صوفي شاهه عنايت الله جهوڪ وارو سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي انقلابي ۽ فڪري شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن نه رڳو روحانيت جو درس ڏنو، پر سماجي ۽ معاشي ناانصافيءَ خلاف عملي جدوجهد به ڪئي. سترهين صديءَ ۾ جڏهن جاگيرداري نظام، مذهبي ٺيڪيداري ۽ شاهي اقتدار هارين کي چيڀاٽي رهيو هو، تڏهن شاهه عنايت جهوڪ جي ڌرتيءَ تان اهو نعره بلند ڪيو ته “جيڪو کيڙي سو کائي”.
هي سادو پر طاقتور خيال ان وقت جي حڪمرانن، زميندارن ۽ مذهبي اڳواڻن لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته ، صدين کان قائم استحصالي نظام لوڏجڻ لڳو.
شاهه عنايت پنهنجي خانقاهه کي رڳو عبادت جو مرڪز نه رکيو، پر ان کي اجتماعي زراعت، برابري ۽ انسان دوستيءَ جو عملي نمونو بڻايو. هن هارين کي گڏ ڪري گڏيل پوک جو نظام لاڳو ڪيو، جتي پيداوار ۾ سڀني جو برابر حق هو. ان عمل سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي شاهه عنايت سان اچي گڏ ٿيا. هن تحريڪ نه رڳو معاشي شعور پيدا ڪيو، پر ماڻهن کي خوف کان آزاد ٿي حق ڳالهائڻ سيکاريو. نتيجي طور جاگيردار، پير، ملا ۽ حڪومتي عملدار گڏ ٿي شاهه عنايت خلاف سازشون ڪرڻ لڳا.
ٺٽي جي صوبيدار، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مغل حڪومت جي سهڪار سان جهوڪ شريف جو گهيرو ڪيو ويو، جيڪو مهينن تائين جاري رهيو.
شاهه عنايت جا فقير گهٽ هٿيارن باوجود عظيم حوصلي سان مقابلو ڪندا رهيا.
آخرڪار جڏهن دشمن طاقت سان ڪامياب نه ٿي سگهيا ته دوکي ۽ ٺاهه جي نالي تي شاهه عنايت کي قرآن وچ ۾ ڏئي گرفتار ڪيو ويو. کيس ٺٽي آڻي مغل حاڪم جي حڪم تي 7 جنوري 1718ع تي شهيد ڪيو ويو.
شهادت وقت به سندس زبان تي عشق، حق ۽ آزاديءَ جا لفظ هئا، جيڪي اڄ به سنڌ جي فڪري تاريخ ۾ گونجندا رهن ٿا.
شاهه عنايت جي شهادت رڳو هڪ شخص جي شهادت نه هئي، پر اها هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ سماجي شعور جي قرباني هئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم شاعر به هن واقعي ڏانهن پنهنجي شاعريءَ ۾ اشارا ڪيا، جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاهه عنايت جو اثر رڳو پنهنجي دور تائين محدود نه رهيو. اڄ به “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو سنڌ جي مزاحمتي سوچ، هارين جي حقن ۽ سماجي انصاف جي علامت بڻيل آهي، ۽ شاهه عنايت شهيد هميشه لاءِ سنڌ جي تاريخ جو روشن باب رهندو.
(انسائڪلوپيڊيا جي ٿورن سان)