موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
رزاق مهر جي تحريرن مان سماجي قدرن کي سمجهڻ کان اڳ مختصر طور تي اسان “سماج” کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سماج بنيادي طور تي قدرن، ريتن، رسمن، رواجن ۽ طور طريقن جو  اهڙو ميڙ هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح جي هڪجهڙاين سان هڪٻئي سان ڳنڍيل، لاڳاپيل يا واسطيداري ۾ رهن ٿا. انسانن جي هڪجهڙين سوچن، لوچن، طور طريقن ۽ ساڳي نموني سان پيش ٿيندڙ روين سان سماج جڙي ٿو.
سماج حقيقت ۾ ثقافت جي تعمير ڪري ٿو ۽ ثقافت انسان کي عزتدار انسان بڻائي ٿي.
                “Culture is to be devoted to making men, gentlemen”.
سماج هڪ گروهي سچائي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو هڪجهڙيون ريتون، رسمون، رواج هڪٻئي سان ونڊين ٿا.
”سماج هڪ قسم جو ميڙ آهي. جنهن کي اصل حقيقت سمجھيو وڃي ٿو. پوءِ ڇونه کڻي اهو ميڙ هڪ سماج  society  هڪ نيات community هڪ تنظيم يا ڪٽنب هجي. سماجيات جا ماهر اهڙي ڪابه خاص ٻولي يا علامتون يا اصطلاح گهڙي نه سگهيا آهن. جن وسيلي ڳانڍاپي يا تعلقات کي بيان ڪري يا ان جي تصوير ڪڍي سگهجي.“
عربي ٻولي ۾ معاشري لاءِ عام طرح لفظ ”مجتمع“ ڪتب آندو وڃي ٿو. پر لفظ ”معاشره“پڻ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿلهي ليکي ٻنهي لفظن جي معنيٰ آهي ”گڏجي رهڻ“. مهر فوقي بدايوني لُغاتِ مهر اُردو ۾ سماج جي معنيٰ هنريت بيان ٿو ڪري ”سماج: معاشرت،معاشره،خِطه“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سماج لفظ جي معنيٰ هن ريت بيان ٿو ڪري ته:
”سَماجُ _ج سَماجَ : ذ.] سن. سماج = مجلس [ قوم _ برادري _ مجلس _ جماعت _ محفل _ سَڀا _ مَنڊلِي _ ميڙو _ راڄُ _ سَٿُ _ انجمن _ ڪاميٽي _ سَنگُ _ ساٿاري _ ذات _ گروھ _ جٿو _ ٽولي _ ڌُر“
سماج ماڻهن جي هڪ وڏي گروهه کي چئبو آهي، هڪ اهڙو گروهه جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن جون عادتون، خيال ۽ لاڙا ساڳيا هجن اُهي پاڻ کي سماج جو حصو سمجهن ، تنهن کي سماج چئجي ٿو. سماج نسبتاً وڏي گروهه کي چئجي ٿو، جيڪو پنهنجن فردن جي بنيادي گهرجن جو پورائو ڪندو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن پيڙهين تي آڌاريل هجي. ڪو ڪٽنب يا خاندان ڪنهن سماج جو ابتدائي يا بنيادي ايڪو آهي.هر دور ۾ قدرن پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪيو آهي، قدر صرف سماجي گهرجن ۽ نفسياتي لاڙن سبب تبديل ٿيندا آهن، مثال طور نيڪي ۽ برائي جا قدر مختلف معاشرن ۾ مختلف آهن. يورپي معاشري ۾ شراب پيئڻ عيب ڪونهي، ڪنهن ناريءَ جو ڪنهن نوجوان سان گهمڻ ڦرڻ عيب ناهي، جڏهن ته اڪثر ايشيائي مسلمان ملڪن ۾ اهو سڀ عيب جي زمري ۾ اچي ٿو.
