بائيبل جي مقدس ڪتاب زبور ۾ وطن کان وڇڙيل ماڻهن جي هڪ اهڙي دانهن درج آهي، جيڪا صدين کان وفاداريءَ جو عالمي استعارو بڻيل آهي. زبور ۾ لکيل آهي ته: اي يروشلم! جيڪڏهن مان توکي وساريان، ته منهنجو سڄو هٿ پنهنجو هنر وساري ويهي. جيڪڏهن مان توکي ياد نه رکان، ته منهنجي زبان منهنجي تارونءَ سان چمڪي وڃي“. هي لفظ تڏهن چيا ويا هئا جڏهن يروشلم جي ماڻهن کي قيد ڪري پنهنجي وطن کان پري ڪيو پئي ويو. هنن اها دعا گهري هئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي وطن ۽ مقدس شهر کي وساري ڇڏين ته سندن ڳالهائڻ جي طاقت (زبان) ختم ٿي وڃي.
هي قول دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي مٽيءَ ۽ وطن سان بي پناهه محبت جي سڀ کان وڏي مثال طور سڃاتو وڃي ٿو. هن قول جي ڀيٽ وڇڙي ويل ڌرتي جي ڌرتي واسين جي ۽ استاد بخاريءَ جي سچي عاشق ڪامريڊ ممتاز رڏ سان ڪيون ٿا، اها ڳالهه ٺهڪي ٿي پئي بيهي ته، هن جو به ساڳيو ئي مٿيون قول جيان اهو نظريو هو، جيڪي پنهنجي ڌرتي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو. ڪامريڊ ممتاز رڏ تازو ئي 4 فيبروري تي الوداعي هٿ لوڏيندي اسان کان جسماني طور سدائين لاءِ هليو ويو آهي. جنهن جي وڇوڙي سان نه صرف مٺڙي جي اوسي پاسي وارن علائقن، پر پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن، شاعرن، اديبن، هارين، اڳواڻن کي گهرو صدمو پهتو آهي. سائين ممتاز رڏ جي شخصيت جي سڃاڻپ ڪيترن ئي پاسن کان وطن پرست شخص طور رهي. سندس اهو نظريو هو ته سنڌ کي سوين مشڪلاتن کان آجي، خوشحال ڏسان، مان نه ڏسان ته منهنجو مستقبل ضرور ڏسي. جنهن لاء سندس ڪيل تعليم، سياسي، سماجي پاسن کان پرڀور جدوجهد جي پوري سنڌ گواهه آهي. پاڻ ڳائيندو به هيو. جيڪو ڳالهائڻ سندس انقلاب ۽ بخاريءَ سان پيار جو ثبوت هو. خاص ڪري استاد بخاري جي سٽن جيان:
تڙڪي جي ھٿان سمنڊ سڪي ناممڪن
ڪڪرن جي اڳيان ڪوهه ڊڪي ناممڪن
تاريخ ڪري ڪوڪ چيو ھڪ ھڪ کي
ناحق جي اڳيان حق جھڪي ناممڪن.
سدائين قول فعل ۾ اٽل رهيو. پورو علائقو اها گواهي ڏيندو ته ڪامريڊ ممتاز رڏ ڪڏهن به سياسي ظلم بربريت تي Compromise نه ڪيو. هو هڪ وڏو ماڻهو هو. پروگرامن جي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ ڌرتي جو پيار پيدا ڪرڻ جو ڪمال فن رکندو هو. پنهنجي نسلن ۾ سوچ لوچ ۽ ادبي لوڪ ورثن، جهڙوڪ مچ ڪچهري، دنيا جي انقلابي شخصيتن جون ورسيون ملهائي، انهن جي فڪر کي پکيڙڻ جو وڏو ڪم هن اڪيلي سر ڪري ڏيکاريو. استاد منظور علي خان جهڙي خانصاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي استاد سان به سندس ويجهڙائي رهي جيڪو ڪيترائي چڪر مٺڙي آيو، وڏيون محفلون رچايون، اهو سڀ استاد بخاري جي هڪ سچي عاشق اڪيلي سر ڪم هيو. سماجي برائِن جي روڪ ٿام لاءِ ڪيل سندس جدجهد به ڪنهن مثالي شخص کان گهٽ ناهن، جنهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي. ڪامريڊ ممتاز رڏ جو وڇوڙو ڏاڍو گهرو وڇوڙو آهي، جو اسان جي تر جو هڪ ڏاهو عظيم انسان وڇڙي ويو. اڃان ته سنڌ کي سندس حب الوطن جدوجهد جي ضرورت هئي، اڃان ته سماج جي ماڻهن کي ڪامريڊ ممتاز کان سکڻو هيو، ۽ اڃان ته سندس سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون، پر افسوس جو هو جلدي الوداعي هٿ لوڏيندو ابي ننڊ سمهي پيو. سندس ياد بخاري جي سٽن جيان سدائين اسان جي دلين ۾ رهندي:
سانگين سان گڏ سالگراهه ۾،
وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.