DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
پاڪستان ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ گلاب چانڊئي اهڙو نالو رهيو، جيڪو پنهنجي گهري اداڪاري ۽ اثرائتي ڪردارن سبب هميشه ياد رکيو ويندو. سندس اصل نالو غلام محمد هو ۽ هو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شهير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شهيد بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. هڪ سادي ڳوٺاڻو پسمنظر هئڻ باوجود، هن جي اندر فن سان محبت ۽ اظهار جي سگهه ننڍپڻ کان ئي موجود هئي، جيڪا اڳتي هلي کيس ملڪ جي سڃاتل اداڪارن جي صف ۾ آڻي بيهاري.

تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو روزگار جي تلاش ۾ 1976ع ۾ ڪراچي ويو، جتي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، پر سرڪاري نوڪري سندس مزاج سان ٺهڪي نه آئي. 1978ع ۾ نوڪري ڇڏي واپس نوابشاهه موٽي آيو ۽ ڪجهه وقت سياست ۾ به سرگرم رهيو. ان دور ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ خلاف احتجاج ۾ حصو وٺڻ سبب کيس جيل وڃڻو به پيو، جيڪو سندس شخصيت ۾ جرئت ۽ مزاحمت جو هڪ اهم پهلو ظاهر ڪري ٿو.

فني سفر جي شروعات هن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڊرامي “ٻيو شخص” سان ڪئي. ٿوري ئي وقت ۾ سندس اداڪاري ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لڳي ۽ هو هڪ کان پوءِ ٻئي اهم ڊرامي ۾ نظر اچڻ لڳو. “تلاش”، “سام”، “جياپو”، “مٽيءَ جا ماڻهو” ۽ “غلام گردش” جهڙن سنڌي ڊرامن ۾ هن پنهنجي فني قابليت جو پورو ثبوت ڏنو. ان سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به هن پاڻ مڃرايو ۽ “زينت”، “روش”، “نوري ڄام تماچي”، “ٽيپو سلطان” ۽ “ساگر ڪا آنسو” جهڙن يادگار منصوبن جو حصو بڻيو.

ٽيليويزن سان گڏ گلاب چانڊئي ٿيٽر ۽ فلمن ۾ به سرگرم رهيو. سندس پهرين فلم “دشمن” هئي، جنهن کانپوءِ “محب شيدي”، “سرگم” ۽ ٻين فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ هر قسم جا ڪردار ادا ڪيا، پر خاص طور تي منفي ڪردارن ۾ سندس اداڪاري تمام گهڻي مقبول ٿي. “مارئي”، “چاند گرهن” ۽ “بي وفائيان” جهڙن ڊرامن ۾ سندس ڪردار اڄ به ناظرين کي ياد آهن. مجموعي طور هن 300 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ ڇهن فلمن ۾ ڪم ڪيو، جيڪو پاڻ ۾ هڪ وڏو رڪارڊ آهي.

فني دنيا کان ٻاهر به هو سماجي ۽ سياسي معاملن سان لاڳاپيل رهيو. هن ٻه ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. 2016ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو ۽ بيماري جي حالت هوندي به پارٽي جي مارچن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. سندس فني خدمتن جي مڃتا طور 2016ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو. 18 جنوري 2019ع تي سندس وفات ٿي، پر گلاب چانڊئي پنهنجي اداڪاري، جدوجهد ۽ سچائيءَ سبب پاڪستاني ڊرامي جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)