قدرن کي سمجهڻ ضروري آهي، هڪ بهتر سماج لاءِ جيڪي قدر ضروري آهن  انهن ۾ سچ، سونهن، سادگي، سپردگي، سيبتائپ، نرمي، نينهن، نوڙت، نياز، اجرت، اخلاقيات، اتفاق، اتحاد، عزت، آجپو، انيست، انسانيت، عقيدت، عيب ڍڪڻ، دلجوئي ڪرڻ، دلاسو ڏيڻ، دل رکڻ، دليري، ديدوري، درد مان درست رستن جي چونڊ ڪرڻ، درستگي، تجربيت، ثقافت، تاثريت، تاعيد (ضروري)، بحث، بهادري، بي ڊپائي، بيباڪي، برابري، سهڪار، جرئت، وجداني راحت، کوجنا، رهبري، رحم، ريجهائڻ، همدردي، ماڻهپو، مان ڏيڻ، ملڻ-ميل جول رکڻ، مصيبت کي سهڻ، محبت، وقف، ورهائڻ، نرمي تحفظ وغيره شامل آهن. انهن قدرن جي بنيادن تي ڪنهن به سماج جو بهتر اڀياس ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنهن به سماج لاءِ بهترين ۽ تز تجزيو پيش ڪري سگهجي ٿو.
قدرن کي سمجهڻ کانسواءِ اسان ڪنهن به طرح ڪنهن سماج کي نٿا سمجھي سگهون. ۽ قدرن جو اصل اڀياس ڪنهن به سماج، وقت ۽ حالتن ۾ تخليق ڪيل ادب ۾ بهتر نموني ملي سگهي ٿو.
ادب، خاص طور افسانوي ادب ۾ لائق اديب، ڪهاڻيڪار اهڙي طرح قدرن کي پيش ڪندا آهن جو اڻ سڌي طرح سندن فڪشن تي ٻڌل تصويرون هڪ تاريخ بڻجي وڃن ٿيون. تاريخ ۽ ادبي تحرير، افساني، ڪهاڻي، ناول ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته مورخ صرف اهو ڪجھھ لکندو آهي،  جيڪو سندس سماج يا ملڪ ۾ وهي واپري يا رونما ٿئي ٿو، جڏهن ته افساني نگار، ڪهاڻيڪار يا ناول نگار پنهنجين تحريرن ۾ اهو ڪجھھ لکي ٿو، جيڪو رونما ٿيندڙ واقعن سان گڏ هو ڏسڻ چاهي ٿو، هو سماج کي بهترين نموني پيش ڪري ان جي نئين سر تشڪيل ۽ جوڙجڪ ڪري ٿو، يعني هو پنهنجين تحريرن ۾ حقيقتن سان گڏ پنهنجي وجداني تخيل کي ملائي نئين سماج جي تعمير ۽ ترتيب ڪري ٿو.
رزاق مهر صاحب  جون ڪهاڻيون هجن يا ڊراما هو پنهنجي تحريرن ۾ ڀرپور نموني سان سماجي قدرن جون تصويرون پيش ڪري ٿو. هو سنڌي سماج جي بنيادي قدرت، سچ، سونهن، عشق، نيڪي، مهمان نوازي، محبت، ماڻهپي ۽ پنهنجائپ جو زبردست پيشڪار آهي، سندس سموريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما سماجي قدرن جي پاسداري ڪندي نظر اچن ٿا.
مجموعي طور تي سنڌي سماج ۾ سچ، غيرت، ماڻهپو، پيار، قرباني، مهمان نوازي ۽ انسان دوستيءَ جهڙا سماجي قدر موجود آهن، اسان کي ادب ۾ پڻ ساڳيا قدر ملن ٿا.
رزاق مهر بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي. هو پنهنجين ڪهاڻين توڙي ڊرامن ۾ وڏي پئماني تي سماجي قدرن جي پاسداري پيش ڪري ٿو. هتي اسان سندس ڪجهه ڪهاڻين مان سماجي قدرن جو عڪس پيش ڪنداسين.
رزاق مهر جي مشهور ڪهاڻي آهي “سڪون ڪٿي آهي؟” سندس هڪ ڪتاب جو نالو به ساڳيو ئي آهي.
