DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌ جي سموري سر زمين املھ موتين ۽ ماڻڪن سان ڀري پئي آهي پر تعلقي ٽنڊوباگو جي مان واري مٽيءَ مان ڪيترن ئي انمول انسانن جنم ورتو آهي اوترا شايد ٻئي ڪنهن هنڌ نہ ملن اهڙن لوڪ صفت انسانن مان تعلقي ٽنڊوباگو جي ڳوٺ محراب چانڊيو ۾ فقير محمد رمضان چانڊيو 1969ع ۾ علي محمد چانڊيو جي اجري اڱڻ ۾ جنم ورتو سگهڙ فقير محمد رمضان چانڊيو ٻہ درجا سنڌي ساڳي ڳوٺ ۾ ناظره قرآن شريف سان گڏ پڙهيو فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي شاھ صاحب جي رسالي کان متاثر ٿي پنهنجي والد صاحب کان تربيت ورتي سندس والد صاحب ان وقت ۾ وڏو سگهڙ هو ان کان بعد ۾ فقير صاحب شاعر مجاهد خدابخش چانڊيو کان به تربيت ورتائين سندس استاد شاھ جي رسالي کان سوائي سانوڻ فقير رسالي جو به حافظ هو فقير رمضان صاحب 1988 کان 10 سال ريڍيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نڙ بيت ٻڌائيندو رهيو، نڙ بيت ۾ سندس استاد چڀڙ فقير خاصخيلي هو. سندس اولاد ۾ کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي شاھ صاحب جي رسالي جا پارکو آهن.
فقير رمضان چانڊيو بنيادي طرح هڪ مسڪين ماڻهو آهي پر جتي به دوستن جو سڏ ٿيو اتي پنهنجو ذاتي خرچ ڪري شاھ صاحب جو دوستن تائين پيغام پهچائيندو آهي روزاني ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر فيض کوسو پنهنجي ٽيم سان گڏ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو سندس ڳوٺ ۾ پروگرام رڪارڊ ڪرڻ آيو هو جنهن ۾ ساڻس گڏ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر اسد جمال پلي، زاهد ڪنڀار ۽ منظور شاھ ٽنڊو جان محمد وارو ۽ ٻيا به ڪيترائي ٽيم جا ميمبر ساڻس گڏ هئا فقير صاحب سندس ننڍي ڌيءَ کي به شاھ صاحب جي رسالي جي سٺي ڄاڻ ڏني آهي 2019ع ۾ سندس ڌيءَ کي نوابشاهہ پيپلز يونيورسٽي وارن کيس لطيف جي ايوارڊ سان نوازيو ان کان بعد ٺٽي شهر ۾ مڪلي ريسٽ هائوس تي سندس ٻن ٻارن کي سنڌ جي ناليواري اداڪار اسد قريشي ايوارڊ سان نوازيو سگهڙ فقير رمضان چانڊيو هڪ فقير منش انسان ۽ دوستن جو دوست ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي سندس پورو وجود شاھ صاحب جي رسالي سانوڻ فقير، حمل فقير، ڪبير ڀڳت سان ڀريل آهي ان کان علاوه ڏور، ڏهس، سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت، ۽ ٻين به ڪيترن ئي صنفن تي پڙهي سگهي ٿو سندس زندگيءَ جي آخري تمنا آهي ته کيس ﷲ تعالي حرمين شريف جي سعادت عطا فرمائي ۽ ايمان جي سلامتي ڏي ۽ اولاد کي به وصيت ڪري ٿو ته منهنجي نقش قدم تي هلن ۽ مرشد لطيف جا پيروڪار ٿي رهن.
جيئن جيئن ڀڄي رات تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾.
ڀوري ٻي نه ڪا تات جيڪا سا جتن جي.