سنڌي ادب هڪ اهڙو وسيع آسمان آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو بہھ پيدا ٿيا آهن، جيڪي نہھ رڳو پنهنجي لکڻين سان، پر پنهنجي فڪر ۽ اصولن سان بھ ياد رکيا ويا آهن. اهڙو ئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو نالو ممتاز مھر پڻ هو، سندس لاڏاڻي تي سنڌي ادب هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي ويو آهي.
ممتاز مھر 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ پوليس عملدار محمد سلمان مھر جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي (1966ع) ۽ صحافت ۾ بہ سرگرم رهيو، پر سندس بنيادي سڃاڻپ سندس ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار طور رهي.
سندس اهم ڪتابن ۾ شامل :
زندگيءَ جو وهڪرو (ڪهاڻيون، 1977ع)
ويچار (ادبي تنقيد، 1980ع)
سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر (تنقيدي جائزو، 1983ع)
منزل (ڪهاڻيون، 1983ع)
جڏهن مان چوهٺ جو هوندس (ڪهاڻيون، 2010ع)
انهن ڪتابن ۾ سندس فڪري بيباڪي، تنقيدي بصيرت ۽ زندگيءَ جي حساسيت جي عڪاسي ملي ٿي. ممتاز مھر جو مقصد صرف ادب سرجڻ نہھ هو، پر لکڻ جو مقصد سنڌي سماج ۽ ڪهاڻين ۾ انساني احساس کي اجاگر ڪرڻ هو.
سندس شخصيت ۾ هڪ منفرد مزاج وارو انسان هو. هر ڪنهن سان پيار محبت سان ملڻ. شفقت وارو عنصر سندس وڏ ماڻهپي کي اجاگر ڪري ٿو. ممتاز مهر اصولي طور تي بيباڪ ۽ محفلن ۾ پنهنجو موقف رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو. ڪجهہ ماڻهن سان سندس اختلاف پڻ رهيا، پر اهي ئي سندس ادبي خودمختياري جو پڻ ثبوت آهن.
ممتاز مھر 24 جنوري 2026ع تي اسان کان هميشہ جي لاءِ موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، پر سندس ڪتاب، تنقيد ۽ يادگار ڪهاڻيون اسان وٽ هميشہ سنڌي ادب ۾ زنده رهنديون. سندس فڪر، اصول ۽ بيباڪ آواز ايندڙ نسلن لاءِ روشنيءَ جي هڪ باب بڻجي اڀرندو رهندو.
سنڌي ادب سندس خدمتن کي هميشہ ياد رکندو. پڙهندڙ ۽ شاگرد سندس فڪر ۽ لکڻين مان لاڀ پرائيندا رهندا.
***