رزاق مهر صاحب جي هيءَ ڪهاڻي “ سڪون ڪٿي آهي؟” هڪ اهڙي شخص  جي ڪهاڻي آهي، جيڪو وک وک تي زندگيءَ جون پيڙائون ۽ ڀوڳنائون برداشت ڪري، درد جي ان منزل تي وڃي پهچي ٿو؛ جتي کيس سک ۽ سڪون جي ڪا واهه نظر نٿي اچي. هي ڪهاڻي پڙهندي ، پڙهندڙ  به اهو ساڳيو ئي درد محسوس ڪري ٿو، جيڪو هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار منير احمد ڀوڳي رهيو آهي، جنهن کي حالتن جي شدتن ذهني طور بيمار بنائي ڇڏيو آهي، پر کيس پيار ۽ همدرديءَ جي ايتري ئي شديد ضرورت آهي، جيتري دوا جي ضرورت آهي، پر کيس ڪجهه به ميسر ناهي.
رزاق مهر جي  ڪهاڻي“ شڪست” سندس هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن به مضبوط پلاٽ نه هجڻ جي باوجود به،  کيس پنهنجي همعصر دؤر جي بهترين ڪهاڻيڪارن سان گڏ آڻي بيهاري ٿي، ان سان گڏ هر دؤر جي بهترين ڪهاڻين ۾ پڻ شمار ٿي سگهي ٿي. هيءَ اها ڀرپور ڪهاڻي آهي، جيڪا رزاق صاحب جي سگهاري قلم مان واقعي به نڪتل محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن حالتن جي هٿان پيڙهجندڙ ۽ بي عزتين جي شڪار ٿيندڙ هڪ مايوس ۽ خودڪشي ڪندڙ ڪردار کي، پرپور نموني سان زندگي ڏي موٽايو آهي. حالانڪ رزاق صاحب جي ڪهاڻين ۾ائين گهٽ ئي ٿيندو آهي.
هي ڪهاڻي انور نالي هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هڪ اسڪول ٽيچر آهي، جنهن جي پگهار ايتري ته ٿوري آهي، جو ان مان رڳو  ٻه زال مڙس به سک سان زندگي گذاري نٿا سگهن. ۽ نتيجي ۾ سندن پيار ڀري زندگي، جنهن ۾ اڃان ڪي گل ئي نه ٽڙيا آهن، ان کان اڳ ئي هو  معاشي تنگدستي سبب هڪٻئي مان تنگ ٿي ڌار ٿي وڃن ٿا.سندس محبوب زال شمي، پر هاڻي کيس ڏانئڻ ۽ هرمسئلي جو ذميوار لڳي ٿي، اها مائٽن ۾ هلي وڃي ٿي ۽ انور خودڪشي جي ويجهو پهچي ويو آهي.
انور ۽ شمي هن ڪهاڻيءَ جا جيڪي ٻه مرڪزي ڪردار آهن،  ظاهر ۾ لڳي ٿو، اهي اصل ۾ سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ واري ڪامياب فارمولي تي عمل نٿا ڪن، جنهن ڪري سندن زندگي اجيرن بنجي وئي آهي. پر اتي اهو ضرور احساس ٿئي ٿو ۽ ڏک به ٿئي ٿو ته ٻه فرد ، جن بيحد پيار مان شادي ڪئي هئي. اهي خوش به هئا، پر هاڻي پئسن جي تنگي کين  اتي پهچائي ڇڏيو آهي، جن جو شايد هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. ۽اڃان ته کين اولاد جو ميوو به نصيب نه ٿيو آهي. اهي ان کان اڳ ئي حالتن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري، انتهائن تي پهچي چڪا آهن. اهي ايترا ته جذباتي ٿي چڪا آهن جو ڄڻ کين گهٽ ۾ گهٽ اڌ درجن ٻارڙا آهن، جڪي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن،  ۽ هاڻي وٽن هڪ ئي حل وڃي بچي ٿو ته  ڌار ٿي وڃن؟
ظاهر ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾  ڪردارن کي ڪا وڏي مجبوري سامهون نه آهي، پوءِ به سندن اهو  ائب نارمل ائٽيٽيوڊ دراصل اهو ظاهر ڪري ٿو ته ، جڏهن فرد حقيقتن کان پري رهي ڪري، مستقبل جي حوالي سان به حقيقت پسنداڻو رويو نه رکندو آهي ۽ هڪٻئي مان جڏهن گهڻيون اميدون وابسته ڪندو آهي ، تڏهن نتيجي ۾ منجهن اها ذهني ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي. ٻيو سماج ۾ طبقاتي حوالي  سان به ايترو  ڏڦيڙ  پکڙجي چڪو آهي جو،  جيڪڏهن فرد جي مالي حوالي سان حيثيت ڪمزور آهي، ته ان کي پنهنجن توڙي پروان ۾ نظراندازي جا تير ۽ اهميت نه ملڻ جا عذاب سهڻا پون ٿا. ۽ وک وک تي سندس عزتِ نفس مجروح ڪئي وڃي ٿي، جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ انور سان ساڻس دوست ڪن ٿا.
هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار انور دراصل هڪ لوچيندڙ ڪردار ۽ شاعرآهي.  مٿان حساسيت به طبعيت شامل اٿس، ان ڪري هر ننڍڙي تڪليف کي به وڏي سمجهي ٿو ۽ شاديءَ بعد پئسي جي اڻاٺ کيس وڌيڪ بيزار ۽ چيڙاڪ بنائي ڇڏي ٿي. ۽ هو حالتن کي منهن ڏئي نه پيو ڏئي سگهي. مٿان سندس جيون ساٿڻ شمي به چيڙاڪ بيزار ٿي پئي ٿي ۽ پوءِ سندن وڙهڻ روز جو معمول ٿي وڃي ٿو ،۽ انور جيڪو هڪ استاد ۽ شاعر آهي، اها هٿ کڻڻ جهڙي انتهائي حرڪت تي پهچي وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪا وڏي  ڪهاڻي سمايل نه آهي. بس ٻه زال مڙس آهن، جيڪي معاشي اڻهوند سبب پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن، نتيجي ۾ هو وڙهندا رهن ٿا.پر هتي ٻن سڃن سرن جو ماستري مان گذارو نه ٿي سگهڻ به حيرانيءَ جهڙي ڳالهه آهي. پر سندن انهن مسئلن ۽ خوش رهڻ جا پيرا کڻجن ٿا ته شايد شمي ۽ انور فطري طور  ڪي وڏا وڏا خواب ڏٺا هئا، جن جي پوري نه ٿيڻ تي، هاڻي هڪ مينٽل ڊس آرڊر جو شڪار ٿي، پنهنجو شخصي توازن وڃائي ويهن ٿا. نتيجي ۾ پنهنجي پنهنجي سر ٻئي ڀوڳين ٿا.
هن ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت ۾ ڪجهه به ڪونهي، جيڪڏهن هن ڪهاڻيءَ کي ڪنهن ڳالهه مٿي کنيو آهي ته اهو آهي رزاق صاحب جو نئريٽو، ۽ درد جي اظهار جي شدت! جيڪي رزاق صاحب جي سڃاڻپ به رهيا. گهري فڪر واري ٻولي، ڊائلاگ ۽ حساس قسم جي منظرنگاري، هڪ عام ڪهاڻيءَ کي اعلى بنائي ڇڏيو آهي.. نه ته  حقيقت ۾ ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي. هتي ته اهو به ناهي ڏيکاريل، ته انور جو ڪيترو پگهار آهي، ۽ سندن ٻن سڃن سرن جو آخري اهڙو ڪهڙو خرچ  آهي، جو  کين ويلي تي ماني به نصيب نٿي ٿئي.
ڏٺو وڃي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ۾ هڪ ڪرداي يعني انور  جي ڪئلڪيوليشن جو مسئلو آهي، نه ته هوند اهڙو ڪجهه به نه ڀوڳي، جيڪو هو ڀوڳي رهيو آهي. پر رزاق صاحب سان ڪمال ڪاريگري سان سندس ڏک کي ايترو ته شدت سان بيان ڪيو آهي، جو اهو نه رڳو پنهنجي وجود ۾ مظلوم لڳي ٿو، پر ڪهاڻي ئي مٿي اڀري آئي آهي. هن ننڍن ننڍن واقعن جي ائين منظر نگاري ڪئي آهي، جو ڪهاڻي جي پسمنظر ۾ ڪو وڏو ظلم ٿيل محسوس ٿئي ٿو. ۽ انور جي خودڪشي طرف وڌڻ ڄڻ جائز پيو لڳي.
