موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
27 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏکوئيندڙ ڏينهن هو،جيڪو هر سال قوم جي دلين کي ٻيهر زخمي ڪري ڇڏي ٿو.اهو ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي جان قربان ڪري جمهوريت،آئين ۽ عوامي حقن جي حفاظت ڪئي.هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي،پر هڪ فڪر،هڪ تحريڪ ۽ هڪ جدوجهد جو نالو هئي.
محترمه بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو.هن ابتدائي تعليم پاڪستان ۾ حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين مان حاصل ڪئي.تعليم سان گڏوگڏ سياسي شعور،عوامي درد ۽ قومي سوچ کيس ورثي ۾ ملي. پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ،محترمه بينظير ڀٽو هڪ اهڙي دور ۾ سياست ۾ قدم رکيو، جڏهن ملڪ تي آمريت جو ڪارو دور ڇانيل هو.
آمريت خلاف جدوجهد دوران هن جيلون ڪاٽيون،نظر بنديون ڀوڳيون،پر ڪڏهن به اصولن تان پوئتي نه هٽي.هوءَ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي نه رڳو ملڪ، پر سڄي اسلامي دنيا ۾ عورت قيادت لاءِ نئون باب کوليو.سندس حڪومتن دوران صحت، تعليم،عورتن جي حقن، ميڊيا جي آزادي ۽ سماجي انصاف لاءِ اهم قدم کنيا ويا.
محترمه بينظير ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو ته هوءَ جمهوريت تي يقين رکندي هئي.هوءَ ووٽ جي طاقت تي ڀروسو ڪندي هئي ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. ان ڪري ئي هوءَ سازشن جو شڪار ٿي27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسي کانپوءِ کيس دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو. سندس شهادت سان نه رڳو پاڪستان،پر پوري دنيا ۾ جمهوريت پسند حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.
شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ به سندس فڪر زنده آهي.“جمهوريت بهترين انتقام آهي” وارو جملو اڄ به هر ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙن لاءِ مشعل راهه آهي.بينظير ڀٽو عورتن لاءِ اميد، نوجوانن لاءِ حوصلو ۽ مظلومن لاءِ آواز هئي.هن ثابت ڪيو ته قيادت جنس نه،پر سوچ، حوصلي ۽ قرباني سان ماپي ويندي آهي.
اڄ جڏهن ملڪ ڪيترن ئي سياسي، معاشي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.جمهوريت جي بقا، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي حفاظت ئي سندس حقيقي ورثو آهي.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جسماني طور اسان کان جدا ٿي وئي، پر سندس جدوجهد، سوچ ۽ قرباني هميشه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ زنده رهندي.هوءَ هڪ شخص نه،پر هڪ عظيم داستان هئي، جيڪا هر دور ۾ ظلم خلاف آواز بڻجي رهندي.