27 نومبر 1994ع واري ڏينھن، مان اڃا ٽن مھينن جو ھوس، جو سنڌ جي بھادر ۽ سرويچ اڳواڻ سيف الرحمان جتوئيءَ کي سندس خيرپور واري گھر کان سڏ پنڌ تي گھات لڳائي شھيد ڪيو ويو!
اسان جنگ و جدل جي پاڇي ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا آھيون. گھڻن ئي پيارن جا لاش ننڍڙن پتڪڙن ڪلھن تي کڻي قبر ڀيڙا ڪيا آھن.
انھن جا ختما درود انھن جي شايان شان ڪري ۽ پوءِ انھن جا پلاند ڪري انھن کي مٽيءَ ماءُ حولي ڪري ذري گھٽ وساري چڪا آھيون، پر سچ اھو آھي تھ شھيد سيف الرحمان جو ناحق خون اسان اڄ ڏينھن تائين وساري ناھيون سگھيا. ان جو سبب شايد اھو پڻ آھي تھ شھيد جي خون ناحق جو پوريءَ ريت پلاند ناھي ڪيو ويو!
مون پنھنجي والد کان ھڪ دفعي انتھائي سنجيدگيءَ وچان پڇيو:
“سيف جتوئيءَ جا قاتل ڪير ھيا؟؟”
منھنجي والد مختصر جواب ڏيندي چيو ،“سيف جتوئي کي سنڌ خاطر جنگ جوٽڻ جي تياري ۾ وقت کان اڳ دشمن گھات لڳائي ماري وڌو.” ھن جوڌي پنھنجي زندگي جون فقط 27 بھارون ڏٺيون ۽ شھيد ڪيو ويو.
بھادر ۽ بيباڪ سيف جتوئي جيڪڏھن ان گھات مان بچي وڃي ھا تھ سچ پڇ بھ وڏي جنگ جوٽي وجھي ھا!
اسان کي ان گھات لڳايل خون ناحق جي تفصيل پڇڻ جي ڪڏھن بھ ھمت ناھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ دشمن ايترو طاقتور آھي، جو ان سان اسين اڄ بھ اڪيلا جنگ نھ ٿا ڪري سگھون!
ھون بھ اسان جي خاندان جي خمير ۾ ئي نھ آھي جو اسين پنھنجي ستن نسلن جي سڀ کان عظيم بھادر ۽ سرويچ جي خون ناحق جو پلاند نھ ڪريون!
افغان چوڻي آھي تھ“ھڪ سئو سالن کان پوءِ بھ جي پلاند ڪيو وڃي تھ ان کي دير نھ سمجھڻ گھرجي. سنڌيءَ جي بھ چوڻي آھي:“پلاند پراڻا ناھن ٿيندا.”
اي سنڌ جا عظيم سرويچ! اسين توسان وچن ٿا ڪريون تھ اسين تنھنجو خون دشمن کي کائڻ نھ ڏينداسين، ڀل تنھنجو قاتل رياست کان بھ وڌيڪ طاقتور ڇو نھ ھجي!!