DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌي ادب هڪ اهڙو وسيع آسمان آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو بہھ پيدا ٿيا آهن، جيڪي نہھ رڳو پنهنجي لکڻين سان، پر پنهنجي فڪر ۽ اصولن  سان بھ ياد رکيا ويا آهن. اهڙو ئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو نالو ممتاز مھر پڻ هو، سندس لاڏاڻي تي سنڌي ادب  هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي ويو آهي.
ممتاز مھر 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ پوليس عملدار محمد سلمان مھر جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي (1966ع) ۽ صحافت ۾ بہ سرگرم رهيو، پر سندس بنيادي سڃاڻپ سندس ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار طور رهي.
سندس اهم ڪتابن ۾ شامل :
زندگيءَ جو وهڪرو (ڪهاڻيون، 1977ع)
ويچار (ادبي تنقيد، 1980ع)
سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر (تنقيدي جائزو، 1983ع)
منزل (ڪهاڻيون، 1983ع)
جڏهن مان چوهٺ جو هوندس (ڪهاڻيون، 2010ع)
انهن ڪتابن ۾ سندس فڪري بيباڪي، تنقيدي بصيرت ۽ زندگيءَ جي حساسيت جي عڪاسي ملي ٿي. ممتاز مھر جو مقصد صرف ادب سرجڻ نہھ هو، پر لکڻ جو مقصد سنڌي سماج ۽ ڪهاڻين ۾ انساني احساس کي اجاگر ڪرڻ هو.
سندس شخصيت ۾ هڪ منفرد مزاج وارو انسان هو. هر ڪنهن سان پيار محبت سان ملڻ. شفقت وارو عنصر سندس وڏ ماڻهپي کي اجاگر ڪري ٿو. ممتاز مهر اصولي طور تي بيباڪ ۽ محفلن ۾ پنهنجو موقف رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو. ڪجهہ ماڻهن سان سندس اختلاف پڻ رهيا، پر اهي ئي سندس ادبي خودمختياري جو پڻ ثبوت آهن.
ممتاز مھر 24 جنوري 2026ع تي اسان کان هميشہ جي لاءِ موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، پر سندس ڪتاب، تنقيد ۽ يادگار ڪهاڻيون اسان وٽ هميشہ سنڌي ادب ۾ زنده رهنديون. سندس فڪر، اصول ۽ بيباڪ آواز ايندڙ نسلن لاءِ روشنيءَ جي هڪ باب بڻجي اڀرندو رهندو.
سنڌي ادب سندس خدمتن کي هميشہ ياد رکندو. پڙهندڙ ۽ شاگرد سندس فڪر ۽ لکڻين مان لاڀ پرائيندا رهندا.

***