موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ماسٽر چندر(اصل نالو ”چاڊو مَل ڏامواڻي هڪ ڳائڻو، سنگيت آچاريه، ميوزڪ هدايتڪار ۽ شاعر هو جنهن سنڌي ٻولي جا سوين گانا ڳايا.

سندس جنم ٺاروشاهه ۾ ٿيو. هن پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ پيار بابت ڪلام ۽ گانا ڳايا. موسيقي ۽ گائڪي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سنڌ جو ڀلوڙ رڳي 1907-12-12ع تي ٺارو شاهه ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتوهن 12 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي گيتن ذريعي هندو مسلم ايڪتا جو جذبو جاڳايو. هن جي معروف ڪلامن ”رٺائي رهن پر، هجن حياتي“ ۾ هڪ محبت جو گاڏو آهي، چندر ”ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان“ تمام گهڻي  شهرت حاصل ڪئي. هن جي گيتن ۾ محبت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام شامل آهي. جنهن کي جهڙي به وقت ٻڌجي تھ راحت نصيب ٿيندي آهي. ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر چندر پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ماسٽر چندر جڏهن فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو ته هن پهرين فلم هيرو جو ڪردار ادا ڪيو، ماسٽر چندر  47 سال فلي دنيا کي وقف ڪيا، ماسٽر چندر پلي بيڪ ڳائڻو هو، فلم ”موت ڪا طوفان“ ۾ هن گيت ڳايا ماسٽر چندر هڪ فنڪار سان گڏوگڏ هڪ بهترين اداڪار، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. اليڪٽرڪ سازن جي دنيا ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ٿيو. هن سنڌ ۽ موسيقي کي جديد طريقي سان متعارف ڪرايو. ماسٽر چندر جو من موهيندڙ آواز انسان جي سندس نس نس کي چمندو هو. 22 ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ 3000 ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. جڏهن هن مندرن ۽ درگاهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دوران سنڌ جي عظيم فنڪار ڪنور ڀڳت ڪنول رام ان جو ڳائڻ ٻڌو ته ڀڳت ڪنور رام کيس آشيرواد ڏيندي چيو ته چندر فني دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر 400 گراهم فونو رڪارڊ ڪرايا. پنهنجي سموري زندگي فن ۽ موسيقي کي ارپيندڙ ۽ هزارين دلين تي اڄ به راڄ ڪندڙ ماسٽر چندر جا ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، باشعور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اڄ به ماسٽر چندر جي امر ڪلامن جي غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو آهي، اڄوڪي هن پاپ ميوزڪ واري دور جنهن ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي پر ماسٽر چندر سنڌ جي اها مهان هستي آهي، جنهن جي ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا مهان فنڪار سُر ۾ ممتاز علي لاشاري جهڙا بهترين راڳي پڻ سدا بهار ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن، سنڌ جي هن عظيم هستي کي اسان کان وڇڙيئي ستاويهه سال ٿي چڪا آهن پر هي اڄ به هر باشعور جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو، سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار 77 سالن جي ڄمار ۾ 3 نومبر 1984ع ۾ ديهانت ڪري ويو.