قومي راڳي ”سرمد سنڌي
(ورسيءَ جي مناسبت سان)
سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. هن خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ 7 مئي 1958ع تي جنم ورتو، ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو، تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو، پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا.
سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.. سرمد سنڌي جو ان حادثي کان اڳ به هڪ روڊ حادثو ٿيو، جنهن ۾ سرمد کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا هئا. سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت ”لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ ڳايو جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ جو ن وايون ڳايون آهن. سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ ” او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، انقلاب ساٿيو، وغيرھ..