DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
نامور اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم اداڪار نور محمد لاشاري سنڌ جي فن ۽ ثقافت جو اهو چمڪندڙ نالو آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي اداڪاريءَ جي ذريعي سنڌي سماج جي احساسن، دردن ۽ ڪردارن کي زندهه رکيو.
نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931ع تي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي ڀان سيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لاشاري ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس والد جو نالو فيض محمد لاشاري هو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري اسڪول جي استاد طور ڪئي، پر فن سان سندس لڳاءُ کيس اداڪاريءَ جي دنيا ڏانهن ڇڪي آندو.
نور محمد لاشاري پنهنجي فني سفر جي شروعات مقامي اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. هن استاد بخاري ناٽڪ منڊل سان وابستگي اختيار ڪئي، جتي هن مختلف ڊرامن ۾ اهم ڪردار نڀايا ۽ پنهنجي اداڪاريءَ جي صلاحيتن جو لوهو مڃرايو. اسٽيج تان شهرت ماڻڻ کان پوءِ، 1960ع ۾ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل ٿيو، جتي شروعات ۾ ڪاپيِسٽ طور ڪم ڪيائين، پر جلد ئي ڊراما آرٽسٽ طور سڃاڻپ ماڻي ورتائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس آواز، لهجو ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت ٻڌندڙن جي دلين ۾ جاءِ بڻائي.
1967ع ۾ نور محمد لاشاري ڪراچي منتقل ٿيو، جتي پاڪستان ٽيليويزن سينٽر تان نشر ٿيندڙ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ سيريلن ۾ ڀرپور انداز سان ڪم ڪيائين. هن سوين ٽي وي ڊرامن ۾ اهڙا ڪردار ادا ڪيا، جيڪي اڄ به ناظرين جي يادگيرين ۾ محفوظ آهن. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور سيريلن ۽ ڊرامن جهڙوڪ “دنگي منجهه درياءُ”، “مٽيءَ جا ماڻهو” ۽ “راڻيءَ جي ڪهاڻي” ۾ سندس اداڪاري خاص طور تي ساراهه جوڳي رهي. اردو ٻوليءَ ۾ به هن “بدلتے موسم”، “چاند گرہن”، “چھوٹی سی دنیا”، “دشت”، “دیواریں”، “جنگل”، “خان صاحب” ۽ “ماروی” جهڙن مشهور سيريلن ۾ اهم ڪردار نڀايا.
ٽيليويزن سان گڏ، نور محمد لاشاري سنڌي فلمن ۾ به معاون ڪردارن ذريعي پنهنجو فن پيش ڪيو. “برسات جي رات”، “بيوس”، “گھاتو گھر نه آيو”، “مٺڙا شال ملن”، “منهنجو پيار پڪاري”، “پارو”، “رت ۽ اجرڪ” ۽ “شهيد” جهڙيون فلمون سندس فني سفر جو حصو آهن. ان کانسواءِ هن هڪ بلوچي فلم “حمل او ماه گج” ۾ به اداڪاري ڪئي، جيڪا سندس فن جي وسعت جو ثبوت آهي.
نور محمد لاشاري جي خدمتن جي اعتراف طور، حڪومت پاڪستان کيس 1992ع ۾ “تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي” (Pride of Performance) سان نوازيو. ان کان علاوه 1995ع ۾ کيس “فرسٽ انڊس ڊراما ايوارڊ” پڻ مليو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن جا ڪيترائي اعزاز پڻ سندس نالي سان وابسته رهيا.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو شوگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو. 1 فيبروري 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس وفات ٿي ۽ کيس منگهوپير قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. نور محمد لاشاري جو نالو سنڌي ڊرامي، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي تاريخ ۾ هميشه عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو، ڇو ته هن پنهنجي اداڪاريءَ سان سنڌي سماج جي ڪهاڻي کي فن جي زبان ڏني.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)