موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
محبت، مذھبي رواداري، امن، سلامتي  ۽ عالم بني آدم جي نظريي سان عشق ڪندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم، بااثر ۽ فڪري اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ، سنڌي قوم ۽ آزاديءَ جي خيال لاءِ وقف ڪئي. سندس پورو نالو غلام مصطفيٰ سيد هو.  17 جنوري 1904ع تي سنڌ جي ضلعي دادو جي ڳوٺ سَن ۾ پيدا ٿيو.
سائين جي ايم سيد ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ سوچيندڙ ذهن جو مالڪ هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان حاصل ڪئي. نوجوانيءَ ۾ ئي هن سياست، ادب ۽ تاريخ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. هو سنڌي قوم جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ حقن بابت گهرو شعور رکندو هو.
سائين جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. شروعات ۾ هو آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو ۽ پاڪستان جي قراردات سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪراءِ  قيام  تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ سنڌي قوم جي حقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، تڏهن هن پنهنجي سوچ تبديل ڪئي ۽ سنڌ جي خودمختياري ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ آواز بلند ڪيو.
سائين جي ايم سيد سنڌوديش تحريڪ جو باني هو. سائين پُرامن جدوجهد، فڪري آزادي ۽ قومي شعور جو داعي هو. سندس خيال موجب تھ، ”قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن، جڏهن هو پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت کي سڃاڻينديون آهن.“
سائين جي ايم سيد 30 سال جيلن ۽ نظر بنديءَ ۾ گذاريا، پر پنهنجي اصولن تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو.
سائين جي ايم سيد هڪ وڏو ليکڪ ۽ مفڪر پڻ هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جھڙوڪ: پيغام لطيف، ديار دل داستان محبت، جئين ڏٺو آھھ مون، پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل، سنڌي ڪلچر، وغيرھ،  جن ۾ سنڌ جي تاريخ، تصوف، سياست ۽ قومي مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي. سندس لکڻيون اڄ به سنڌي قوم لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو آهن.
عظيم مفڪر، عظيم رھبر ۽ اڳواڻ 25 اپريل 1995ع تي وفات ڪري ويو. سائين جي ايم سيد اھو واحد رھنما ھو، جنھن جي جنازي سان ڪڏھن قرآن پاڪ جو ورد پئي ٿيو، تھ ڪڏھن گيتا، انجيل ۽ ٻين مذھبي ڪتابن جو. عجب اتفاق اھو آھي تھ جنھن جي جنازي ۾ سڀني مذھبي ڪتابن جو ورد ٿي ٿيو، انکي ئي حيات ۾ ڪافر قرار ڏنو ويو!!
سائين جي ايم سيد جو فڪر، سوچ ۽ جدوجهد اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي شعور جو روشن مينار آھي، جنهن سنڌي قوم کي پاڻ سڃاڻڻ، پنھنجي وطن جي مالڪي جو سبق ڏنو آھي.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)