ڏٺو وڃي ته انور وٽ خودڪشي لاءِ به ڪو وڏو جواز ڪونهي، جيڪڏهن ڪو وڏو جواز هجي ها ته شمي جي هڪ ننڍي تصوير کي ساري، ماضيءَ  جي حسين سڳنڌي سارن ۾گم ٿي يا انهن بابت خودڪشي ڪرڻ جو پروگرام ملتوي نه ڪري ها. حقيقت ۾ نه وٽس خودڪشي جو ڪو وڏو جواز آهي، نه وري  ان کان  آخري وقت تي دامن بچائڻ جو ڪو وڏو سبب.. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها، انور کي ان مهل اوچتو ياد اچي ها ته شمي ته  پهريون ڀيرو اميد سان ٿي آهي،  ۽  هو  پوءِ پهرئين ٻار کي ڏسڻ جي آس ۾ خودڪشيءَ  جهڙي ناڪاري عمل کي روڪي ڇڏي ها.
بهرحال، هي ڪهاڻي نه صرف رزاق مهر صاحب جي پر شايد سنڌي ادب جي اهڙي وڏي ۽ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا پاڻ ۾ ڪو گهرو پلاٽ نه هئڻ جي باوجود، پنهنجي منظر نگاري، پيشڪش ۽ اظهار جي شدت سبب، نه رڳو رزاق مهر جي سٺي ڪهاڻي آهي، پر سنڌي ادب  جي به هڪ سٺي ڪهاڻي آهي.
هن ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار منير احمد وٽ جيئڻ جي آس به شدت سان محسوس ڪري سگهجي ٿي، تڏهن ئي ته هو سرڪاري يا خيراتي اسپتالن ۾ هڪ طرح سان ڄڻ پاڻ کي کڻي پهچائي ٿو ته جيئن سندس دوا ٿي سگهي، ڇو جي هو اتي جي ماحول جي کيس ڀلي ڀت خبر هوندي آهي ته مسيحا ڪهڙي معيار جا ويٺل آهن. هو اتي پهچي ماڻهن جي  ميڙ ۾ ، اتي جي ماحول ۾ جيڪو ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، اهي  سڀ اذيتون  پنهنجي روح تي  ڀوڳي رهيو هوندو آهي. اهو احساس ڪهاڻي پڙهندي  شدت سان محسوس ٿئي ٿو، هڪ  فرد، جيڪو  زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ ڀٽڪي رهيو آهي، ۽ زندگي ماڻڻ چاهي ٿو، پر محسوس ائين ٿئي ٿو ته هو ته  موت طرف ئي وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي کيس موت ئي قرار ڏياري سگهي ٿو.
