DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌي ميڊيا جي دنيا اڄ هڪ اهڙي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن پنهنجي فن، فڪر ۽ جدوجهد سان هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. نامياري اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر ظلِ هما رڳو هڪ فنڪاره نه هئي، پر هوءَ سنڌي ثقافت، عورت جي سگهه ۽ تخليقي آزاديءَ جي علامت پڻ هئي.

ظلِ هما پنهنجي فني سفر جي شروعات اداڪاريءَ کان ڪئي، جتي هن مختصر وقت ۾ ناظرین جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي. سندس اداڪاريءَ ۾ سچائي،  ۽ ڪردار سان مڪمل انصاف نظر ايندو هو. هوءَ هر ڪردار کي نھ فقط ادا  ڪندي هئي، پر ان ڪردار ۾ ڄڻ  جيئندي هئي.
اداڪاريءَ سان گڏ، ظلِ هما هدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ به بهادر قدم رکيو. هڪ عورت هدايتڪار طور، هن ڪيترن ئي سماجي موضوعن کي جرئت سان پيش ڪيو. سندس ڊائريڪشن ۾ ٺهيل ڪمن ۾ عورتن جا مسئلا، سماجي ناانصافيون، ۽ سنڌي سماج جون حقيقتون نمايان نظر اچن ٿيون. هوءَ ميڊيا کي رڳو تفريح نه، پر سجاڳيءَ جو ذريعو سمجهندي هئي.

ظلِ هما جي شخصيت سادي، محنتي ۽ بااصول هئي. هوءَ نوجوان فنڪارن لاءِ اتساهه جو ذريعو هئي ۽ هميشه سکڻ ۽ سيکارڻ تي يقين رکندي هئي. سندس وڃڻ سان سنڌي ميڊيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڀرڻ ايترو سولو نه آھي!.
اڄ جڏهن هوءَ اسان ۾ موجود ناهي، تڏهن به سندس ڪم، سوچ ۽ جدوجهد هميشه زنده رهندي. ظلِ هما جي موڪلاڻي يقينن  سنڌي ميڊيا ۾ وڏو خال آهي، پر سندس يادون ۽ خدمتون سنڌي ميڊيا جي تاريخ ۾ ھميشھ ياد ڪيون وينديون.

الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل ڏئي. آمين.