محبت، مذھبي رواداري، امن، سلامتي ۽ عالم بني آدم جي نظريي سان عشق ڪندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم، بااثر ۽ فڪري اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ، سنڌي قوم ۽ آزاديءَ جي خيال لاءِ وقف ڪئي. سندس پورو نالو غلام مصطفيٰ سيد هو. 17 جنوري 1904ع تي سنڌ جي ضلعي دادو جي ڳوٺ سَن ۾ پيدا ٿيو.
سائين جي ايم سيد ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ سوچيندڙ ذهن جو مالڪ هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان حاصل ڪئي. نوجوانيءَ ۾ ئي هن سياست، ادب ۽ تاريخ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. هو سنڌي قوم جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ حقن بابت گهرو شعور رکندو هو.
سائين جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. شروعات ۾ هو آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو ۽ پاڪستان جي قراردات سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪراءِ قيام تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ سنڌي قوم جي حقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، تڏهن هن پنهنجي سوچ تبديل ڪئي ۽ سنڌ جي خودمختياري ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ آواز بلند ڪيو.
سائين جي ايم سيد سنڌوديش تحريڪ جو باني هو. سائين پُرامن جدوجهد، فڪري آزادي ۽ قومي شعور جو داعي هو. سندس خيال موجب تھ، ”قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن، جڏهن هو پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت کي سڃاڻينديون آهن.“
سائين جي ايم سيد 30 سال جيلن ۽ نظر بنديءَ ۾ گذاريا، پر پنهنجي اصولن تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو.
سائين جي ايم سيد هڪ وڏو ليکڪ ۽ مفڪر پڻ هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جھڙوڪ: پيغام لطيف، ديار دل داستان محبت، جئين ڏٺو آھھ مون، پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل، سنڌي ڪلچر، وغيرھ، جن ۾ سنڌ جي تاريخ، تصوف، سياست ۽ قومي مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي. سندس لکڻيون اڄ به سنڌي قوم لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو آهن.
عظيم مفڪر، عظيم رھبر ۽ اڳواڻ 25 اپريل 1995ع تي وفات ڪري ويو. سائين جي ايم سيد اھو واحد رھنما ھو، جنھن جي جنازي سان ڪڏھن قرآن پاڪ جو ورد پئي ٿيو، تھ ڪڏھن گيتا، انجيل ۽ ٻين مذھبي ڪتابن جو. عجب اتفاق اھو آھي تھ جنھن جي جنازي ۾ سڀني مذھبي ڪتابن جو ورد ٿي ٿيو، انکي ئي حيات ۾ ڪافر قرار ڏنو ويو!!
سائين جي ايم سيد جو فڪر، سوچ ۽ جدوجهد اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي شعور جو روشن مينار آھي، جنهن سنڌي قوم کي پاڻ سڃاڻڻ، پنھنجي وطن جي مالڪي جو سبق ڏنو آھي.
(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)