منير جو درد جيتوڻيڪ پڙهندڙ کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو، ۽ اها ڪنهن به ليکڪ جي وڏي ڪاميابي چئبي، جو سندس ڪردار لاءِ همدري پيدا ٿئي. ۽ منير اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو ڪنهن حساس پڙهندڙ جي دل ۾ ڏک جيان گهڙي وڃي ٿو، پر  ڪهاڻي پڙهندي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، جيڪي منير بابت آهن؟ نمبر پهريون ته فرد ڪٿي به، ڪنهن به اجڙيل يا ڏتڙيل حالت ۾ پهچندو آهي ته سماج سان گڏ، ان جو  پنهنجو به ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح وڏو هٿ هوندو آهي. هتي منير بابت جي جيڪا ذهني حالت آهي، اها ڪا ڏينهن ٻن جي محسوس نٿي ٿئي، جيئن هر وڏي ناڪاميءَ پٺيان يا هر بيماري پٺيان  فرد جو  پنهنجون ڪئين ذاتي ڪوتاهيون به شامل هونديون آهن، ائين منير به يقيناَ ان حالت ۾ نه پهتو هوندو . ان جو يقيناَ هڪ وڏو پسمنظر هوندو، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ گم آهي؟
ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ فرد، جنهن جون سماعتون رڳو شور سان ڀريون پيون هجن، ان جو ڪارڻ رڳو سفارش نه هئڻ ڪري وڏي نوڪري نه ملڻ، نه پر ٻيا به ڪئين ڪارڻ هوندا ؟  چوڻ جو مطلب آهي ته ڪهاڻيءَ ۾،جيڪو منير احمد وٽ درد جو درياءَ  آهي، اهو شروع ڪٿان ٿئي ٿو؟ اهو حصو هن ڪهاڻي مان گم آهي؟  اهڙا ڪردار بنيادي طور ڏاڍا حساس هوندا آهن. ۽ ٻيو انساني شخصي تعمير ۾ فرد جو ٻاروتڻ ۽ ان جون محروميون وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي دل ۽ دماغ تي اهڙا ته گهر اثر ڇڏي وينديون آهن، جو فرد چاهيندي به ان مان نه نڪري سگهندو آهي. نتيجي ۾فرد جي شخصيت جي جيڪا ننڍي هوندي کان وٺي فطري تعمير ٿيڻ گهرجي، اها ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ان ڪري پوءِ جوڀن جواني  ۾ به  پنهنجي اندر ۾ ٽٽل ٽٽل ۽ وڃايل وڃايل ئي رهندو آهي. ۽ کيس هڪ خوف هوندو آهي، جيڪو پوءِ ڪڏهن ڪهڙي صورت وٺندو آهي ته ڪڏهن ڪهڙي صورت وٺندو آهي. ۽ اهو خوف جيڪو ذهني هوندو آهي. اهو اڳتي هلي فرد کي جسماني بيمارين ۾ به مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. پر هن ڪهاڻي ۾ صرف منير جي حال جي  ئي منظرنگاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هو لمحو لمحو لڇي رهيو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پئسي جي اڻهوند، فرد کي سماجي حوالي سان لاچار، مجبور ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي. پر هڪ حساس فرد کي ان سان کان وڌيڪ محبتن جي اڻاٺ به نهوڙي رکندي آهي. اهو يقيناَ پوءِ سماج جو سڀ کان لاچار، مجبور ۽ همدريءَ جي لائق ڪردار نظر ايندو آهي . منير به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي. پر ان سان جڙيل اهم ڪردارن کي به نالي ماتر بيان ڪيو ويو آهي. جيئن  هتي منير ۽ سندس گهرواري جو تعلق  به سطحي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، بلڪه ڪهاڻيءَ مان واضح ئي نٿو ٿئي ته سندس گهر واري جو ساڻس رويو ڪهڙو آهي؟  اهو  به نهايت اهم حصو هن ڪهاڻي مان گم ٿيل آهي؟
عام طور سماج ۾اهو ڏٺو ويو آهي ته غربت هوندي به جتي زال مڙس جي پاڻ ۾ محبت يا انڊراسٽينڊنگ هوندي آهي، اتي مشڪل لمحن ۽ امتحانن ۾ به گهڻيون شيون سڪون سان گذري وينديون آهن. ۽ فرد جو اصل سڪون پنهنجي گهر ۾ ئي لڪل هوندوآهي. ان ڪري جتي جتي تعلقات خوشگوار نه هوندا آهن، اتي مسئلا ڪر کڻنداآهن، اڻبتون ٿينديون آهن، ۽ زال جو پنهنجي مڙس جي حياتي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين هٿ ضرور هوندو آهي، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪوبه اهڙو ڏک بيان ڪيل ڪونهي.
