڪهاڻي ۾سنڌي سماج جي تصوير ۽ آخري باب ۾ نتيجو شامل ڪيو ويو آهي. ليکڪ پاران پنهنجي تحقيقي مقالي جي پهرين باب ۾ سماج ڪيئن ترقي ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو ڳانڍاپو سماج سان ڪيئن لاڳاپيل آهي، انهي جي ڇنڊ ڇاڻ تاريخي، سماجي ۽ عالمن جي تحقيق کي نظر ۾ رکي دليلن جي بنيادن تي ورتو ويو آهي.
باب ٻئي ۾ سنڌي ڪهاڻي جا جيڪي اهم دور آهن، انهن دوران ڪهاڻيون ۽ جيڪي ڪتاب ڇپيا آهن، انهن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪهاڻين کي موضوع بڻائي علمي ۽ دليلن جي بنيادن تي ڪئي وئي آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جهڙوڪ لڏپلاڻ جوشڪار ٿي وئي، ڪهاڻي جهڙوڪ مونجهارن جي ٽريڪ تي هلندي رهي آهي، هڪ پاسي سنڌ جي وجود جوسوال ۽ سياسي لاڙن جي حقيقت جنهن کان وجوديت پسند ڪهاڻيڪارپريشاني جو شڪار هئا، ته ٻئي پاسي ان سياسي ماحول جي اثر هيٺ پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ سياسي تبديلين جا عڪس نظر اچن ٿا. سماجي ڀڄ ڊاهه واري اهڙي دور کي باب ٽئين ۾ ڊاڪٽر علي جان پاران تحقيقي بنيادن تي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
ڪنهن به سماج جو جيستائين تجزيو سائنسي بنيادن تي نٿو ڪيو وڃي انهي سماج جي پرک ڪرڻ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. باب چوٿين ۾ محقق پاران سماج جي جوڙجڪ خاص ڪري سنڌي سماج جي جوڙجڪ پرک ۽ طبقاتي فرق جي ڇنڊ ڇاڻ سماجي سائنس جي نظرئي موجب ڪئي وئي آهي. باب پنجين ۾ سنڌي سماج جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن، انهن کي پڻ سماج ۽ ان جي وڇوٽين کي نظر ۾ رکي انهن جي پرک ۽ ڇنڊ ڇان پڻ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾غربت، ويڳاڻپ، بُک، بيروزگاري، بدحالي، ڌرتيءَ سان رومانس ۽تبديليءَ جي موضوع کي بحث بڻايو ويو آهي.
آخري ڇهين باب ۾ نتيجا شامل آهن، ليکڪ پاران نتتيجن جو تجزيو به پڻ دليلن ۽ سماجي حقيقتن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي. ليکڪ ۽ محقق جو هيءُ تحقيقي پورهيو کوڙ تعميري ۽ تحقيقي پاسن جي حوالي سان اهم آهي. ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب نه رڳو تحقيقي بنيادن تي ڪارائتو آهي، پرساڳي وقت ليکڪ موضوع سان فڪري ۽ علمي بيادن تي به بهترين انداز ۾نڀايو آهي.
نتيجو ڪڍجي ته ادب هرحس جو پورائو ڪندو آهي. انساني جسم جي خوبصورتي اسان جي ادب جو اعليٰ معيار سمجهي وڃي ٿي. اسان جهڙو شعر لکڻ چاهيون، انهي ۾ڪا به روڪ ٽوڪ ناهي، هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته اسان انهن شاهڪارن جي ڳالهه ڪيون ۽ اسان کي ٻڌو وڃي اسان جي تخليق اڳيان ڪابه روڪ ٽوڪ نه هجي ته پوءِ انهي تخليق لاءِ هڪ تاريخي تبديلي گهرجي. جتي حسن جي سمورن جمالياتي پاسن جو ذڪر بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي برداشت ٿي وڃي ته پو انهي لاءِ اهڙي تاريخ ٿي گهرجي جيڪا تبديل پسندي ۾پهريان جدوجهد ڪري پنهنجي قلم ۽ هٿن جي قرباني ڏئي، سماجي رومانويت جي پل ٻڌي ۽ وري اها پل پڻ انهي ادب جي ڳالهه ڪري جنهن جو نالو ترقي پسند ادب آهي، جيڪو سماجي ڳانڍاپي جي ڳالهه ڪري ٿو. جيڪو سياست کي تخليق سان جوڙي ٿو. ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي سماج جي انهي سچ کي پنهنجي تحقيقي پورهئي جو موضوع بڻايو آهي، جتي تحقيق جي شاگردن لاءَ هيءُ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو، اتي ساڳي وقت سماج ۽ ادب جي لاڙي وارن ڏات ڌڻين لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ تحقيقي دستاويز جي اهميت رکي ٿو، انهي لاءِ ادب سان چاهه رکندڙن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.