اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي 'اياز'
(ورسيءَ جي مناسبت سان)
شيخ اياز آرٽ کي اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو، ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اُپٽار نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحرڪ برپا ڪري سگهجي ٿو. هو عوام جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پُر اثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:
ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو،
ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن ناهي پاڻ کي.
(جهڙ نيڻان نه لهي)
هن هڪ ئي وقت دنيا جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻي پاسي پنهنجي دڳ ۽ ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن کان به با خبر هو. اياز دنيا جي جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو داعي ٿي پيو هو؟ عوام کي اُڀارڻ هن جي شاعري جو منشور هو؟
وَڃو، ڪنويليو، وَڃو!
وڃي پرينءَ کي چئو،
اڃا ته جاڳ ٿي جَلي،
اڃا ته ويڙهه ٿِي هَلي...
( رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)
سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحيي خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. 1955ع کان نومبر 1969ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب 'ڀونر ڀري آڪاس' 1964ع ۾، 'ڪلهي پاتم ڪينرو' 1968ع ۾، 'جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي' 1986ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر 1965ع کان ڊسمبر 1965ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر 1968ع کان فيبروري 1969ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي 1971ع کان جنوري 1972ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.
هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:
"مون ته چيو هو تو کي، بابا!"
۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا_
"اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،
" جو توتي زنجير وجهن ٿا!
"توکي ديس_ دُروهي ڪوٺي،
" ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا"_