DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
27 نومبر 1994ع واري ڏينھن، مان اڃا ٽن مھينن جو ھوس، جو سنڌ جي بھادر ۽ سرويچ اڳواڻ سيف الرحمان جتوئيءَ کي سندس خيرپور واري گھر کان سڏ پنڌ تي گھات لڳائي شھيد ڪيو ويو!
اسان جنگ و جدل جي پاڇي ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا آھيون. گھڻن ئي پيارن جا لاش ننڍڙن پتڪڙن ڪلھن تي کڻي قبر ڀيڙا ڪيا آھن.
انھن جا ختما درود انھن جي شايان شان ڪري ۽ پوءِ انھن جا پلاند ڪري انھن کي مٽيءَ ماءُ حولي ڪري ذري گھٽ وساري چڪا آھيون، پر سچ اھو آھي تھ شھيد سيف الرحمان جو ناحق خون اسان اڄ ڏينھن تائين وساري ناھيون سگھيا. ان جو سبب شايد اھو پڻ آھي تھ شھيد جي خون ناحق جو پوريءَ ريت پلاند ناھي ڪيو ويو!
مون پنھنجي والد کان ھڪ دفعي انتھائي سنجيدگيءَ وچان پڇيو:
“سيف جتوئيءَ جا قاتل ڪير ھيا؟؟”
منھنجي والد مختصر جواب ڏيندي چيو ،“سيف جتوئي کي سنڌ خاطر جنگ جوٽڻ جي تياري ۾ وقت کان اڳ دشمن گھات لڳائي ماري وڌو.” ھن جوڌي پنھنجي زندگي جون فقط 27 بھارون ڏٺيون ۽ شھيد ڪيو ويو.
بھادر ۽ بيباڪ سيف جتوئي جيڪڏھن ان گھات مان بچي وڃي ھا تھ سچ پڇ بھ وڏي جنگ جوٽي وجھي ھا!
اسان کي ان گھات لڳايل خون ناحق جي تفصيل پڇڻ جي ڪڏھن بھ ھمت ناھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ دشمن ايترو طاقتور آھي، جو ان سان اسين اڄ بھ اڪيلا جنگ نھ ٿا ڪري سگھون!
ھون بھ اسان جي خاندان جي خمير ۾ ئي نھ آھي جو اسين پنھنجي ستن نسلن جي سڀ کان عظيم بھادر ۽ سرويچ جي خون ناحق جو پلاند نھ ڪريون!
افغان چوڻي آھي تھ“ھڪ سئو سالن کان پوءِ بھ جي پلاند ڪيو وڃي تھ ان کي دير نھ سمجھڻ گھرجي. سنڌيءَ جي بھ چوڻي آھي:“پلاند پراڻا ناھن ٿيندا.”

اي سنڌ جا عظيم سرويچ! اسين توسان وچن ٿا ڪريون تھ اسين تنھنجو خون دشمن کي کائڻ نھ ڏينداسين، ڀل تنھنجو قاتل رياست کان بھ وڌيڪ طاقتور ڇو نھ ھجي!!