ڪهاڻيءَ مان ته اهو به واضح نٿو ٿئي ته منير جو پسمنظر ڪهڙو آهي؟ هتي سندس ڀيڻ جي ڪهاڻيءَ جو ڪردار  پڻ اڻپورو آهي؟ خبر نٿي پئي ته ان جي ڇا ڪهاڻي آهي؟ ٻيو  سندس ذهن ۾ جيڪو عجيب عجيب آواز اڀرن ٿا، اهي دراصل هن جيڪا ماضيءَ ۾ اسپري جون  ٽيهه گوريون کاڌيون هيون، ان جي نتيجي ۾اڀرن ٿا. پر اهي گوريون بنيادي طور کاڌيون ڇو ،ان جي خبر نٿي پئي.  اهو نظر انداز ڪرڻ جهڙو سوال به ڪونهي؟  ڇو جو انهن ئي سڀني واقعن ۽ پسمنظر جو ئي، منير جي موجوده اذيتن واري حال ۾ وڏو هٿ آهي؟ جيڪي ڪهاڻيڪار کان ٻڌائڻ رهجي ويا آهن.
رزاق صاحب جو ڪهاڻي جو انداز ئي ٻڌائي ٿو ته هو ڪو عام ڪهاڻيڪار ناهي، ۽ مٿس جيڪا  امرجليل جو اثر قبول ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته،  خبر ناهي اها به ڪيئن ٿي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ۾ زمين آسمان جو  فرق آهي. امرجليل جا ڪردار ٻي طرح جا آهن، انهن وٽ درد جي اها شدت ڪانهي، جيڪا مهر صاحب جي ڪردارن وٽ آهي. ٻيو اهي محبت جا گهرجائو آهن، پر رزاق  صاحب جا ڪردار سماجي ۽ معاشي حوالي سان ذلتن واري زندگي گذارين ٿا. امر جليل جا ڪردار سئنيمائن جا آخري شو ڏسڻ وارا آهن، اها سندن عياشي آهي، پر رزاق صاحب جا ڪردار، خالي رڳو هڪ سکئي ساهه به لاءِ سڪن ٿا. منير ان جو مثال آهي.
پر هي ڪهاڻي، پنهنجي جوهر ۾ هڪ بهترين ڪهاڻي هوندي به ڏاڍي مايوسي پيدا ڪندڙ آهي. دراصل رزاق صاحب پنهنجي هن ڪردار کي ڪٿان به ڪا جيئڻ جي آس نٿو ڏيکاري؟ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته  ڪهاڻيڪار ڪٿان نه ڪٿان پنهنجي ڪردار کي زندگي طرف وٺي اچي ،  جتي اهو ٿڌي دماغ سان  پنهنجي حالتن تي ويچاري؟ ڪو دڳ ڳولي پنهنجي جيئڻ لاءِ. ڇاڪاڻ جو زندگي،  ڪٿي به هجي، اها ڪهاڻيءَ ۾ هجي، نثري نظم ۾ هجي، ناول ۾ هجي يا ڊرامي ۾، ان کي هر حال ۾ روشني ۽ آس ڏي وٺي اچڻ گهرجي. پر رزاق صاحب “سڪون ڪٿي آهي” جي جواب ۾ منير کي، پنهنجي نياڻيءَ جي چهري جي مرڪ ۾  ڪا آٿت ڏيکارڻ جي بدران، سڪون ڪٿي به نه آهي جي پسمنظر ۾ پل ۾ ماري، ۽ پل ۾ جياري  رهيو آهي؟

هتي اهو سوال اڀري ٿو ته سماج ته آهي ئي نردئي، پر منير جو پنهنجي پاڻ ڏانهن ڪهڙو رويو آهي؟ ۽ هن پنهنجي زندگيءَ ۽ پنهنجي فيملي جي زندگيءَ کي سک وارو بنائڻ خاطر ڇا ڇا سوچيو ۽ پلان ڪيو هو، جنهن جي ناڪامي جي صورت ۾ هو نفسياتي طور بيمار ٿي پيو آهي؟ ۽ ٻيو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو ته ڀوڳيو آهي، ۽ مسلسل نفسياتي سطح تي ڀڃ ڊاهه جي شڪار هوندي به مثبت شين جي تمنا گهٽ ڪئي آهي؟ ٿيندو ائين آهي، جو فرد هڪ حد تائين ڀوڳي ڀوڳي، منفي شين جي آڳ ۾ جلي،  نيٺ مثبت سوچڻ شروع ڪندو آهي. ۽ سندس زندگي اتان ئي اٿل کائيندي آهي، پر منير جي زندگيءَ ۾ اهڙو موڙ به نٿو اچي.