DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. فلم انڊسٽري ۾ ’اسراني‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. راجسٿان ڪاليج جئپور مان گريجوئيشن ڪئي. تعليم دؤران هن آل انڊيا ريديو، جئپور ۾ وائيس آرٽسٽ طور ڪم ڪيو. 1960ع کان 1962ع تائين ساهتيه ڪلڀاڻي ٺڪر کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1962ع ۾ اداڪاري لاءِ جئپور کان ممبئي جو سفر ڪيو. 1974ع ۾ هن پنھنجي پھرين گجراتي فلم ۾، مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن پنھنجي فني ڪيريئر جي پھرين هندي فلم ’ہری کانچ کی چوڑیاں‘ ۾ ڪردار نڀايو. فلم ’شعلے‘ ۾ سندس جيلر جي ڪردار جو ڊائلاگ ’ہ انگريزوں کے زمانے کے جیلر ہیں‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن 350 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾: ’تقدير والا‘، ’هيرا پهیری‘، ’چپ چپ کے‘، ’دیوانے ہوئے پاگل‘،’آج کی تازا خبر‘،’ ہلچل‘ ۽ ٻيون شامل آهن.
هن ڪجهه فلمن ۾ هدايتڪاري پڻ ڪئي جن ۾: ’دل ہی تو ہے‘، ’سلام میم صاحب‘ ۽ ٻيون شامل آهن. فلم ’آج کی تازا خبر‘ (1974ع) ۽ ’بالیکا بدهو ‘ (1977ع) فلمن تي اوارڊ حاصل ڪيا. سندس شادي اداڪاره منجو بنسل سان ٿيل آهي. جنھن مان کيس هڪ پٽ نوين جو اولاد آهي.
پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فلمي دنيا تي راڄ ڪندڙ اسراني لڳ ڀڳ  350   فلمن ۾ ڪم ڪيو۔  سندس سڀ کان يادگار ڪردار فلم "شعله" ۾ جيلر جو ڪردار هو، جيڪو اڄ به شوق سان ياد ڪيو وڃي ٿو۔.
گوورڌن اسراني 21 آڪٽوبر 2025ع تي  ممبئي ۾ ديھانت ڪري ويو، پر سندس فن ۽ ڪردار هميشه لاءِ مداحن جي دلين ۾ زنده رهندا!

(انسائيڪلوپيڊيا جي ٿورن سان)