موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
بائيبل جي مقدس ڪتاب زبور ۾ وطن کان وڇڙيل ماڻهن جي هڪ اهڙي دانهن درج آهي، جيڪا صدين کان وفاداريءَ جو عالمي استعارو بڻيل آهي. زبور ۾ لکيل آهي ته: اي يروشلم! جيڪڏهن مان توکي وساريان، ته منهنجو سڄو هٿ پنهنجو هنر وساري ويهي. جيڪڏهن مان توکي ياد نه رکان، ته منهنجي زبان منهنجي تارونءَ سان چمڪي وڃي“. هي لفظ تڏهن چيا ويا هئا جڏهن يروشلم جي ماڻهن کي قيد ڪري پنهنجي وطن کان پري ڪيو پئي ويو. هنن اها دعا گهري هئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي وطن ۽ مقدس شهر کي وساري ڇڏين ته سندن ڳالهائڻ جي طاقت (زبان) ختم ٿي وڃي.
​هي قول دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي مٽيءَ ۽ وطن سان بي پناهه محبت جي سڀ کان وڏي مثال طور سڃاتو وڃي ٿو. هن قول جي ڀيٽ وڇڙي ويل ڌرتي جي ڌرتي واسين جي ۽ استاد بخاريءَ جي سچي عاشق ڪامريڊ ممتاز رڏ سان ڪيون ٿا، اها ڳالهه ٺهڪي ٿي پئي بيهي ته، هن جو به ساڳيو ئي مٿيون قول جيان اهو نظريو هو، جيڪي پنهنجي ڌرتي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو. ڪامريڊ ممتاز رڏ تازو ئي 4 فيبروري تي الوداعي هٿ لوڏيندي اسان کان جسماني طور سدائين لاءِ هليو ويو آهي.  جنهن جي وڇوڙي سان نه صرف مٺڙي جي اوسي پاسي وارن علائقن، پر پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن، شاعرن، اديبن، هارين، اڳواڻن کي گهرو صدمو پهتو آهي. سائين ممتاز رڏ جي شخصيت جي سڃاڻپ ڪيترن ئي پاسن کان وطن پرست شخص طور رهي. سندس اهو نظريو هو ته سنڌ کي سوين مشڪلاتن کان آجي، خوشحال ڏسان، مان نه ڏسان ته منهنجو مستقبل ضرور ڏسي. جنهن لاء سندس ڪيل تعليم، سياسي، سماجي پاسن کان پرڀور جدوجهد جي پوري سنڌ گواهه آهي. پاڻ ڳائيندو به هيو. جيڪو ڳالهائڻ سندس انقلاب ۽ بخاريءَ سان پيار جو ثبوت هو. خاص ڪري استاد بخاري جي سٽن جيان:
تڙڪي جي ھٿان سمنڊ سڪي ناممڪن
ڪڪرن جي اڳيان ڪوهه ڊڪي ناممڪن
تاريخ ڪري ڪوڪ چيو ھڪ ھڪ کي
ناحق جي اڳيان حق جھڪي ناممڪن.
سدائين قول فعل ۾ اٽل رهيو. پورو علائقو اها گواهي ڏيندو ته ڪامريڊ ممتاز رڏ ڪڏهن به سياسي ظلم بربريت تي Compromise نه ڪيو. هو هڪ وڏو ماڻهو هو. پروگرامن جي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ ڌرتي جو پيار پيدا ڪرڻ جو ڪمال فن رکندو هو. پنهنجي نسلن ۾ سوچ لوچ ۽ ادبي لوڪ ورثن، جهڙوڪ مچ ڪچهري، دنيا جي انقلابي شخصيتن جون ورسيون ملهائي، انهن جي فڪر کي پکيڙڻ جو وڏو ڪم هن اڪيلي سر ڪري ڏيکاريو. استاد منظور علي خان جهڙي خانصاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي استاد سان به سندس ويجهڙائي رهي جيڪو ڪيترائي چڪر مٺڙي آيو، وڏيون محفلون رچايون، اهو سڀ استاد بخاري جي هڪ سچي عاشق اڪيلي سر ڪم هيو. سماجي برائِن جي روڪ ٿام لاءِ ڪيل سندس جدجهد به ڪنهن مثالي شخص کان گهٽ ناهن، جنهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي. ڪامريڊ ممتاز رڏ جو وڇوڙو ڏاڍو گهرو وڇوڙو آهي، جو اسان جي تر جو هڪ ڏاهو عظيم انسان وڇڙي ويو. اڃان ته سنڌ کي سندس حب الوطن جدوجهد جي ضرورت هئي، اڃان ته سماج جي ماڻهن کي ڪامريڊ ممتاز کان سکڻو هيو، ۽ اڃان ته سندس سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون، پر افسوس جو هو جلدي الوداعي هٿ لوڏيندو ابي ننڊ سمهي پيو. سندس ياد بخاري جي سٽن جيان سدائين اسان جي دلين ۾ رهندي:
سانگين سان گڏ سالگراهه ۾،

وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.